ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وينٽيليٽر کان وانجهيل شيخ زيد چلڊرين اسپتال

Editorial

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سنڌ ۾ صحت جون سهولتون بهتر ٿيون آهن. سرڪاري اسپتالن کي بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ اتي وڌيڪ سهولتون پيدا ڪرڻ جو ماحول جوڙيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي صرورت آهي. خاص طور تي اسپتالن ۾ موجود ٻارن جي وارڊ جا جيڪي ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، سي ڳڻتي جوڳا آهن. جڏهن ته سرڪاري اسپتالن لاءِ بجيٽ به گهڻي رکي ويندي آهي پر جيڪڏهن اها بجيٽ مناسب نموني استعمال نه ٿيندي ته پوءِ ٻارن کي طبي سهولتون به ڪونه ملي سگهنديون، تنهنڪري ان پاسي سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. تازو ئي شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ جيڪي ڪيس سامهون آيا آهن، انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت اتان جو عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڍائي ارب جي بجيٽ هجڻ باوجود شيخ زيد چلڊرين اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ٻارن جي وارڊ ۾ هڪ به وينٽيليٽر موجود ناهي، ٻارن جي وارڊ جو انچارج ڊاڪٽر شانتي لال ذاتي ڪلينڪ کي هلائڻ لا ٻه ٻه ڏينهن اسپتال جو منهن ئي نٿو ڏسي. چلڊرين اسپتال ۾ وينٽيليٽر نه هجڻ ۽ آڪسيجن کوٽ سبب ڪجهه ڏينهن دوران 7 ٻارن جي مري وڃڻ جا اطلاع مليا آهن. مري ويل ٻارڙن ۾ اسمى، اقصى، زين، اسد، حنيف سميت ٻيا شامل آهن. چلڊرين اسپتال ۾ آڪسيجن کوٽ سبب لاڙڪاڻي جي سينئر صحافي سيد جاويد شاهه سميت ڪيترائي والدين پنهنجا ٻار اسپتال مان کڻي ٻين پرائيوٽ اسپتالن ڏانهن هليا ويا. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر شانتي لال جي وارڊ ۾ آڪسيجن ختم ٿيڻ سبب مريض ٻارڙا تڙپندا رهيا، جنهن سبب وارث پنهنجي ٻارڙن کي خانگي اسپتالن ڏانهن کڻي هليا ويا آهن. لاڙڪاڻي جي سينيئر صحافي سيد جاويد شاهه جي پٽ عون محمد جيلاني کي به آڪسيجن نه ملڻ ڪري حالت خراب ٿيڻ بعد شانتي لال جي وارڊ مان خانگي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو. مريض ٻارڙن جي وارثن نالا ظاهر نه ڪندي چيو ته شانتي لال وارڊ ۾ مريض ٻارڙن کي ڏسڻ نه ٿو اچي. جڏهن ته اڍائي ارب بجيٽ باوجود ٻارن جي اسپتال ۾ هڪ به وينٽيليٽر ناهي، جنهن ڪري ٻارن جي حياتي بچائڻ جي آخري ڪوشش جي سهوليت به ختم ٿي وئي آھي. مريض ٻارڙن جي وارثن بلاول ڀٽو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شيخ زيد اسپتال جي ٻارڙن جي وارڊ ۾ آڪسيجن جي کوٽ ۽ وينٽيليٽر نه هجڻ جو نوٽيس وٺي گهربل سهولتون ڏيئي ڊاڪٽرن کي اسپتال ۾ اچڻ جو پابند بڻايو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هي بنهه گهڻي ڳڻتي واري صورتحال آهي. ٻارن جي وارڊ ۾ وينٽيليٽر جو هجڻ لازمي هوندو آهي، جيڪڏهن اتي به وينٽيليٽر نه آهن ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسپتال انتظاميه ان پاسي ڌيان ڪانه پئي ڏي ۽ نه ئي اها ڪي اهڙيون ڪوششُون ڪري رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻارن کي موت کان بچائڻ لاءِ وارڊ ۾ وينٽيليٽر ۽ ٻيون گهربل شيون آهن، اهي ترت فراهم ڪيون وڃن ۽ انتظامي ڪوتاهي جي پڻ جاچ ڪئي وڃي.

ڪڙيو گهنور واسين جو احتجاج
سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن ننڍن شهرن ۾ ماڻهو رڳو ان ڪري احتجاج ڪندا رهندا آهن جو انهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪونه ڪيون وينديون آهن، ڪڏهن اهي پاڻي نه ملڻ ڪري، ڪڏهن روڊ نه ٺهڻ ڪري، ته ڪڏهن وري اسپتالن جهڙيون اهم سهولتون نه ملڻ ڪري احتجاج ڪري سرڪار تائين پنهنجي دانهن پهچائڻ چاهيندا آهن، پر تنهن هوندي به انهن جي آواز کي اڻ ٻڌو ڪيو ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ کين ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت نه ملي سگهندي آهي. ڪڙيو گهنور به سنڌ جو اهم ترين شهر آهي، جتي آئل فيلڊ پڻ آهي پر اتان جا ماڻهو اڄ به پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب ڪڙيو گھنور جي مختلف ڳوٺن ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ ۽ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف شهرين الرحمان ھال کان ريلي ڪڍي 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري شھيد فاضل راھو چوڪ وٽ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. اڳواڻن چيو ته 15 سالن کان ڳوٺ علي بخش نظاماڻي، ڳوٺ احمد خان چانڊيو، ڳوٺ نبي بخش نظاماڻي، ڳوٺ گل حسن نوتڪاڻي، ڳوٺ نظير چانڊيو، ڳوٺ پنھون خان نظاماڻي سميت ڪيترن ڳوٺن ۾ ٽائون ڪميٽي، يونين ڪائونسل ڪڙيوگھنور انتظاميه سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن ھڪ ٽڪي جو ترقياتي ڪم نه ڪرايو آھي، جنهنڪري ڳوٺاڻان بنيادي سھولتن، پاڻي، روڊ، اسڪول، اسپتالن سميت ٻين بنيادي سھولتن کان محروم آھن. ڳوٺ علي بخش نظاماڻي ڪڙيوگھنور شھر کان صرف 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. روڊ جي سھولت نه ھجڻ سبب رھواسي برساتن ۾ سخت مشڪلاتن کي منھن ڏين ٿا، جڏهن ته ٽائون ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسل ڪڙيوگھنور ۾ ھر مھيني 30 لک روپيا بجيٽ اچي ٿي پر ڪيترن سالن کان ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيو آھي. جڏهن ته ھن تڪ جي چونڊيل نمائندن به پنهنجي تڪ جي ووٽرن جي سار نه لڌي آھي. صرف اليڪشن وارن ڏينهن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ ظاهر ٿين ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن ۾ بنيادي سھولتون ڏئي رھواسين جا اھنج ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
هي ماڻهو انهن سهولتن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، جيڪي بنا احتجاج جي کين ملڻ گهرجن. اسين سمجهون ٿا ته هنن جا مطالبا جائز آهن. انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي تحرڪ وٺڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button