ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماتم هڪ عورت جو

Editorial-Article-Mushtaq Jarwar

دنيا ۾ قيد ۽ عقوبت خانن تي گهڻُو ادب موجود آهي. اهو اسان کي انهن قيدين جون ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو، جيڪي ٻاهرين دنيا کان بي خبر ٿي ويندا آهن ۽ اهي جن مرحلن مان گذرن ٿا اهي نه رڳو اذيتناڪ هوندا آهن پر ذهني طور وڌيڪ پيڙا ڏيندڙ پڻ هوندا آهن. تنهنڪري جيڪي ناول اسان تائين ترجمي جي صورت ۾ انهن موضوعن تي پهتا آهن، اهي پڙهڻ وٽان آهن. “ماتم هڪ عورت جو” به انهن ناولن مان هڪ آهي.
هي ناول بنيادي طور هڪ ارجنٽينائي عورت سوزانا، سندس مڱيندي، ٻين عورتن ۽ مردن تي جيل ۾ فوجين پاران ٿيل قهري تشدد، تڪليفن، ڏکن ۽ اذيتن جي ڪٿا آهي جنهن جو ليکڪ عمر ريوابيلا آهي، جڏهن ته سنڌيڪار ننگر چنا آهي. هي ناول پڙهڻ کان پو پڙهندڙ تشدد ڪندڙ فوجين جي ايڏي بي رحمي ۽ تشدد پسندي ۽ وحشي هجڻ تي چڙ ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندو ۽ انهن سان نفرت ڪرڻ ۽ لاطيني آمريڪي عورتن ۽ مردن سان همدري ۽ پيار ڪرڻ لڳندو.
هن ناول جي شروعات پادري اينتونيو کي هڪ دٻي ملڻ کان ٿئي ٿي جنهن ۾ سوزانا جا جيل مان لکيل نوٽس هوندا آهن، جيڪي هن لِڪِي لِڪِي لکيا هئا، جن کي پو پادري ترتيب ڏيڻ شروع ڪندو آهي. ائين پادري هر نوٽس پڙهندو ويندو آهي ۽ سوزانا ۽ ٻين قيدين تي ٿيل تشدد جي وارتا ظاهر ٿيندي ويندي، جيڪا انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ ڏڪائيندڙ هوندي آهي. جڏهن ته هي نوٽس پڙهندي پڙهندي پادري پاڻ به هڪ پيڙا مان گذرندو رهندو آهي، جنهن سبب هن کي ڀوائتا خواب، بي چيني جهڙي ڪيفيت ورائي ويندي آهي ۽ نيٺ نفسياتي مريض ٿي ويندو آهي.
ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته فوجي پنهنجن قيدين کان سچي ڪرائڻ لا ڪيڏا بي رحم ۽ تشدد پسند ٿي ويندا هئا ۽ ڪيئن نه قيدي عورتن تي جنسي تشدد ڪري لطف اندوز ٿيندا هئا. جيئن هڪ هنڌ سوزانا ان تشدد جو احوال هن ريت لکيو آهي ته “ان سڀ ڪجهه هلندي هُو به مون کان دهشتگردن جي بارودخاني بابت پڇندو رهيو پر هُن به مون کي ورندي ڏيڻ جي وِٿي نه پئي ڏني، تنهن گهڙي اُهو همراه جيڪو وڏي عمر جي عورت کي ايذا ڏيئي رهيو هو، سو ڇوڪرِي ڏي لڙيو ۽ بجليءَ جي تارَ سبب ڇوڪري جو بدن اُٿل کائي ٻيڻو ٿي ويو ۽ وٺي ٿڙڪڻ ۽ آڪِڙِجڻ لڳو، هو انتظار ڪندو رهيو ته ڇوڪري جو بدن ساڳي حالت ۾ اچي.” يا ٻئي هنڌ لکي ٿي ته “جنهن ماڻهو اِن سڄي عمل جي ذميواري کنئي هئي تنهن پاڪي کنئي ۽ اُنَ ماڻهو جي ٻانهن تان ماسَ جا ننڍا ننڍا ٽُڪر ڪپڻ لڳو. قيدي رَڙڻ ۽ تڙپڻ لڳو، هُنَ جي زور سان ڦٿڪڻ جي ڪري هڪ ڀيرو پاڪي ماسَ اندر لهِي ويس ۽ لڳو ته رڳ ڪپجي ويس. رت جو ڦوهارو نڪتو ۽ ٽارچر ڪرڻ واري جي ٻُوٿَ کي ڀُڄائي ويو.”
