عمر قاضي
سن واري واقعي پوري سنڌ ۾ واڄٽ وڄائي ڇڏيا آهن. هن مهل سيدن جي مٿان جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي، اها تاريخ جي تناظر ۾ سوچڻ به محال آهي. ان حوالي سان سنڌ جي پيرن، ميرن ۽ سيدن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هاڻي اهو دور نه رهيو آهي، جنهن دور ۾ چيو ويندو هو ته “سيد ميرو ميرو تڏهن به پنج سيرو” هن مهل ڪو به ڪنهن جي ڪاڻ نه ٿو ڪڍي. خاص طور تي سوشل ميڊيا جي هن ماحول ۾ ته ڪنهن جي ڪا به غلطي لڪيل نه ٿي رهي. هن وقت تمام احتياط ۽ صبر سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪنهن کان به ڪا غلطي ٿي وڃي ٿي ته ان کي ان مان نڪرڻ تمام مشڪل ٿئي ٿو. اهو دور ختم ٿيو، جنهن دور ۾ ماڻهن کي هيسائي ۽ انهن کي دٻائي رکيو ويندو هو. هن وقت حالت اها آهي ته سمورو سماج ڪنهن پيٽرول سان پسيل پٽ وانگر محسوس ٿئي ٿو ۽ ڪا به تيلي پوري ماحول کي ٻاري سگهي ٿي. اڳ ۾ به غلطيون ٿينديون هيون ۽ اهو ممڪن آهي ته هن دور کان وڌيڪ غلطيون ٿينديون هيون پر هاڻي سوشل ميڊيا سبب ڪنهن جي غلطي لڪل نه ٿي رهي. دير يا سوير سان ان جي غلطي ٻاهر نڪري اچي ٿي ۽ پوءِ ان سان اهڙو حشر ٿئي ٿو جو اسان ڏسي ڏري ٿا وڃون. هن دور جي تقاضائن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي.
هي اهو دور آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي تن تي پاتل ڪپڙن کان به پاڻ کي محفوظ نه ٿو سمجهي. ان ڪري سن جي شهر ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو ۽ ان تي جيڪو ردعمل عمل ۾ آيو، ان جي صورتحال کي سمجهي سن جي سيدن کي سمجهڻ گهرجي ته هاڻي حالتون ساڳيون نه رهيون آهن. حالتن جي ساڳي نه رهڻ جو سبب هڪ ته ماڻهن جي سوچ جو مٽجڻ آهي ۽ ٻيو ته ميڊيا جهڙي طرح عام ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اچي وئي آهي ۽ ڪو به ڪٿي ڪو ممڻ مچائي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال کان بچڻ تمام لازمي آهي. هن وقت اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ذات پات جو سلسلو جيڪو اڳ ۾ هو هاڻي اهو نه رهيو آهي. ماڻهو پراڻي ماضيءَ کي ياد ڪري ان واٽ تي هلڻ جي لاءِ تيار ناهن. انهن کي ڪجهه نئون گهرجي. سيد ۽ پير ڪنهن دور ۾ تمام گهڻي دهشت جي علامت هوندا هئا پر هن مهل عالمي صورتحال ۾ اسان جنهن ماحول ۾ اچي ويا آهيون، انهن ۾ ڪا ذات ۽ ان جي حيثيت صرف نالي سان نه پر انهن مادي مفادن سان جڙي وئي آهي، جن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. انسان جنهن معاشري مان گذري ٿو ان جي تقاضائن تي نظر رکڻ به ضروري آهي.
سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد سبب سن جي سيد خاندان کي جيڪا اهميت ملي آهي، ان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. اها اهميت هڪ ئي وقت فائدي واري به آهي ۽ ان مان ممڪن طور تي نقصان پوڻ جو انديشو به هر وقت رهي ٿو. ان جو وڏو مثال ڪراچيءَ ۾ حيدر منزل جي حوالي سان هو. ظاهر آهي ته حيدر منزل جي تاريخي اهميت رهي آهي پر جيڪڏهن ان جا مالڪ ان منزل کي وڪڻڻ چاهين ٿا ته انهن کي ڪير پيو روڪي سگهي ۽ انهن کي ڪير روڪي سگهيو. پر سوشل ميڊيا تي جيڪو طوفان متو هو، ان کي نظر ۾ رکي هڪ مشهور فيمليءَ کي احتياط کان ڪم وٺڻ کپندو هو. ساڳي طرح سان سن ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي ۽ جهڙي طرح سيد خاندان جي هڪ فرد پاران ملاحن جي قبرن کي ميساري انهن جي هڪ قبر ٺاهي قبرستان تي پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪيو ويو آهي، اهو جڏهن عام ٿيو ته ماڻهن جون همدرديون ملاحن سان وڌيڪ ٿيون. ان جو سبب اهو آهي ته مشهور خاندانن سان ماڻهن جي دلين ۾ هڪ فطري قسم جي ناپسنديدگي به رهي ٿي. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ پتو پوي ٿو ته ان جي غلطيءَ کي وڌائي چڙهائي به پيش ڪيو وڃي ٿو. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سن شهر ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ٺيڪ هو! اهو بلڪل به غلط آهي ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان کي گڏيل ساٿ جي ضرورت آهي. جيڪو ساٿ هلندو ته ان جو ڪو فائدو به پوندو.
