1930ع جي ڏهاڪي ۾ ننڍي کنڊ ۾ جيئن ئي آواز وارين فلمن جو دور شروع ٿيو ته موسيقيءَ کي تمام گهڻي اهميت ملڻ لڳي، ان وقت جي فلمن ۾ گيت تمام گهڻا شامل ڪيا ويندا هئا. 1931ع کان 1950ع تائين جدن ٻائي، نرملا ديوي، ڪانن بالا، نسيم اختر، شمشاد بيگم، ثريا جهڙين گلوڪارائن جو دور هو ۽ ماڻهو انهن جي آواز کي تمام گهڻو پسند ڪندا هئا. نورجهان جو آواز به هر هنڌ گونجندو هو. فلمي پنڊت چون ٿا ته ورهاڱو ٿيو ۽ نورجهان لاهور اچي پاڪستاني فلم انڊسٽري سان وابسته ٿي ته ان وقت جا موسيقار ۽ فلمساز پريشان ٿي ويا هئا ته هاڻي ان جو خال ڪير ڀريندو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ ننڍي ڄمار جي هڪ شرميلي ڇوڪري فلمي دنيا سان متعارف ٿي، جنهن اڳتي هلي آواز جي دنيا تي حڪمراني ڪئي. اها هئي مشهور ڪلاسيڪل سنگر ماسٽر دينا ناٿ منگيشڪر جي وڏي ڌيءُ لتا منگيشڪر.
لتا منگيشڪر جو جنم 28 سيپٽمبر 1929ع تي اندور ۾ موسيقار گهراڻي ۾ ٿيو. لتا جي ڄمار 13 سال هئي ته سندس والد وفات ڪري ويو، خاندان جي ڪفالت جي ذميواري لتا تي اچي ويئي. هن جي موسيقيءَ جي شروعاتي تربيت پنهنجي پيءُ وٽان ٿيل هئي. 1943ع ۾ هن مراٺي فلم ۾ بطور چائلڊ آرٽسٽ ڪم ڪيو، بعد وارا ٻه سال هن ڪجهه مراٺي فلمن جا گيت ڳايا. 1945ع ۾ هو ممبئي (ان وقت بمبئي) ڏانهن آئي ۽ ان وقت جي مشهور موسيقار غلام حيدر هن جي مدد ڪئي ۽ پنهنجي هندي فلم “مجبور” ۾ کيس ڳائڻ جو موقعو ڏنو. جنهن ۾ هن جو مڪيش سان گڏ ڳايل گانو ڪافي مقبول ٿيو. ان کان پوءِ لتا پرڪاش، کيم چند، شيام سندر، انيل بسواس ۽ حسن لعل ڀڳت جهڙن موسيقارن سان گڏ ڪم ڪيو. پر ان کي اڃان اها سڃاڻپ نه ملي سگهي جنهن جي هن کي ڳولا هئي. بڙي مان، آپ ڪي سيوا مين، شادي سي پهلي. انوکا پيار، شهنائي، آشا، چاند ستاري، گجري، هير، رانجها جهڙين فلمن ۾ لتا جو آواز شامل هو.
