اسلام آبادپاڪستان

ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ جو وقت اچي ويو:آرمي چيف

راولپنڊي: پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرائڻ جو وقت اچي ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري طرفان ڪشمير سان ايڪي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو بيان جاري ڪيو ويو آهي.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪشميرين کي حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن پر والاريل ڪشمير جو عوام ڀارتي ظلم جو جرئت سان مقابلو ڪري رهيو آهي. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني الميي کي ختم ڪرڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرائڻ جو وقت اچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button