اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 28 ڄڻا فوت،6137 ڄڻن ۾ ڪرونا جي تصديق

اسلام آباد؛پاڪستان ۾ ڪرونا سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 28 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته 6137 نوان مريض سامهون آيا آهن. ان ڏس ۾ ڪرونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جون 63413 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 6137 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي. جڏهن ته وائرس وگهي وڌيڪ 28 ڄڻا فوت ٿي ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 9 ڏهائي 68 سيڪڙو رهي. اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 29448 ٿي ويو. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 14 لک 54 هزار 800 ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16347 ڄڻا ڪرونا مان صحتياب ٿيا جنهن بعد ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 13 لک 33 هزار 732 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button