ائين سڄي ناول ۾ قيدين تي قهري تشدد جو احوال آهي، جيڪو انتهائي پيڙا ڏيندڙ آهي، پر پو به قيدي پنهنجن ساٿين ۽ پنهنجي ڪم ڪار جي باري ۾ هڪڙو اکر به نه ٻڌائيندا هئا، بلڪه فوجين جي منهن تي ٿڪون اڇلائي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا هئا. هن ناول ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ويو آهي ته آمريڪي ان جنگ کي عيسائي مذهب جي بچا جي جنگ ڪوٺي رهيا هئا ۽ اُهي فوجي ايڏا ته بي رحم ٿي ويندا هئا جو پيٽ وارين عورتن کي زوردار ڪرنٽ لڳائي ان جي ٻارن کي انهن جي پيٽ اندر ئي ماري ڇڏيندا هئا ته ڪنهن تي ڪوئن جو تشدد ڪرائيندا هئا، جيڪو انتهائي ڀوائتو آهي. ايتري قدر جو پڙهندڙ جا لڱ ڪانڊارجيو وڃن ۽ ھن ناول ۾ اهو پڻ ڏيکاريو ويو آهي ته تشدد ڪندڙ فوجي جنسي بکيا ۽ نفسياتي مريض هوندا آهن، جيڪي مختلف مختلف طريقن سان انهن قيدي عورتن مان پنهنجي جنسي بک پوري ڪندا آهن.
ناول ۾ هڪ نفسياتي مسئلي کي به کنيو ويو آهي ته قيدين تي جڏهن تشدد ڪيو ويندو هو ته اُهي پنهنجي پاڻ تي هيپناٽائيز ڪري پنهنجي جسم تي ٿيندڙ تشدد وارن عضون کي سُن ڪري ڇڏيندا هئا يا بيهوش ٿي ويندا جنهن جي ڪري انهن تي تشدد جو اثر ڪجهه گهٽ ٿيندو آهي ۽ اهو ساڳيو ئي عمل هن ناول جي اهم ڪردار سوزانا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر ناڪام ويندي آهي. ائين هر وقت جسماني ۽ جنسي تشدد ۽ ذهني ايذا کان بيزار ٿي جڏهن سوزانا زندگيءَ مان بيزار ٿي مرڻ چاهيندي آهي ته اتي هڪ اميد جو ڪرڻو اڀرندو آهي ته سوزانا کي هڪ ٻي ڳورهاري قيدي عورت ملندي آهي جنهن جي دوستي هڪ فوجي سان هوندي آهي، جيڪا سوزانا کي چوندي آهي ته تون پنهنجي ڊائري لکڻ شروع ڪر جنهن ۾ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جو احوال هجي ته جيئن اسان مان جيڪڏهن ڪو بچي سگهي ته اُُهو اِهو داستان ٻين ماڻهن پهچائي سگهي. ائين سوزانا کي اها عورت مختلف قسم جا پنا، اخبارون ۽ سگريٽن جا کوکا آڻي ڏيندي آهي جنهن تي سوزانا هر روز جو احوال لکي ان عورت کي ڏيندي آهي، جيڪو نيٺ پادري کي هڪ دٻي ۾ ملي ٿو جنهن کي پادري ڊائريءَ جي صورت ۾ ترتيب ڏيئي. ان سڄي دستاويز کي ناول جي ليکڪ عمر ريوابيلا ڏانهن موڪليندو آهي.
هن قسم جا ناول اسان کي عقوبت خانن جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي ريت عام شهري رياسي ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿي پنهنجيون حياتيون وڃائي ڇڏيندا آهن، اهي ڳالهيون جيڪي اسين عام طور تي نثر ۾ بيان نٿا ڪري سگهون. انهن کي بيان ڪرڻ لاءِ ناول ۽ ڪهاڻيءَ جو سهارو ورتو ويندو آهي. جنهن ڪري حقيقتون اسان جي آڏو نروار ٿينديون آهن.
هي ناول به انهن قيدين جي ڪهاڻي آهي، جيڪي تشدد سهندي مري ٿا وڃن پر ڪنهن به ريت آڻ نٿا مڃين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button