ان وقت جنهن موسيقار جو نالو سڀ کان وڌيڪ ٻڌو ويندو هو ۽ ان کي فلمي گانن جي ڪاميابيءَ جي ضمانت سمجهيو ويندو هو، اهو هو نوشاد. نوشاد سان گڏ لتا جي پهرئين فلم هئي “چاندني رات” چون ٿا ته جڏهن نوشاد پهريون ڀيرو لتا کي ريهرسل لاءِ گهرايو ته ان وقت شديد برسات وسي رهي هئي، رستي ۾ لتا جي جتي ٽٽي پئي، هن پنهنجا پير ساڙهي ۾ لڪائي ڇڏيا هئا، سندس غربت جي ان حالت کي نوشاد محسوس ڪري ورتو، جو هو به اهڙين حالتن مان گذري چڪو هو. چاندي رات کان پوءِ لتا کي شهرت ملڻ لڳي جنهن کان پوءِ نوشاد سان ئي 1949ع جي ريليز ٿيل انداز ۽ ساڳي سال ريليز ٿيل برسات جنهن جا موسيقار شنڪر جئه ڪشن هئا، ان جي گيتن لتا کي جهرجهنگ مشهور ڪيو. ڪيترائي ڪلاسڪ گيت اڄ به اوترائي مقبول آهن. “برسات مين هم سي ملي تم” “هوا مين اڙتا جائي، ميرا لعل دوپٽه ململ ڪا” “جيا بيقرار هي، چاهيي قرار هي” “ڇوڙ گئي بالم” وغير، برسات مڪمل طور موسيقي تي ٻڌل هڪ بهترين فلم هئي. ان کان پوءِ لتا هندستاني فلمي صنعت جو لازمي حصو بڻجي ويئي، ان مٿان فلمي گانن جي برسات ٿيڻ لڳي. هر فلمساز ۽ هر موسيقار جي خواهش هوندي هئي ته لتا جو آواز سندس فلم ۾ ضرور شامل هجي. 1949ع ۾ 30 کان وڌيڪ اهڙيون فلمون ريليز ٿيون جن ۾ لتا جي آواز ۾ ڳايل گيت شامل هئا. ان کان پوءِ شنڪر جئه ڪشن جي موسيقي ۾ فلم “آهه” جيڪا 1953ع ۾ ريليز ٿي ان جا گيت “جاني نه نظر” “آجا ري اب ميرا دل” 1954ع ۾ “ناگن” جنهن جو موسيقار هيمنت ڪمار هو. 1955ع ۾ “ديوداس” جنهن جو موسيقار آر ڊي برمن هو، ان جا گيت “جسي تو قبول ڪرلي وه ادا ڪهان سي لائون”، “رڪ جا او جاني والي” 1955ع ۾ ئي ريليز ٿيل نرگس ۽ راج ڪپور جي بهترين ۽ يادگار فلم جنهن ۾ نرگس ۽ راج جنهن جو موسيقار پڻ شنڪر جئه ڪشن هئا. ان جا گيت “پيار هوا اقرار هوا”، “رميا وستا ويا” 1956ع جي راج ڪپور جي ئي بهترين فلم “چوري چوري” جا يادگار گيت “آجا صنم، مڌر چاندني مين هم” پنڇي بنون اڙتي ڦرون”، ” يي رات ڀيگي ڀيگي” 1960ع ۾ ريليز ٿيل “مغل اعظم” جا گيت “جب پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا” 1964ع ۾ ريليز ٿيل “وه ڪون ٿي جو گيت “لگ جا گلي ڪه پهر يه حسين رات هو نه هو” انهن سان گڏ سندس 2015ع جي فلم “لائيف از ۾ موومينٽ” ۾ ڳايل آخري گاني تائين ٻيا ڪيترائي اهڙا لازوال گيت آهن، جيڪي ٻڌندڙن جي ڪنن ۾ سدائين تازه محسوس ٿيندا رهندا. مشهور اداڪاره نرگس چوندي هئي ته لتا جي آواز ۾ ڳايل گيتن کي فلمائڻ وقت هن کي اکين ۾ گليسرين وجهڻ جي ضرورت محسوس ناهي ٿيندي، پاڻ ئي جذبات ظاهر ٿي پوندا آهن.
