مخالف ڌر جون پارٽيون، خاص ڪري پ پ ۽ (ن) ليگ، Unity of opposits جي حد تائين به گڏجي ويھڻ لاءِ تيار ناھن. ٻنهي ڌرين کي ھڪٻئي جي خلاف ايتري ته انتهائي لائين اختيار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي يا ٻنهي پارٽين جو عقل ايترو ئي رھجي ويو آھي، جو اھي نٿيون چاھين ته گڏجي ويھن ۽ ان جو فائدو ڪنهن ھڪ ڌر کي ٿي رهيو آهي. ٻئي مُک پارٽيون عمران خان کان به وڌيڪ ھڪٻئي جي مخالفت ڪرڻ ۾پوريون آھن، جيڪڏھن معاملا پور وڇوٽ تي ھوندا ته پوءِ عمران خان جي حڪومت کي ڪوبه لھر ۽ لوڏو نه ھوندو. يا ائين چئجي ته ٻنهي ڌرين جو ان تي اتفاق آھي ته اھي عمران خان جي حڪومت جي خاتمي لاءِ گڏجي نه ويھنديون. ھاڻ انهن جي ان ڳالهھ تي ڪيئن اعتبار ڪجي ته ٻئي پارٽيون عمران خان کي اقتدار ۾ ڏسڻ نٿيون گھرن. حڪومت جي حمايت جو اھو به طريقو ٿي سگھي ٿو ته ٻئي مک پارٽيون ھڪٻئي کي اڇوت سمجھن. اھي ٻئي ڌريون ان ڪري به ھڪٻئي کان پرڀريون رھڻ چاھين ٿيون ته کين ان حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آھي، يا وري اھي چاھين ٿيون، عمران خان جي حڪومت ڀلي مدو پورو ڪري وٺي، ھو شايد ان ڪري به ھڪٻئي جي مخالفت ڪن ٿيون ته ھو پنجاب جي پاڻي پت جي ميدان ۾ اھو تاثر ڏيڻ گھرن ٿيون ته اھي ماضي جيان ھڪٻئي جون مخالف جماعتون آھن، عمران خان جيئن ھاڻ ٻنهي ڌرين جي اختلافن مان فائدو حاصل ڪري ٿو، ساڳي انداز سان عام چونڊن ۾ به حاصل ڪندو، ڇاڪاڻ ته پ پ ۽ (ن) ليگ جي ويڙهه جو فائدو ته پي ٽي آءِ کي ئي ٿيندو. جيڪڏھن ٻنهي ڌرين کي جمھوريت جي مستقبل کي يقيني بنائڻو آھي ته پوءِ کين ڪنهن نه ڪنهن نقطي تي گڏجي ويھڻو ئي پوندو.
جيڪڏھن ڪنهن به سياسي پارٽي کي اقتدار جي ايوانن ۾ پھچڻو آھي ته انهن لاءِ ويڙهه جو ميدان پنجاب ئي ھوندو، ھي حقيقت آھي، جنهن کان شايد ڪوبه منهن موڙي نٿو سگھي. پر ھي ڳالهھ به سمجھڻ جھڙي آھي يا ٻنهي ڌرين کي ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آھي. جنهن ويل پ پ، واڳ ڌڻين سان ڊيل يا سرچا ڪري اقتدار ۾ آئي ته ان جو اھو ئي حشر نشر ٿيو ته اھا پنهنجو مدو ئي پورو ئي نه ڪري سگھي، ساڳي انداز سان (ن) ليگ به ساڳيو گس اختيار ڪرڻ کانپوءِ ساڳيا نتيجا حاصل ڪري سگھي ٿي ۽ واڳ ڌڻين ٻنهي مک پارٽين کي الڳ الڳ ڪري ڪوفي جي ميدان ۾ ڪٽيو. ٻئي پارٽيون، پنهنجن ننڍن وڏن مفادن کي ڇڏي، جنهن ويل ميثاق جمھوريت تي متفق ٿيون ته اھي واڳ ڌڻين لاءِ نه فقط قابل قبول نه رھيون، پر عتاب ھيٺ به وڌيڪ آيون. واڳ ڌڻين جي لک ڪوششن جي باوجود ھنن جون پاڙون عوام ۾ رھيون ۽ سموري دنيا محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي واکاڻ ڪئي ته انهن چڱو ڪيو ته واڳ ڌڻين جي خلاف ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي انهن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا. ان ميثاق جي نتيجي ۾ عمران خان جو سياسي جنم ٿيو. مڙني عذابن ۽ واڳ ڌڻين جي مار ڌاڙ جي باوجود، ٻنهي پارٽين کي نظرانداز ڪرڻ واڳ ڌڻين جي وس جي ڳالھه نه رھي، واڳ ڌڻين، عدليا ذريعي ميان نواز شريف ۽ ان جي نياڻي کي توڙي جو نااھل قرار ڏياريو، ان جي باوجود (ن) ليگ جي حڪومت کي ختم ڪري نه سگھيا. عمران خان ويچارو ڪپتان جي آڱر جو انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پيو، پر ان ۾ ايتري طاقت نه ھئي جو عوام جي ووٽ ذريعي آيل حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪري ھا، شاھد خاقان عباسي، ڪمزور صورتحال جي باوجود حڪومت جا پنج سال پورا ڪيا. اھا ڳالھه به نوٽ ڪرڻ جھڙي ھئي ته عمران خان جيترا به زور لاتا ۽ پوري واڳ ڌڻين جي طاقت ان پٺيان ھئي، پر ھو نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا. ان جو مک سبب اھو ئي ھو ته واڳ ڌڻي ته نواز شريف کي ڏسڻ لاءِ به تيار نه ھئا، پر پ پ ۽ (ن) ليگ ھڪ پليٽ فارم تي ھيون. انهن ھڪٻئي جي ايوانن جي اندر ۽ ٻاھر ايتري مدد ڪئي، جو واڳ ڌڻين جا ڏند کٽا ٿي پيا. (ن) ليگ ۽ پ پ جي قربت جي قيمت خورشيد شاهه کي ادا ڪرڻي پئي، جنهن ٻن سالن تائين نيب جو جيل ڪاٽيو. نيٺ واڳ ڌڻين جي ايتري ته بدنامي ٿي، جو ھڪڙي اشاري سان خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ٿي وئي.
محترمه بينظير ڀٽو جي ڏينهن ۾ اها Realization ڏٺي وئي ته جنهن وقت سويلين قوتون وڙھنديون ته فائدو واڳ ڌڻين کي ٿيندو، جيڪڏھن واڳ ڌڻين مخالف ڌر کي ورھائي ڇڏيو ته ان جو فائدو سويلين حڪمراني کي نه ٿيندو، پر غير سياسي قوتن کي ئي ٿيندو. مخالف ڌر کي وڙھائڻ جي پاليسي جيڪا فوجي آمريتن جي ڏينهن کان شروع ٿي، اھا ڪيترن ئي ڏھاڪن تائين جاري رھي. مخالف ڌر يا ملڪ جي ٻن اھم پارٽين جي ويجھي اچڻ ۽ ھڪٻئي کي برداشت ڪرڻ سبب واڳ ڌڻي پريشاني ۾ وٺجي ويا، انهن سمجھيو ته ھر صورت ۾ ٻنهي مک پارٽين کي ميدان کان ئي ٻاھر ڪري ڇڏجي. عمران خان فارمولي کانپوءِ سڀني ڏٺو ته ڪيئن ٻنهي مک پارٽين کي پاسيرو ئي نه ڪيو ويو، پر انهن کي خوار ۽ بدنام ڪرڻ لاءِ احتساب جو ڊرامو رچايو ويو ته جيئن عوام سمجھي وٺي ته سويلين حڪمران ڪرپٽ آھن، حڪمرانن جي اھا سوچ به ڪامياب نه ٿي، نه ئي وري انهن جو “ھائبرڊ جمھوريت” جو تجربو ڪامياب ٿيو. سڀئي ڏسي رھيا آھن ته عمران خان ۽ واڳ ڌڻي ھڪٻئي جو منهن ڏسڻ لاءِ تيار ناھن، ان جي باوجود حڪومت ريڙھيون پائي رھي آھي.
