ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ترقي پسند سماج جي اڏاوت وارو خواب!

علي محمد ميمڻ

سنڌ ۾ سياسي اٿل پٿل پنهنجي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي ملڪ جي سرگرم جمهوري ۽ روشن خيال سياست ۾ متحريڪ ٿيڻ تي لڳاتار وڏا تبصرا ۽ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اڄوڪي موضوع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي سياست ۽ ڪارڪردگي جا اثر بحث هيٺ اچي رهيا آهن. دنيا ۾ سوشلسٽ انقلابن جي پڄاڻي يا انهن جي تبديل ٿيڻ تي دنيا جي مختلف ملڪن وانگر اسان جي ملڪ ۾ پڻ تمام وڏو سياسي طوفان پيدا ٿيو ۽ ان عمل ۾ ٿيل ڀڃ ڊاهه سموري ملڪ ۾ ترقي پسند ۽ انقلابي سياست کي ئي بحرانن جي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جو گڏيل طور تي وڏو ڪيڊر مايوسي ۽ لاتعلقي واري حالت ۾ وڃڻ ڪري عملي طور تي پنهنجي سماج ۽ دنيا کان لاتعلق، خاموش ۽ بي عمل ٿي ويو. ان صورتحال ۾ انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي طرفان پنهنجي زندگي جو وڏو سياسي فيصلو ڪيو ويو ۽ هن پنهنجي شعوري فيصلي تحت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊ ڪئي ۽ ان ۾ شامل ٿي ويو. ڪامريڊ ڄام ساقي پاڪستان پيپلز پارٽي لا نئون نه هو پر هنن حلقن ۾ سندس تمام گهڻو احترام هو. جنهن بابت تاريخي حقيقت اها پڻ هئي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جنرل ضيا ۽ ٻين آمريتن ۾ ڊگهي مدت تائين قيد و بند دوران هن خلاف غداري جي مقدمي ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاڻ سمري ملٽري ڪورٽ ۾ وڃي ڪامريڊ ڄام ساقي جي حق ۾ شاهدي ڏني ۽ ان کان علاوه پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ موجود ترقي پسند فڪر وارو وڏو حلقو پڻ سندن احترام ڪندو هو.
سنڌ جي سياست جي وڌيڪ نالن ۽ شخصيتن ۾ مشهور ترقي پسند ۽ قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيري پڻ پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي. محترما بينظير ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي گل محمد جکراڻي پنهنجن ساٿين سان هن جماعت ۾ شامل ٿيو. جي ڊي اي جي اڳوڻن ڪيترن ئي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت بعد تازو مخالف ڌر جي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي )جي اڳواڻ ۽ علمي شخصيت ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو سندس خاندان سميت گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ فنڪشنل ليگ کان ڌار ٿي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ۾ شامل ٿيڻ تي تمام وڏا تبصرا ۽ چئوٻول ٿي رهيا آهن. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو پنهنجي فيصلي بابت کليو کلايو اهو چوڻ آهي ته، پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي مقبول جماعت آهي ۽ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سالن کان عوام جي ووٽن سان چونڊجي رهي آهي ۽ هن جماعت جون پاڙون عوام ۾ گهرائي تائين موجود آهن، جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت اهڙي ريت، عوام جي دلين ۾ وڌو آهي جو هر قسم جون رياستي سختيون، سازشون، آزمائشون، حملا ۽ قيادت جي قربانين جهڙو ملڪ ۾ ٻيو ڪو مثال موجود نه آهي.
ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو شمار سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر سان لاڳاپيل اڳواڻ ۽ شخصيت طور ڪيو وڃي ٿو، جنهن زندگي جا لاها چاڙها تمام گهڻا ڏٺا آهن ۽ سموري سنڌ ۽ ملڪ جي روشن خيال حلقن ۾ سندن پنهنجو مان ۽ مرتبو آهي. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جا پاڪستان پيپلز پارٽي بابت تازا رايا، سندس اڳوڻن تنقيدي بيانن کان يقينن گهڻو مختلف آهن. جنهن جو سبب پڻ هن طرفان پنهنجو مخالف ڌر جو حصو هئڻ واري اخلاقي ۽ سياسي ضرورت قرار ڏنو آهي. هاڻي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبه طرفان آزاد ذهن سان پنهنجن تجربن ۽ تجزئين جي بنياد تحت جنهن نتيجي تي هو پهتي آهي ان تي تمام گهڻو مطمئن ۽ خوش آهي. سندس هاڻوڪو فيصلو هن جي پنهنجي سياسي، سماجي ۽ علمي سوچ ۽ تجزئي طور سامهون آيو آهي، جيڪو يقينن، ملڪ جي روشن خيال ۽ جمهوري حلقن لا خوشي ۽ حوصلا افزائي جو سبب بڻيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي لا ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي صورت ۾ سندس روشن خيال اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي سٿ ۾ هڪ مدبر اڳواڻ ۽ ساٿياڻي جي صورت ۾ شموليت تمام قيمتي سمجهي وئي آهي ۽ ان کي سموري حلقن ۾ درست، وقتائتو ۽ مدبرانه فيصلو ۽ سندس خاندان ۽ گهڻ گهرن جو دانشمنداڻو قدم قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته جي ڊي اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هٿان عام چونڊن ۽ مختلف سياسي مقابلن ۾ زخمي ٿيل جماعت ۽ حلقن طرفان ان صورتحال تي تمام گهڻا بي رحماڻا تبصرا، تنقيد ۽ ڪردار ڪشي واري مهم پڻ هلائي پئي وڃي. معلوم ٿي رهيو آهي ته، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کي هنن طرفان پنهنجي نظرئين جي شڪست سمجهيو ويو آهي ۽ ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته پنهنجن زخمي ٿيل نظرئين ۽ روحن تي مرهم رکڻ وارا نامناسب طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن.
