ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لطيف، نرگسيت ۽ نماڻپ-IV

Editorial-Article-Parwaiz Solangi

دنيا جو ڪو به ماڻهو سماج طرفان ڏنل شناخت کي قائم رکي سچ تي ناهي پڳو. هن زندگي جي راز کي ناھي پروڙيو. ڀلا زندگي جي راز کي ڪيئن پروڙجي؟ ان جي لاءِ مان توهان کي گوتم ٻُڌ جو هڪ واقعو ٻڌايان ٿو.
هڪ لڱان 30 شھزادا پنهنجي زالن سان جھنگ ۾ پڪنڪ ملھائڻ آيا. 29 شھزادن وٽ پنهنجون زالون هيون هڪ شھزادو غير شادي شده هو ته هُو پاڻ سان گڏ طوائف وٺي آيو. جڏهن سڀ پنهنجي خوشين ۾ مصروف هئا ته طوائف سون کڻي اتان ڀڄي نڪتي. ڪجھه دير کانپوءِ جڏهن شھزادي سنڀاليو ته هنن ڏٺو سون ۽ طوائف ٻئي غائب هئا. ڪجھه شھزادا گڏجي ڪري طوائف جي پٺيان هن کي ڳولڻ نڪتا. رستي ۾ هنن کي وڻ جي هيٺان ٻُڌ ويٺل نظر آيو. هنن ٻُڌ کان پڇيو ته اوهان کي هتان ڪا عورت گذرندي نظر آئي؟
ٻُڌ هنن کي چيو ته توهان جو عورت سان ڇا وڃي؟
هنن سربستي ڳالھه ڪري ٻُڌ کي ٻڌائي جنهن سبب ڪري هنن کي عورت کي ڳولڻو هو. ٻُڌ هنن کي چيو. “نوجوانو توهان کان هڪ سوال پڇان؟” شھزادن چيو “بلڪل پڇو” ٻُڌ هنن کان پڇيو، “جھڙي بي چيني سان توهان عورت جي ڳولا ۾ نڪتا آهيو ايتري بي چيني سان ڪڏهن پنهنجي ڳولا ڪئي اٿو؟”
شھزادن کي ٻُڌ جو اهو سوال حيرت جي دنيا ۾ وٺي ويو ۽ اهي هن وٽ سکڻ لاءِ ويھي رهيا. چوڻ جو مطلب ته پنهنجي ڳولا ۾ نڪرڻ، زندگي جي رازن کي سمجھڻ جي شروعات هوندي آهي. پر ان شروعات جو سٺو اختتام تڏهن ٿيندو جڏهن توهان کي پنهنجي شناخت ۽ نرگسيت سان وڙھڻ ايندو. پر اسان سڄي عمر دولت، طاقت، شھرت ڳولڻ لاءِ نڪري پوندا آهيون ۽ انهن جي چڪر ۾ پنهنجو پاڻ کي الائي ڪٿي وڃائي ايندا آهيون ۽ پاڻ کي اھڙيءَ طرح وڃائڻ جو افسوس به ناھيون ڪري سگھندا. پر تنهن هوندي به زندگي اسان کي هر وقت موقعو ڏيندي آهي ته اسان پنهنجي ڳولا ۾ نڪرون. پوءِ توهان پنھنجي پاڻ جي ڳولا ۾ ڪڏهن ٿا نڪرو؟
پاڻ جي ڳولا تمام ضروري آهي نه ته سڄي عمر ڏکن مان جان ڇڏائي نه سگھنداسين. مرشد لطيف سورن کي ڳايو آهي ساھيڙين سان گڏ ويھي سور پچار ڪرڻ جي جيڪا ڳالهھ ڪئي اٿس ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته مرشد ڏکن سان ڀريل زندگي سان گڏ جيئڻ جي تلقين ڪري ٿو. عشق وانگر ڏُکَ به اسان کي پنهنجي ذات کان الڳ ڪري ان تي غور فڪر ڪرڻ جو رستو ڏسيندا آهن. جي توهان جي زندگي ۾ ڏک گھڻا آهن ته توهان گھرائي سان زندگي بابت سوچي سگھو ٿا. ٻڌمت فلسفي مطابق ڪجھه ڏک عام رواجي هوندا آهن جيڪي قريبي ساٿين جي موت، ڪنهن شي جي وڃائجي وڃڻ يا ڪا حالت تبديل ٿيڻ سان پيدا ٿيندا آهن جن کي سماجي ۽ معاشي ڏک چئجي ٿو. ڪجھه ڏک اھڙا آهن جيڪي اسان کي صرف انسان هجڻ جي ڪري ڏسڻا پون ٿا. اهي لاڳو ٿيل يا مڙھيل ڏک اسان جي پنهنجي ذات جي ڪوڙي تصور پنجن حواسن، احساس، جذبن ۽ خواهشن کي نه سمجھڻ سبب پيدا ٿيندا آهن. پنهنجي ذات جي ڪوڙي تصور کي سمجھڻ سان اسان ڪيترن ڏکن کان آجا ٿي سگھندا آهيون. ڏسو! جھڙي نموني ٻين جا ڏنل ڏک ۽ تڪليفون اسان کي عذاب ۾ رکن ٿيون اهڙي نموني اسان جا ڏک ۽ تڪليفون اسان سان گڏ انهن کي تڪليف ۾ رکنديون آهن جيڪي اسان سان پيار ڪندا آهن. پنهنجي ڏکن مان جان ڇڏائڻ سان نه صرف اسان پاڻ آزاد ٿيندا آهيون پر انهن کي به تڪليف ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آهيون جيڪي اسان سان پيار ڪندا آهن. تنهنڪري پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو جيڪو ٻُڌ ۽ مرشد لطيف ڏنو آهي مون کي ان جي ڪري وڻندو آهي. ڪاش اڄ جو نوجوان ان کي سمجھي سگھي.