لتا جي ڳايل گانن جو انگ 50 هزار کان وڌيڪ آهي. 1974ع کان 1991ع تائين سندس نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائيندڙ گلوڪاره طور شامل رهيو. جنهن تي محمد رفيع اعتراض ڪيو هو. 2011ع ۾ گنيز بوڪ وارن لتا جي ڀيڻ آشا ڀوسلي جو نالو ريڪارڊ بوڪ ۾ شامل ڪري ان کي سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائيندڙ گلوڪاره جو درجو ڏنو آهي. لتا منگيشڪر هندي/ اردو سان گڏ بينگالي، مليالم، تيلگو، ڪنڙ، آسامي، اڙيا، ڪننڊا، گجراتي، پنجابي، ڀوجپوري، نيپالي، مراٺي ٻولين ۾ به گيت ڳاتائين. جيئن لتا جي ڳايل گانن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، ان جي فلمن جو انگ ۽ کيس مليل اعزازن ۽ ايوارڊن جي فهرست به ايتري ئي ڊگهي آهي. جن خاص اعزازن ۾ ڀارت جو وڏي ۾ وڏو اعزاز “ڀارت رتنا”، پدما ڀوشن (1969)، پدما وڀوشان (1999)، زي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، دادا صاحب پالڪي ايوارڊ (1989)، مهاراشترا ڀوشن ايوارڊ (1997)،اين ٽي آر قومي ايوارڊ (1999)، ڀارت اتنا ايوارڊ (2001)، ليجين آف آنر (2007)، اي اين آر قومي ايوارڊ (2009)، ٽي قومي فلم ايوارڊ ۽ 15 بنگالي فلم ايوارڊ شامل آهن. 1984ع ۾ مڌيا پرديش سرڪار ۽ 1992ع ۾ مهاراشترا سرڪار “لتا منگيشڪر ايوارڊ” جو بنياد وڌو.لتا سنڌيءَ ۾ به هڪ گيت “منهنجا سپرين تو کان وڇڙي” ڳايو آهي. اهو گيت هن سنڌي فلم “هل ته ڀڄي هلون” لاءِ رڪارڊ ڪرايو هو. هن گيت جي موسيقي سي ارجن ترتيب ڏني ۽ پروڊيوسر سترام روهڙا هو. هي مزاحيه فلم 1984ع ۾ ريليز ٿي هئي. لتا هڪ موسيقار ۽ فلمساز طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. 1960ع کان 1969ع تائين هن پنجن مرهٽي فلمن ۾ موسيقار طور ڪم ڪيو. هن هڪ فلمساز طور چار فلمون ٺاهيون.
گلزار چوندو هو ته لتا جو آواز اسان جي دور جو هڪ ثقافتي عجوبو آهي. اهو اسان جي روزاني جي زندگيءَ جو حصو آهي، ڪو ڏينهن ان جي آواز ٻڌڻ کان سواءِ نه ٿو گذري. جاويد اختر جي بقول هڪ سج، هڪ چنڊ ۽ هڪ لتا آهي.
ذاتي زندگيءَ ۾ هن جو مشهور گلوڪاره محمد رفيع سان ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿيو هو، ان جهڳڙي جا سبب گلوڪارن کي ملندڙ رائلٽي جا معاملا ۽ ٻيو گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ لتا جو نالو شامل ٿيڻ ٻڌايو وڃي ٿو. محمد رفيع جو چوڻ هو ته جنهن وقت لتا جو نالو ان ريڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو، ان وقت تائين هن جي گيتن جو انگ لتا کان وڌيڪ هيو ۽ هن ڪجهه وقت ان سان گڏ ڳائڻ کان بائيڪاٽ ڪيو هو، بعد ۾ معاملو حل ٿيڻ کان پوءِ وري گڏ ڳائڻ شروع ڪيو هئن. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ سندس محبت استاد موسيقار سلامت علي خان سان ٿي هئي، سندن شادي جي ڳالهه ٻولهه به ٿيڻ لڳي هئي، پر مذهب ۽ سماجي فرق سندس محبت جي وچ ۾ ديوار بنجي ويو ۽ ان سبب سندن محبت جو انجام به خوشگوار نه ٿي سگهيو.
ڀارتي وزير اعظم جواهر لعل نهرو هڪ تقريب ۾ لتا جي ڳايل گيت “اي ميري وطن ڪي لوگو” ٻڌو هو ته هن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هئا ۽ بعد ۾ هو کانئس اڪثر اهو گانو ٻڌڻ جي فرمائش ڪندو هو. نواز شريف هڪ ڀيري پنهنجي ان خواهش جو اظهار ڪيو هو ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ لتا جو هڪ ميوزيڪل پروگرام ٿيڻ گهرجي، جيئن پاڪستاني ماڻهن کي هن کي سامهون ڳائيندي ڏسڻ جو موقعو ملي.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته لتا راڳ جي ميدان ۾ پنهنجا لافاني نقش ڇڏيا آهن، جيڪي موسيقي جي تاريخ رهڻ تائين زنده رهندا، پر سدائين موسيقي ٻڌندڙ ان مان لطف اندوز ٿيندا رهندا.