ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انڊس ڊيلٽا لا پيدا ٿيندڙ خطرا

ايڊيٽوريل

انڊس ڊيلٽا ۾ دريائي پاڻي نه پهچڻ تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۽ دنيا جي ٻين ماهرن پاران ڳڻتي جو اظهار ٿيندو رهيو آهي، ان بابت ماهر وقتن بوقتن پنهنجون تجويزون به ڏيندا رهيا آهن پر وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن ان تي ڪا به توجهه ناهي ڏني. موجوده حڪمرانن جي ته وڏي دعويٰ آهي ته ماحوليات جو بچا هنن جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، پر هنن مهل تائين ڊيلٽا جي تباهي تي ڪو ڌيان نه ڏنو آهي.
تازو ئي ماحوليات جي ماهرن انڊس ڊيلٽا ۾ دريائي پاڻي نه پهچڻ سبب سمنڊ جي مسلسل چاڙهه واري عمل کي انڊس ڊيلٽا لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي ماحولياتي اهميت باوجود ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏي خوفناڪ حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن. ان جا ماحوليات تي خطرناڪ اثر پئجي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هنن جمعي واري ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس، ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان ۽ آڪسفيم جي گڏيل سهڪار سان “ساحلي آبهوا جا خطرا ۽ صنفي فرق سان منهن ڏيڻ لاءِ نوجوانن ۾ بيداري” جي سري هيٺ ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ماهرن چيو ته ”موسمياتي تبديلين پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي درست پلاننگ ناهي ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه پيا کنيا وڃن. ماحولياتي اثرن جي نتيجي ۾ اڪثر ماحولياتي نظام پنهنجي لچڪ وڃائي رهيو آهي، جنهن سبب ڌرتي به جديد عالمي معاشري لاءِ تمام گهٽ مهمان نواز بڻجي وئي آهي. سنڌ جي ساحلي پٽي موسمياتي تبديلي بابت دنيا جي ٻين حصن کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي. هتي معاشي ذريعن جو نقصان ٿيو آهي.
ماهر چئي رهيا آهن ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ جي ڪري انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي پر وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن ڊائون اسٽريم ۾ پاڻ ڇوڙ کي زيان قرار ڏيندا رهيا آهن. حد اها آهي جو 91ع جهڙي تڪراري پاڻي ٺاهه تي به وفاق عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن مان به وفاق جي نيڪ نيتي جي خبر پوي ٿي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سمنڊ ۾ درياهه جو پاڻي نه وڃڻ جي ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي، تنهنڪري ڊيلٽا کي پاڻي ڏيڻ ضروري آهي، پر سنڌ جي ان اهم مسئلي کي وفاق خاطر ۾ ئي نه آڻيندو رهيو آهي. 91ع واري معاهدي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر اهو نه پيو ملي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري ٺٽي ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ته پائي ويو آهي، پر ان سان گڏوگڏ وڏي پئماني تي ماحولياتي بگاڙ پڻ پيدا ٿيو آهي. ان جي ڪري نه رڳو انساني زندگي متاثر ٿي آهي، پر آبي ۽ جهنگلي جيوت کي به هاڃو رسيو آهي. مطلب ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري هڪ وڏي المئي جنم ورتو آهي. هڪ پاسي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي رهي آهي. سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري وايو منڊل ۾ بگاڙ اچي چڪو آهي، جنهن ڪري آبي ۽ جهنگلي جيوت متاثر ٿي رهي آهي.
سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ کان ويندي مختلف فورمن ۾ اها ڳالهه تسليم ٿي چڪي آهي ته، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي اچي رهي آهي ۽ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. اهي به ڳالهيون ٿينديون رهيون ٿيون ته، ٻن ٽن ڏهاڪن اندر سمنڊ ڪراچيءَ جهڙن شهرن کي به ڳڙڪائي ويندو. ان جو سبب صرف اهوئي آهي ته، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ٿو ڇڏيو وڃي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي دانهن کي ورنايو وڃي ۽ سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇوڙ جي مسئلي کي فقط ٽيڪنيڪي ئي نه پر نج انساني بنيادن تي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. سنڌ جي ڊيلٽا ۽ ماحوليات بري طرح متاثر ٿي رهي آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته گهربل پاڻيءَ جو ڇوڙ شروع ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button