ايلن بادو چيو آهي ته “سچا خيال دائمي هوندا آهن. اهي تباھه يا ختم نه ناهن ٿيندا. ۽ جڏهن انهن جي باري ۾ قياس ڪيو ويندو آهي ته انهن جو خاتمو ٿي ويو يا مري ويا اهو ئي وقت هوندو آهي جو هي سچا خيال واپس اچي ويندا آهن. سلاوج ذزيڪ ۽ ايلن بادو وٽ تحليل نفسي ۽ اشتراڪيت جا خيال آهن جيڪي ناهن مرڻا اهڙي طرح ٻُڌ ۽ لطيف انسان جي اندر کي سنوارڻ جا خيال ڏنا آهن اهي به ناهن مرڻا. تاريخ جي هر ايندڙ دور ۾ جڏهن به سماج سڌارڻ ۽ پاڻ کي سڌارڻ جو خيال آيو هي سچا خيال زنده ٿي پوندا. گرو نانڪ تي ٺھيل فلم “نانڪ شاھه فقير” جو سين آهي ته نانڪ ڇھن ڏينهن کان کائڻ پيئڻ جي کانسواءِ مٿي آسمان ڏي ڏسندو رهيو. هن جي پي حڪيم کي گھرايو ته ٻڌائي ته نانڪ کي ڪھڙي بيماري ٿي پئي آهي جو هن کائڻ ڇڏي ڏنو آهي. حڪيم اچي بابا نانڪ جي نبض چڪاسي ته گرو هن کي چيو “نبض چيڪ ڪرڻ سان صرف جسم جي بيمار هجڻ جي خبر پوندي آهي. اها من جي باري ۾ ڪجھه ناهي ٻڌائيندي. جيڪو جسم بک کي محسوس نه ڪندو آهي هو شايد بيمار هجي پر اهو روح جنهن کي اللھ جي اڃ نه ٿي لڳي اهو روح ئي بيڪار آهي.”
جِئَن ٿا پُڇن اَنَ کي تئَن جي پُڇَنِ الله
ته رِڙهي لڌائون راھهُ، لَٿِيَنِ لُکَ لطيف چئي.
گرو نانڪ هجي يا مرشد لطيف هجي. هي خيال ته روح کي بيمار نه رکڻ گھرجي. روح کي خدا يا خدا جي مخلوق سان عشق ڪرڻ تي هرائجي وارو سچ تاريخ جي هر دور ۾ موٽي اچڻو آهي. خدا سان عشق ئي فقيرن کي نوڙت سيکاريندو آھي. اهي ملا، پنڊت، پادري، ڀڳت جيڪي خدا سان عشق جي دعوا ڪن ٿا پر انهن ۾ نوڙت، نهٺائي، نيستي ۽ ٻين لاءِ پيار ناهي انهن جي خدا سان عشق جي دعوا ڪوڙ آهي.
