پاڪستانعالمي

رپئي جي مضبوطي تي يقين رکو،بهتر ٿي ويندو:شوڪت ترين

بيجنگ:ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستاني رپيو وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ پنهنجي رپئي جي مضبوطي تي ئي يقين رکو. چين جو دورو تمام ڪامياب وڃي رهيو آهي، چين جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات دوران معيشت جي حوالي سان اسان جي جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جنهن سان اسان کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ اسان جي معيشت ۾ بهتري ايندي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي چين جي دوري جي حوالي سان شوڪت ترين چيو ته چين جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪنداسين. شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف جو جڏهن کان پروگرام شروع ٿيو ته ان وقت کان پاڪستان جو رپيو مضبوط ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو قياص آرائيون ڪري رهيا آهن، انهن بابت اڳ ۾ به خبردار ڪيو هو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستاني رپيو وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ پنهنجي رپئي جي مضبوطي تي ئي يقين رکو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button