ٻئي پاسي، سنڌ ۾ ترقي پسندن جو اهڙو وسيع حلقو پڻ موجود آهي جنهن ۾ سوشلسٽ انقلابن جي پڄاڻي ۽ نظرياتي مرڪزن ۽ قيادت جي خاتمي بعد وري اٿي بيهڻ ۽ ملڪ ۾ پنهنجو ڪو ڪردار سمجهڻ ۽ ادا ڪرڻ اڃا تائين وڏو سوال بڻيل آهي. گذريل 30 سالن کان لڳاتار خاموشي ۽ گمنامي واري حالت مان نڪرڻ ۽ زندگي جي وهنوار ۽ ملڪ ۽ صوبي جي سياسي منظرنامي ۾ وري شامل ٿيڻ واريون خواهشون سالن بعد ڪر کڻنديون رهن ٿيون ۽ سمنڊ جي لهرن ۽ موجن وانگر وري واپس موٽي وينديون رهن ٿيون. گذريل ڪجهه سالن کان ڳالهيون ۽ غور فڪر لڳاتار هلندڙ آهي پر جيئن ته سنگت ورهين کان هڪٻئي سان وڇڙيل رهيا آهن ۽ سندن تعداد پڻ گهڻو آهي. هنن دوستن لا نئين دور جي نون ماڻهن سان مزاج آشنائي ۽ خيالن ۽ فڪر جي ويجهڙائپ قائم ڪرڻ پڻ وڏا امتحان بڻيل آهن. ان کان علاوه ماضي جا نظريا ۽ سياست ۽ پراڻي حسن ۽ جواني واري هستي مستي، يادون، محروميون، ويساهه گهاتيون، انائون ۽ اڄوڪي دور ۽ جماعتن سان لاتعلقي وارا معاملا پڻ پيرن جي زنجير بڻيل آهن، جنهن ڪري پنهنجي سياسي مستقبل بابت اڃا تائين ڪي به قطعي فيصلا ٿي نه سگهيا آهن.
بيشڪ! ترقي پسند پراڻن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي اڪثريت پنهنجي تجزئي کي اڃا تائين ڪو رخ ڏئي نه سگهي آهي يا انهن تائين ڪي سياسي اڳواڻ نه پهتا آهن، جيڪي انهن کي اميد جي نئين دنيا ۾ شامل ڪري سگهن، اهڙي ريت، وقت ۽ زندگيون تيزي سان گذري رهيون آهن پر اڃا تائين پنهنجي منزل جو ڪو فيصلو ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن نئين منزل جي ڪا چونڊ ٿي سگهي آهي. ڪنهن به سياسي ڌر لا زندگي جا سڄا سارا 30 سالن وارو وقت هڪ زندگي جيترو وقت هوندو آهي پر افسوس ته زندگيون ائين گذري رهيون آهن ۽ محبوب اڳواڻ ۽ هستيون پنهنجو وقت پورو ڪري فنا ٿي رهيون آهن پر اڃا فيصلا ٿي نه سگهيا آهن. ان ڏس ۾ پراڻا مقصد سوشلسٽ انقلاب کڻي ڀلي نه به هجن پر جمهوريت ۽ روشن خيالي ۽ بهتر سماج جي اڏاوت واري فڪر تي ئي کڻي اتفاق ۽ اتحاد ڪري وجهن ته به گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻ جا موقعا ملي سگهن ها. اهڙي ريت، هي ملڪ انقلابين جي جنت وانگر کڻي نه به ٿئي پر پنهنجي ملڪ ۾ هڪ روشن خيال سماج جي اڏاوت ڪرڻ ۽ سماجي جمهوريت قائم ڪرڻ ته ممڪن بڻجي سگهي ٿو. ان عمل ۾ ملڪ جا ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند گڏجي پنهنجو اثرائتو ڪردار ڪاميابي سان ادا ڪري وڃن ته به اها ڪا گهٽ ڳالهه نه ٿيندي. انقلابين لا ان ڏس ۾ پنهنجي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڪيل سياسي فيصلي واري رستي تي هلڻ جي نيت ڪجي ته، سموري ملڪ ۾ انهي جماعت جا ترقي پسند دوست پڻ سندن استقبال ڪرڻ لا تيار ملندا. پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد اهو قطعي ناهي ته ان ۾ ڀرتي ٿجي يا ملازم بڻجي پر عوامي طاقت ۾ شامل ٿيڻ سان ملڪ ۽ عوام کي سگهه ۽ طاقت ملڻ آهي. يقينن، هر قسم جي عوامي سياست جو مقصد پڻ اهو ئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ سوشل ڊيموڪريسي قائم ڪرڻ لا جدوجهد، آئين جي حڪمراني ۽ عوامي ادارن ۽ عوامي حقن جي حفاظت کي بهتر نموني محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button