ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تتل لوهه تي هٿوڙو هڻڻ جي دير!

دستگير ڀٽي

دنيا جي سڌريل ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به هڪ آئيني قومي ادارو آهي، “پاڪستان انفارميشن ڪميشن” جنهن جي ذميواري آهي ته هر هڪ حڪمران، فوجي سربراهه، پاڪستان جي صدر، وزيراعظم توڙي وزيراعليٰ ۽ وزيرن کي پرڏيهي حاڪمن پاران ملندڙ سوکڙين جي رڪارڊ کي سنڀالي رکي ۽ هر سال ماڻهن کي ان ڳالهه کان واقف ڪري ته ڪهڙي ڪهڙي حڪمران کي ڪهڙا تحفا پرڏيهي حاڪمن يا سندن سفيرن پهچايا. انهن سوکڙين کي قوم جي امانت سمجهي يورپ ۽ امريڪا وارا ته صدين کان سنڀالي محفوظ ڪندا آهن. پر اسان جهڙن ايشيا ۽ افريقا جي ڊڪٽيٽرشپ سٽيل ملڪن جا حاڪم انهي قانون تي نه رڳو عمل ڪو نه ٿا ڪن پر ان جي مٽي پليت ڪندا رهن ٿا. انهي حقيقت جو تازو مثال وزيراعظم عمران خان پاران هن اداري کي سچائي سان سموري دنيا جي اڳواڻن جيان تفصيل ڏيڻ کان انڪار آهي ته جيئن ڳاٽي ٽوڙ محصول ۽ روز روز نوان لڳندڙ ٽيڪس ڀريندڙ ڪروڙين مسڪين ماڻهن کي اها ڄاڻ ئي نه ملي ته ڪهڙا ڪهڙا ملڪ هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان جو ڪيترو قدر ڪن ٿا. ۽ کيس ڇا ڇا ڏنو اٿن. ان لا هڪڙو وڏو دليل آئون پاڻ هتي ڏيان ٿو ته تازو سي اين اين جي جڳ مشهور خاتون صحافي ڪيٽي ائنڊرسن عمران خان کان پڇيو ته اسان جو نئون صدر بائيڊن اوهان سان عليڪ سليڪ ڇو نٿو ڪري؟ ورندي ۾ وزيراعظم چيو ته امريڪي صدر گهڻو مصروف آهي، ان ڪري! سي اين اين نه رڳو امريڪا جو پر سڄي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽي وي چئنل آهي. اوهان ڪڏهن ٻڌو ته چين، جاپان، آسٽريليا، نيوزيلينڊ يا روس جو ڪوبه چئنل دنيا جا ماڻهو اهڙي شوق سان ٻڌندا هجن جيئن سي اين اين ۽ بي بي سي لنڊن کي ورهين کان ٻڌن ٿا؟ عمران خان جي انهي جواب تي سڄي دنيا ۾ سندس بيعزتي ۽ رسوائي ٿي. جن ماڻهن اهو انٽرويو ٻڌو هي پاڪستاني وزيراعظم جي بيوسي تي کلڻ لڳا. انهي انٽرويو تي عالمي سطح جي تجزيه نگارن عمران خان جي ذهانت ۽ اهليت جي باري ۾ جيڪا ابتڙ را ڏني سا ته آئون هتي لکي به نٿو سگهان، پر خود سي اين اين جي هڪ مبصر چيو ته، “امريڪي صدر جوبائيڊن کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم وٽ فقط اسلام آباد ميونسپالٽي (سي ڊي اي) جي ميئر جيترا اختيار آهن. اصل اختيارن جو مرڪز ۽ محور اسٽيبلشمينٽ آهي”. عمران خان ۾ ايتري به جرئت ناهي جو سي اين اين جي گذريل ٽن ڏينهن کان بار بار دهرائجڻ انٽرويو ۽ عالمي تجزيه نگارن مان ڪنهن هڪ کي به جواب ڏيئي سگهي. کيس ڄاڻ آهي ته اختيار جا اصل مالڪ واڳ ڌڻي سندس ڪاروهنوار مان هرگز خوش ناهن ۽ گذريل سال ڏيڍ کان اهڙو ساکائتو ۽ ذهين شخص ڳولهين پيا، جنهن کي وزيراعظم هائوس ۾ ويهاري، عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪري سگهن. تمام وڏي ڪوشش ڪئي واڳ ڌڻين ته شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀا سان بيوفائي ذريعي ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻ قبول ڪري پر نواز شريف جي سمجهو، بهادر ۽ بيباڪ نياڻي مريم نواز سندس واٽ تي ايترا ڪنڊا وڇائي ڇڏيا آهن جو شهباز شريف پنجاب جي ڪينٽونمينٽ بورڊ ۾ ٿيل تازي چونڊن ۾ ماڻهن جو موڊ ۽ هوا جو رخ ڏسي سمجهي ويو آهي ته جي مسلم ليگ نواز سان ٻيائي ڪندس ته اهڙو ئي حشر ٿيندو جهڙو اڌ کي ڇڏي سڄي جي لالچ ۾ ڊوڙ پائيندڙ ماڻهن جو تاريخ ۾ ٿيندو رهيو آهي.