سن جي سيد خاندان جي عزت ۽ احترام پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ اهو احترام اهڙو آهي، جيڪو ڪنهن به خاندان جي لاءِ هجڻ گهرجي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته صدين کان وٺي جيڪي ماڻهو سن شهر ۾ رهن ٿا، انهن جي ڪا به پرواهه نه ڪجي ۽ انهن کي پنهنجو غلام سمجهجي. سن جي سيد خاندان کي سمجهڻ کپي ته جنهن شهر ۾ هو رهن ٿا ۽ جيڪو شهر تاريخي طور تي مشهور آهي، اهو شهر اصل ۾ سڀ کان اڳ انهن مهاڻن جو هو، جيڪي سنڌو دريا جي لهرن تي پنهنجو روزگار ڪندا هئا ۽ انهن کي ماني ان سنڌو جي ڪنارن تي موجود مٽيءَ مان سلن جي صورت ۾ اڀري ايندي هئي پر انهن جي مڇي دريا مان ايندي هئي. مانيءَ ۽ مڇيءَ جو اهو تعلق تاريخي آهي ۽ ڪنهن کان به اها ڳالهه ڳجهي ناهي. اهي ملاح جيڪي قديم سنڌ جا رهواسي هئا ۽ انهن جي زندگي ته درياهه تي گذرندي هئي پر جڏهن هو پنهنجا پساهه پورا ڪري ويندا هئا ته انهن کي دفنائڻ جو بندوبست انهن ڳوٺن ۾ ٿيندو هو. ان ڪري سنڌ جي قديم قبرستانن جا مالڪ اهي مسڪين ماڻهو هئا، جيڪي تاريخي طور تي ان هنڌ رهندا هئا. انهن جي حيثيت تاريخي آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي به موجود حيثيت کي مسمار ڪجي ٿو ته اها تاريخ مسمار ڪرڻ جي برابر آهي. هونءَ به تاريخ صرف حويلين ۽ محلن جو نالو ناهي. تاريخ اسان جي مٽيءَ جي انهن آثارن مان جڙي ٿي، جن کي هن ڀيري سن شهر ۾ مسمار ڪيو ويو آهي. اهو واقعو بيان رهيو آهي ته جيڪڏهن جي ايم سيد موجود هجي ها ته ان قسم جي ڪا حرڪت نه ٿئي ها. ڇو ته سائين جي ايم سيد نه صرف پوري سنڌ جو پر پنهنجي اباڻي شهر سن جو به خيال رکندو هو ۽ هو اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪندو هو، جنهن سان ماڻهن کي تڪليف پهچي.
سائين جي ايم سيد جي خاندان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو سائين جي ايم سيد جي ملڪيت ۽ زمينن جا وارث آهن ته هن جي روايتن جو خيال رکڻ به انهن جي فرضن ۾ شامل آهي. اهو ئي سبب آهي ته ماڻهن ۾ وڌيڪ اشتعال ان ڪري پيدا ٿئي ٿو جو هو سائين جي ايم سيد جي پس منظر ۾ شين کي ڏسن ٿا. انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته هو چاهن يا نه چاهن پر ماڻهو انهن مان اهي اميدون رکن ٿا، جيڪي اميدون انهن کي شايد نه رکڻ گهرجن پر ماڻهو ڇا ڪن؟
انسان پنهنجن خوابن ۽ خيالن جو قيدي به آهي. ماڻهن جون خواهشون غلط ئي سهي پر انهن جي لاءِ تمام اهم آهن. انهن کي جڏهن به محسوس ٿئي ٿو ته انهن جا سپنا ڪنهن طور تي ٽٽن ٿا ته هو تمام گهڻي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اچي وڃن ٿا. هن وقت سنڌ ته ڇا پر پوري دنيا جنهن ڪيفيت مان گذري رهي آهي، اها ڪجهه ٻي آهي. سن شهر کي ان ڪيفيت جي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان جيڪڏهن تاريخ کي تبديل ڪري نه ٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ تاريخ کي تباهه ته نه ڪريون. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته تاريخ صرف عمارتن جو نالو ناهي، اصل تاريخ اسان جي روايتن مان جڙي ٿي ۽ جڏهن به ڪي روايتون پائمال ٿين ٿيون ته انسانن کي انهن جو ايذاءُ پهچي ٿو ۽ هو انهن کان اهڙي ريت متاثر ٿين ٿا، جهڙي ريت سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو سن واري واقعي کان متاثر ٿيا آهن. انهن کي محسوس ٿيو آهي ته ڄڻ انهن جي سيني ۾ ڪا شيءَ ٽٽي پئي آهي. سن حوالي سان سن جي سيدن کي پنهنجي خلاف ڪا سازش سمجهڻ بدران انهن کي پنهنجي لاءِ پيار ۽ محبت جو هڪ انداز سمجهڻ گهرجي. هو سن جي سيدن مان اها توقع رکن ٿا، جيڪا هو سائين جي ايم سيد مان رکندا هئا. مان سمجهان ٿو ۽ مون جيان گهڻا سمجهن ٿا ته اهو صحيح ناهي پر صحيح ۽ غلط هجڻ جا به ڪي پئمانا ٿين ٿا. اسان کي تاريخ جي حوالي سان تمام گهڻو آبجيڪٽو ٿيڻ گهرجي ۽ هلندڙ وقت جي حوالي سان انتهائي احتياط ڪرڻ کپي. ڇو ته هي دور ان ميڊيا جو ناهي، جيڪا ڪنهن به خبر کان اڳ ۾ تصديق ڪندي هئي. هي سرڪش قسم جي سوشل ميڊيا جو دور آهي. هن دور جون تقاضائون مختلف آهن.