اسلام آبادپاڪستان

نوازشريف ۽ پ پ جي سياست نسلا ٽاور جيان ڪرندي:شيخ رشيد

راولپنڊي : وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف جي سياست نسلا ٽاور ۽ پيپلز پارٽي جي سياست تجوري هائيٽس جيان ڪرندي.ڪالهه راولپنڊي ۾ ڪشميرين سان ايڪي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي قيادت تي تنقيد ڪئي. سندس چوڻ هو ته فضل الرحمان اسان جي ساٿين وٽ مدد لاءِ ويو، سمورا گندا بيضا گڏجي اسلام آباد اچو پر اسان توهان کي ٿڏي ڇڏينداسين، اوهان جي سياست جي خاتمي جا ڏينهن آهن. هن چيو ته ڪشمير سان ايڪي جي اظهار جو ڏهاڙو پاڪستان ۾ جوش سان ملهايو پيو وڃي، لال حويلي جو رشتو سري نگر جي ڪال چوڪ سان ثابت ڪندس. شيخ رشيد چيو ته عمران خان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته قوم کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ملي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button