اڪثر سائنس، فلسفي، تحليل نفسي، اشتراڪي خيالن تي يقين ڪرڻ وارن فردن کي خدا سان عشق جي ڳالھه يا هندستان جي انهن فقيرن جي پيار، نوڙت، هڪ ٻئي جو احساس ڪرڻ واري ڳالھه ٻڌائبي ته شايد هو ٽوڪون ڪري کلي پون ۽ چون ته سائنسي دور ۾ اهو سڀ دقيانوسي آهي پر انهن کي ڪير سمجھائي ته گھمنڊ، انا، پنهنجو پاڻ کي معتبر ۽ عقل ڪل سمجھڻ ۽ ٻين کي نيچ سمجھڻ به دقيانوسي آهي پر اسان لاءِ مسئلو پنهنجي پاڻ جو دقيانوسي هجڻ نه ٻين جو دقيانوسي هجڻ هوندو آهي. تنهنڪري اسان پنھجي خيالن کي اتم ۽ ٻين جي خيالن کي نيچ سمجھندا آهيون. جيڪڏهن ڪير خدا جو ذڪر ڪندي پنھنجي اندر جي بيمارين سان وڙهي رهيو آهي ته مون کي فلسفي ۽ سائنس جو ننڍڙو شاگرد هوندي ڪنهن به قسم جو اعتراض ڇو هجڻ گھرجي؟ عاشقن جي کوڙ سارن ڪمن مان هڪ ڪم اهو به آهي جنهن جو سبق ته مرشد لطيف سيکاري ٿو؛
عاشقن اللھ ويروتار نه وسري
آھه ڪريندي ساھه، ڪڏهن ويندو نڪري. (سر يمن ڪلياڻ)
پنهنجو پاڻ کي معتبر، اعليٰ، سريلو ۽ هٺيلو سمجھڻ کان ڪيئن بچائجي؟ مان توهان کي ان جو مثال هڪ کڙکٻيتي کي اڳيان رکي ڏيان ٿو. اسان مان ڪيترن ئي ننڍي هوندي ڳوٺ ۾ رات جو کڙکٻيتو پڪڙي هٿ ۾ وجھي قيد ڪرڻ جو تجربو ڪيو هوندو. هي ننڍڙي مخلوق قيد هجڻ جي باوجود اسان کي روشني ڏيندو هو. اسان انسان، جي پنهنجي پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجھون؟ پنهنجي اندر الائي ڪيتريون بيماريون رکي زنده آهيون. پنهنجو پاڻ کي ان بي زبان کڙکٻيتي سان ڀيٽي ڏسو. هو ڪيترو اڻ نقصانڪار، پيارو، ۽ آزاد آهي. توهان کي نه ٿو لڳي اسان جيڪي پاڻ کي اشرف المخلوقات سمجھندا آهيون اسان جي حيثيت ان ننڍڙي مخلوق جي اڳيان ڪجھه به نه ناھي. اسان هن جي بي وسيءَ مان فائدو وٺون ٿا. هن کي قيد به ڪريون ٿا پر هن کي اسان کي ڏيڻ کان روشني کان علاوه ٻيو ڪجھه به ناهي. هي ننڍڙو مثال ئي ڪافي آهي ته اسان پنهنجي نرگسيت کي ختم ڪري پاڻ اندر نماڻپ پيدا ڪريون. پنهنجو پاڻ مان انا ۽ هوڏ کي ختم ڪري پاڻ کي احساسن سان ڀريل فرد ٺاھيون، جنهن وٽ ڏيڻ لاءِ گھڻو ڪجھه ۽ کسڻ لا ڪجھه به نه هجي.
آخر ۾ پنهنجي سماج جي فردن لاءِ جيڪي سڄي عمر پئسي، دولت، طاقت ۽ شھرت لاءِ ڀڄن ٿا ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجا رشتا ۽ دوست وڃائي ڇڏين ٿا، انهن کان هڪ سوال آهي ته سڌارت ٻُڌ ڪپل وستوءَ جو شھزادو هو. هن جي پيءُ شدودھن جو هڪ ئي خواب هو ته هن جو پٽ رياست جو وارث ٿئي. توهان ڄاڻو ٿا ته ٻُڌ رياست جو راجا ٿي ماڻهن جا ڏک ۽ درد ختم ڪري سگھيو پئي پر هن اهو سڀ ڪجھه ڇڏي 29 سالن جي عمر ۾ جھنگ وسايو ۽ ڇھن سالن کانپوءِ جڏهن واپس آيو ته هن ماڻهن کي پيار، احساس ۽ نماڻپ سيکاري. هن جو پيءُ اڃا تائين هن کي تخت ۽ حڪومت ڏيڻ لاءِ راضي هو پر واپس اچڻ بعد ٻُڌ وري به انڪار ڪري ٿو. ڏسو ٻُڌ حاڪم وقت ٿي طاقت ۽ پئسي جي ذريعي غريبن جا ڏک ۽ درد ختم ڪري سگھيو پئي پر هن وري به پيار ۽ نماڻپ جو رستو چونڊيو. اسان جيڪي سڄو ڏينهن پئسي ۽ طاقت جي نشي پٺيان ڀڄندڙ آهيون هڪ ڏينهن پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪيو آهي جنهن جي پٺيان توهان سڄي عمر ڊوڙندا رهو ٿا ٻُڌ اهو سڀ ڪجھه ڇڏي پنهنجي ڳولا ۾ نڪري پوي ٿو. ڪڏھن پاڻ کان پڇيو اٿو ته ٻُڌ ائين ڇو ڪيو؟
ويٺو پڇين پَرُ، ڪر ڪا ھنئار هلڻ جي،

اڄ آديسي! مَرُ، صباح مرندو سڀ ڪو.

“آئون” اورِيان جَھلِ تون، ڇڏيَمِ “پاڻ” پَچارَ
شِرڪَ ساڻ ستار، گھڻا گھاريَمِ ڏينھڙا.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button