رانديون

لاهور قلندر 7 وڪيٽن تان اسلام آباد يونائيٽڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 جي 12هين ميچ ۾ لاهور قلندر 7 رنسن تان اسلام آباد يونائيٽڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 7 جي اهم ميچ ۾ لاهور قلندر پهرين کيڏندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهي هدف ڏنو. جڏهن تھ سندس بيٽرن مان عبداللھ شفيق 44، فخر 38 ۽ هيري بروڪ 37 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ ڊيوڊ ويسي 20 ۽ راشد خان 15 رسنون ٺاهيون. اهري ريت 175 رنس جي هدف پويان اسلام آباد يونائيٽڊ 166 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، منرو 60 ۽ شاداب 52 ٺاهي نمايان رهيا. ايلڪس هيلز، پال اسٽرلنگ جلد وڪيٽون وڃائي ويٺا. شاهين آفريدي، راشدخان هڪ، وڪيٽ ورتي. حارث رئوف 2 شڪار ڪيا. آخري اوور ۾ زمان خان وڪيٽ وٺي ميچ کٽرائي ورتي. جڏهن تھ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان شاداب خان ۽ وقاص محمود 4،4 وڪيٽون وٺڻ باوجود ٽيم کي کٽرائي نھ سگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button