ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد- ڦوروئن جي نشاني تي

Editorial

هن ملڪ جي عوام لاءِ اهي معاملا به مسئلا آهن، جيڪي عام طور تي مسئلا نه هوندا آهن. پر جيئن ته انتظامي طور اسان جو هر صوبو ايترو ته ڪمزور نظر اچي ٿو، ان ڪري ننڍا ننڍا معاملا به مسئلا بڻجي ويندا آهن. اهڙي ريت ائين محسوس ٿئي ٿو ته عوام هر پاسي کان مسئلن ۾ گهيريل آهي. پوليس هوندي عوام کي تحفظ مليل ڪونهي، حڪومت هوندي ان کي نوڪريون ڪونه آهن ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، جن کي عوام روز منهن ڏيندو رهي ٿو. حيدرآباد سنڌ جو هڪ اهم ترين شهر آهي. جيڪو رهائش جي حوالي سان به هڪ بهتر شهر ليکيو ويندو آهي پر هاڻوڪن ڏينهن ۾ هي شهر بدامنيءَ جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪري شهري هر وقت هڪ خوف ۾ ورتل نظر اچن ٿا. پر ڇا پوليس حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڦرن جي وارداتن کي ٻنجو ڏئي سگهي آهي. هاڻ حيدرآباد ۾ افغاني ڦورو ڪاهي پيا آهن، جيڪي شهرين کي لٽي رهيا آهن.
خبر موجب حيدرآباد ۾ اي ايس پي حسنين وارث، ايس ايڇ اوز سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس حيدرآباد ۾ ڌاڙا هڻندڙ افغاني گروهه جا جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. هن چيو ته حيدرآباد ۾ لڳل ڌاڙن جي جاچ دوران 10 ڏينهن اڳ ٻن جوابدارن زبير ۽ نبيل کي گرفتار ڪيو هو. جن گرفتاري کان پوءِ اهم انڪشاف ڪيا ۽ سندن نشاندهيءَ تي ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي هڪ جوابدار محمد علي عرف عبدالحئي افغاني کي گرفتار ڪيو. جتي هن جي نشاندهيءَ تي وري افغاني گروهه جي سربراهه گل علي عرف گلالئي جي ٺڪاڻي تي ڇاپو هنيو، جتان پوليس کي ڌاڙن دوران ڦر ڪيل 50 لک ماليت جو سون، 4 لک روڪ ۽ جديد هٿيار مليا آهن. گرفتار گروهه سال اڳ 13 جنوري 2021ع ۾ حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ لطيف آباد يونٽ نمبر 3 ۾ مشهور صعنتڪار فتح گروپ جي سيٺ گوهر جي گهر ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جو ڌاڙو هنيو هو، ساڳين جوابدارن وري تازو 28 ڊَسمبر تي ساڳئي ٿاڻي جي حد ۽ ساڳئي علائقي ۾ نواب يوسف ٽالپر جي ڀا زميندار نور احمد ٽالپر جي گهر ۾ گهڙي عورتن کي يرغمال بڻائي، 40 تولا سون، روڪ رقم، هٿيار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو هو. ساڳين جوابدارن ڄامشورو ۾ هڪ واپاري جي گهر ۾ ڌاڙو هڻي، لکين روپين جي ماليت جو سون، 4 لک روڪ ڦر ڪئي هئي. پوليس ٻڌايو ته گروهه جي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لا ايس ايڇ او حسين آباد نيڪ محمد کوسو ۽ عمران رشيد جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي ڇاپا هنيا پيا وڃن. گروهه افغانستان مان چمن بارڊر وسيلي ڪوئيٽا کان سنڌ پهتو هو، جيڪي وڏي سرمائيدار کي نشانو بڻائي وري بلوچستان رستي افغانستان ۾ روپوش ٿي ويندا هو. گروهه ۾ گرفتار جوابدارن سان گڏ گلالئي افغاني، مالڪ افغاني، گور چانگ عرف چوڪ افغاني، عبدالباري افغاني شامل آهن. جيڪي سندن ليڊر هئا، اهي پاڪستان ۾ موبائل سمون جاري ڪرائي ۽ ٻي ٽيڪنيڪل سپورٽ ڪندا هئا. پوليس دعوى ڪئي آهي ته افغاني گروهه کي اسان برسٽ ڪيو آهي.
حيدرآباد جي شهرين توڙي سنڌ جي هر شهريءَ کي تحفظ ڏيڻ پوليس جو ڪم آهي پر ڇا پوليس واقعي به اهو عمل ڪري رهي آهي. اها ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۽ انهن جي جان مال جي حفاظت جي ذميواري نڀائي رهي آهي. اسين سمجهون ٿا ته حيدرآباد ۾ آيل افغاني ڦورو سمورن شهرين لاءِ مٿي جو سور بڻجي رهيا آهن، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ شهر جي امن امان کي بحال ڪيو وڃي. افغانستان مان ايندڙ اهي ڦورو ڪنهن جي ٽيڪ تي اهڙيون وارداتون ڪري رهيا آهن. پوليس کي گهرجي ته اها انهن ماڻهن کي هٿ ڪري جن جي ٽيڪ تي اهي ڦورو شهرين کي ڦري رهيا آهن ۽ گهر ۾ ڌاڙا هڻي رهيا آهن. تنهنڪري حيدرآباد واسين جي انهن مان جان آجي ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button