پاڪستانعالمي

آ ايم ايف طرفان پاڪستان لا قرض جي ڇهين قسط ڏيڻ جي منظوري

واشنگٽن: آمريڪي رياست واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورد جي اجلاس ۾ ڇهين قرض جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر قرض ملندو. ان سلسلي ۾ ناڻي وزير ٽوئيٽر تي ٻڌايو آهي ته ايگزيڪيوٽو بورد جي اجلاس ۾ ڇهين قرض جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر قرض ملندو. واضح رهي ته پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ کي خودمختياري ڏيڻ سميت آئي ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن. قرض پروگرام جي بحالي لاءِ آئي ايم ايف جي شرطن مطابق پاڪستان 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري ٽيڪس اوڳاڙين جو حدف 271 ارب رپين مان وڌائي 6100 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جو حدف 600 ارب رپين مان گهٽتائي 356 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هر مهيني 4 رپيا في لٽر جي حساب سان پي ڊي ايل وڌائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ترقياتي بجيٽ ۾ 200 ارب رپين جي گهٽتائي کان علاوه بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. ڪرونا فنڊز جون آڊٽ رپورٽون آئي ايم ايف جي مطالبي تي آڊيٽر جنرل جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون ويون آهن ۽ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ شيڊول 5، 6، 7، 8، ۽ 9 ۾ ترميمون به ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button