آزاد ڄمون ۽ ڪشميراسلام آبادپاڪستان

ڪشمير بابت فيصلو ڪشميرين جي مرضي سان ٿيندو:عارف علوي

اسلام آباد : صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي ۽ قوم حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺي آهي. ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي موجب ٿيندو. ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ لاڳاپيل ٺهرائن موجب تڪرار جو حل پاڪستان جو حتمي مقصد آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي سڀ کان پراڻن مسئلن مان هڪ آهي. ڀارتي هٺ ڌرمي، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين سبب تڪرار حل نه ٿي سگهيو. ڀارت ڪشمير ۾ غير انساني حربا، ظالماڻا قانون ۽ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري عوام جبر، ناجائز قبضي خلاف جرئتمنداڻي جدوجهد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button