اچون ٿا اصل ڳالهه تي ته وزيراعظم عمران خان مٿس سرڪاري خزاني مان سوکڙيون چورائڻ واري دعويٰ کي چئلينج ڪندي، اسلام آباد ها ڪورٽ ۾ فرياد داخل ڪئي آهي ته پي آ سي نالي قومي اداري کي حڪم ڏنو وڃي ته مون کان سوکڙين جا تفصيل نه پڇن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن تفصيل ظاهر ڪندس ته قومي مفادن کي ڇيهو رسندو. ظلم اهو آهي ته اڄ ڏينهن تائين اسان جي ملڪ پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجي ذاتي فائدن کي قومي مفاد قرار ڏيئي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ کان لنوايو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي عمران خان تائين اسلام آباد واري گادي تي ويٺل همراهن “قومي مفاد” جي آڙ ۾ قهر ڪري ڇڏيا آهن. سوا هڪڙي ايماندار وزيراعظم محمد خان جوڻيجو صاحب جي، باقي سمورن نه رڳو ٻاهرين ملڪن مان مليل تحفن جي ڀينگ ڪئي، پر ڪروڙين وطين واسين جي ڏينهن رات ڪيل رت پگهر واري پورهئي مان ڀرجندڙ قومي خزاني ۾ به اربن کربن جا کاٽ هڻندي کين ٽڪي جيترو به احساس نه ٿيو ۽ نه ڪو شرم يا رحم!
بهرحال اسلام آباد ها ڪورٽ جي چيف جسٽس نصر من الله جمعي تي عمران خان جي فرياد تي پاڪستان انفارميشن ڪميشن (پي آ سي) جي سربراهه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي ته ايندڙ تاريخ تي پنهنجو جواب عدالت ۾ اچي داخل ڪرايو. هن قصي جو اصل ڪارڻ هڪڙو باشعور شهري ابرار خالد آهي، جنهن ڪجهه وقت اڳي پي آ سي کي درخواست ڏني هئي ته پاڪستان جي هر هڪ شهري کي اطلاعات تائين رسائي ڏيڻ هر شهري جو A right to information آئين ۾ طئه ٿيل آهي. اهو ذمو اوهان جي اداري کي آئين مطابق ڏنو ويو پر اوهين گذريل ڪئين سالن کان حڪمرانن کي مليل سوکڙين پاکڙين جو تفصيل ئي نه پيا ڏيو؟ ڪميشن جو هاڻوڪو سربراهه شايد مون وانگر ڪو سر ڦريو آهي، جنهن انهي شهري ابرار خالد جي درخواست کي مان ڏيندي وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو ته مهرباني ڪري پاڪستان جي عوام کي ٻڌايو ته هيستائين انهي سڀ کان وڏي سرڪاري عهدي جي صدقي گذريل ٽن سالن ۾ اوهان کي ڪهڙن ڪهڙن ملڪن جي حاڪمن ڪهڙا ڪهڙا تحفا ڏنا آهن؟ عمران خان کي پي آ سي جو اهو سوال هرگز نه وڻيو. هن پهرين ته فون ڪري ڪميشن جي سربراهه کي ائين داٻا ڏنا جيئن ايف آ اي جي اڳوڻي فرض شناس ۽ غيرتمند ڊي جي بشير احمد ميمڻ کي ڏنا هئائين. بشير احمد ميمڻ انڪار جي جنهن ريت جرئت ڪئي تيئن هاڻي پي آ سي جي چيئرمين پڻ وڏي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان هي ڪارنامو ڪيو آهي ته جيئن بي خبر مسڪين ماڻهن کي ڄاڻ ملي ته پاڪستان جي حڪمرانن سرڪاري مالخاني مان فلاڻيون قيمتي شيون چوري ڪيون آهن. ياد ڪريو يوسف رضا گيلاني جو واقعو جنهن 2010ع ۾ سنڌ جي مها ٻوڏ جي ڏتڙيل ماڻهن لا ترڪي جي وزيراعظم طيب اردوان جي گهرواري پاران امداد لا هيرن جو هار ڏنو هو. تڏهوڪي وزيراعظم گيلاني اهو قيمتي هار پنهنجي زال کي پارائي ڇڏيو هو! ڇا ملڪ جي بدنامي ٿي هئي يا نه؟ هاڻي جڏهن عمران خان به گيلاني وانگر حقيقت کي لڪائڻ لا “قومي مفاد” جي اوٽ ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪندو ته پاڻ وائکو ٿيندو يا قومي مفادن کي ضرب لڳندي؟ دبئي، قطر، سعودي عرب جا بادشاهه ته جنرل ضيا، نواز شريف ۽ آصف زرداري کي سونيون واچون، مهانگيون گاڏيون ۽ ننڍا هوائي جهاز ڏيندا هئا جيڪي هنن به قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران ڀڳڙن مٺ عيوض خود پنهنجو پاڻ کي وڪرو ڪيا. ظاهر آهي ته ساڳيو انڌير عمران خان به ڪري پيو، جنهن ڪري عوام کان حقيقت لڪائڻ خاطر هو اسلام آباد ها ڪورٽ کي منٿون پيو ڪري ته “قومي راز” آهن جن کي پڌرو ڪرڻ قومي مفاد ۾ ناهي. ڇا اڳوڻا حڪمران جيڪي گاڏيون، هيرن موتين سان سٿيل سون جون گهڙيون ۽ هيرن جا هار پنهنجي گهر کڻي ويا، تن جي اصليت ظاهر ٿيڻ تي پاڪستان جي بدنامي ٿي يا سچائي کي لڪائڻ تي؟
سوچيو ته پاڪستان تي هي ڏکي مهل سدائين ڇو ٿي رهي؟ مصيبتون ڇو نه ٿيون ٽرن ۽ بي پناهه قدرتي وسيلن سان مالامال هن ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لا ڇو ٿا ڦٿڪن ۽ تڙپن؟ هي مهانگائي ختم ڇو نٿي ٿئي؟ هي حڪمران عوام سان اليڪشن کان اڳ ڪيل واعدن تان وڏي بي شرمي ۽ بي حيائي سان ڦريو وڃن، تڏهن به منجهن ايتري غيرت نٿي جاڳي ته پنهنجي ناڪامي ۽ نااهلي کي تسليم ڪري اقتدار جي تخت تان لهي ڌوڙ ۾ ٽٻي هڻن؟ انهن سوالن جو ستر سالن ۾ به جواب ڏيڻ لا اصل واڳ ڌڻي تيار ناهن. ڇاڪاڻ ته هنن جا پنهنجا هٿ رڱيل آهن نه رڳو ڪرپشن، اليڪشن جي ڌانڌلين، پلاٽن ۽ زمين جي ناجائز الاٽمينٽ ۽ ملڪ جي اهم حساس عهدن تي فقط انٽر پاس رٽائرڊ مٽن مائٽن کي ڀرتي ڪرڻ جي غير قانوني ڪمن ۾! هنن کي نيب جو چيئرمين وڻي ٿو، جنهن کي ايڪسٽينشن ڏيڻ لا گهاٽ ٿا گهڙين پر چيف اليڪشن ڪمشنر ڏٺي نٿو وڻين، ڇاڪاڻ ته ضمني چونڊن کان وي ڪينٽونمينٽ بورڊ ۾ ٿيل تازين چونڊن تائين چيف اليڪشن ڪمشنر راجا سڪندر سلطان حڪمران تحريڪ انصاف کي ڌانڌليون ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. واڳ ڌڻين کي افغانستان تي قابض ٿيل پنهنجا پاليل تاتيل طالبان وڻن ٿا پر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جهڙو انصاف پسند جج پسند ناهي، جيڪو لکت ۾ ڏنل ججمينٽ ۾ غير سياسي ادارن جي سياست ۾ ڄنگهه اڙائڻ واري غير آئيني ۽ غير شرعي عادت کي نندي ٿو. ڇنڇر جي اخبارن ۾ ڇپيل آهي ته طالبان حڪومت ماڻهن جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻ ۽ سندن هٿ وڍڻ واري سزا ڏيندا رهندا ۽ اسان جي ملڪ جو وزيراعظم عمران خان دنيا کي منٿ ميڙ پيو ڪري ته تباهه ٿي ويل افغانستان جي ٻيهر اڏاوت لا اربين ڊالر اماڻيو! کوڙو ئي نٿو لڳي ته عمران خان جي انهن اپيلن تي يورپ، امريڪا توڙي جاپان ۽ افريقا جا مهذب حڪمران ڌيان ڌريندا. عمران خان کي اهڙن بيانن ڏيڻ مهل اهو به اندازو نه هوندو آهي ته سندس سوچ سان انتهاپسندن کي ته هٿي ملندي پر سڌريل ملڪن ۾ پاڪستان جي ساک کي ڪاپاري ڌڪ رسندو. آئون پنهنجي آرٽيڪل جي پڄاڻي اليڪٽرانڪ مشين واري نوسربازي تي ڪريان ٿو، جنهن کي ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ته رد ڪري چڪيون آهن پر اليڪشن ڪميشن به رڳو تحريڪ انصاف جي دٻا هيٺ ايندڙ چونڊن ۾ اي وي ايم استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندي. نيٺ فيصلو سپريم ڪورٽ تائين ويندو ۽ ان فيصلي کان اڳ نه رڳو سليڪٽيڊ پر سليڪٽرن جو به ڪم لهي ويندو. لوهه ايڏو تتل آهي جو رڳو هٿوڙو هڻڻ جي ويرم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button