ماضي جي تجربي سيکاريو ته جنهن ويل مک سياسي قوتون وڙھنديون يا انهن کي وڙھايو ويندو ته فائدو واڳ ڌڻين کي ٿيندو. واڳ ڌڻين ملڪ جي تاريخ ۾ جيترو به گند ڪيو ھو، ان جي صفائي ۾ سال لڳي ويا. جنرل ضياءَ جيڪو گند ڪيو ۽ سويلين نظام کي تباھي ڪناري تي پھچايو، ان جي صفائي پ پ ۽ (ن) ليگ ٻنهي کي ڪرڻي پئي. اھڙي ريت جنرل پرويز مشرف، جيڪا تباھي ڪئي، ان جي قيمت به ٻنهي مک پارٽين کي ادا ڪرڻي پئي. مشرف توڙي جو سافٽ مارشل لا لاڳو ڪئي، پر ان جي پيٽ مان ھڪ ڏھاڪي کانپوءِ عمران خان جي صورت ۾ نڪتو، جنهن واڳ ڌڻين جي پاليسين کي جاري رکندي، اقتدار اعليٰ کي واڳ ڌڻين اڳيان گروي رکي ڇڏيو. واڳ ڌڻي ۽ عمران خان اينٽي سويلين فورسز جي سڪي جا ٻه پاسا آھن. ھنن سويلين نظام کي گدلو ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيمت ڪيترن ئي نسلن کي ادا ڪرڻي پوندي.
جيڪڏھن واڳ ڌڻي ۽ عمران خان، بقول انهن جي ته ھو ھڪ پيج تي رھي سگھن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن جا مفاد ھڪجھڙا ھئا، ته مخالف ڌر جون پارٽيون (ن) ليگ ۽ پ پ ڇو نٿيون رھي سگھن. ميان نواز شريف جنهن “ووٽ کي عزت ڏيو” واري نعري کي پنهنجو سمبل بڻايو ۽ واڳ ڌڻين مان ھڪ ھڪ جا نالا کڻي، تنقيد ڪندو رھيو، اھو ساڳين قوتن جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھن عمران خان اڳيان واضح ڪيو ته جيڪڏھن ھو آرمي چيف کي ايڪسٽينشن ڏئي ٿو ته ان تي کين ڪوبه اعتراض نه ھوندو، ساڳي پاليسي پيپلز پارٽي جي آھي. بلاول، پنجاب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھنن جو ان سان ڪوبه واسطو يا دلچسپي نه ھوندي ته جنرل باوجوه کي ايڪسٽينشن ڏني ويندي يا نه، ھو ته رڳو اداري جي پاليسي سان ٻڌل آھن. اھا ساڳي (ن) ليگ واري پاليسي ٿي وئي. اصولي ڳالھه ته ھي ٿي سگھي ٿي ته ٻنهي مک پارٽين کي چوڻ گھرجي ته آرمي چيف ڪير به ھجي، ان جو سياسي نظام سان ڪوبه واسطو نه ھوندو، نه ھو ڪنهن به فوج جي سربراهه جي ايڪسٽينشن جي حق ۾ آھن. اھو ان ڪري به ضروري آھي ته جيئن اداري اندر نئون خون شامل ٿئي ۽ نئين قيادت به اڀري سامھون اچي سگھي.
سويلين معاملن ۾ واڳ ڌڻين جي ھر قسم جي مداخلت جي مخالفت ڪرڻ سان عوامي راڄ جو رستو ھموار ٿيندو. ٻنهي مک پارٽين جي اسٽينڊ وٺڻ سان عمران خان جھڙي حڪمران لاءِ ڪوبه گس نه بچندو، پر جيڪڏھن ٻئي پارٽيون عوامي ڀلائي جون به ڳالھيون ڪنديون ۽ واڳ ڌڻين جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي حمايت ڪنديون ته پوءِ عمران خان جھڙن حڪمرانن کي ڪوبه ھٽائي نٿو سگھي. ھي ساڳيون پارٽيون آھن، جيڪي عمران خان جي حڪومت کي ناجائز سمجھن ٿيون، پر حڪمرانن کي Exposed ڪرڻ جي نالي ۾ اقتدار ۾ ڊيگھه به ڏين ٿيون. اھڙي صورتحال ۾ عوام کي مھانگائي، بک ۽ بدحاليءَ کان بچائڻ واري ڪابه قوت نه بچندي. اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن واڳ ڌڻين سان اک ٽيٽ ڪرڻ جا الزام (ن) ليگ يا پ پ تي لڳن ته ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهھ ھوندي. جيڪڏھن ھائبرڊ نظام کي گھر ڀيڙو ڪرڻو آھي ته ٻنهي مک پارٽين کي پنهنجي حڪمت عملي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ ويجھڙائپ اختيار ڪرڻي پوندي، ته جيئن بقول نواز شريف جي ته واڳ ڌڻين جي سوغات، عمران خان بکئي پيٽ عوام کي ليڪچر ڏيندو ئي رھندو ۽ حڪومت باقي مدو به پورو ڪري وٺندي!