اسلام آبادپاڪستان

نااهل حڪومت ڪشمير جو سودو ڪيو آهي:فضل الرحمان

اسلام آباد :جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ناڪام ۽ نااهل حڪومت جهڙي طرح ڪشمير جو سودو ڪيو، ساڳئي طرح ملڪ جو به سودو ڪري سگهي ٿي. ريلي کي خطاب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين مٿان ظلم ڪيا پيا وڃن. گڏيل قومون پنهنجي قرارداد موجب ڪشميرين کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام رهيون. هن چيو ته ناڪام ۽ نااهل حڪمرانن ڪشميرين کي ظالمن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.عالمي برادري به ڪشميرين سان وفا ناهي ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ظلم تي پاڪستاني عوام خاموش ناهي. ڪشميرين جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني عوام ڪشميرين سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button