ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي ۾ رڪارڊ قائم ڪندڙ حڪومت

Editorial

ملڪي تاريخ جي هي واحد حڪومت آهي جنهن ٻين ميدانن ۾ ڪارڪردگي بهتر ڪئي هجي نه هجي، پر مهانگائي ڪري عوام کي ايذائڻ ۾ هن جنهن “بهترين” ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، اها ان کي ماضي جي حڪومتن کان الڳ حيثيت ڏيئي ٿي. هاڻي ته مهانگائي مهينن ۽ هفتن ۾ نه پر روز جي بنيادن تي وڌي رهي آهي. ڳڻپ وارو وفاقي ادارو هر هفتي جيڪا رپورٽ جاري ڪري ٿو، ان ڪڏهن به اها رپورٽ نه ڏني آهي ته هفتي جي هيترن ڏينهن ۾ مهانگائي گهٽ ٿي هو مسلسل مهانگائي وڌڻ جون خبرون ڏئي رهيو آهي. تازو ئي ڳڻپ واري کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو اگهه وڌڻ بعد 28 شيون مهانگيون ٿيون آهن. رپورٽ موجب تازي هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 0 ڏهائي 22 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 18 ڏهائي 09 سيڪڙو ٿي وئي آهي. مهانگائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غريب طبقو پيڙهجيو آهي، غريبن لا مهانگائي جي شرح 19 ڏهائي 40 سيڪڙو رهي. ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي دوران پيٽرول، ڊيزل، ٿوم، ٽماٽي، ڪڪڙ جي گوشت، گيهه، اٽو، چانور، ماچيس، ڪاٺيون، ڪپڙن ۽ دالين سميت 28 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي. رپورٽ موجب ٿوم 37 رپيا 76 پئسا في ڪلو، ٽماٽو 5 رپيا 54 پئسا، ڪڪڙ جو گوشت 6 رپيا 21 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو. اهڙي ريت هڪ هفتي ۾ گيهه 3 رپيا 83 پئسا مهانگو ٿيو. جڏهن ته مٽن، بيف، چڻن جي دال، مهري جي دال، کير ۽ ڌونئرو به مهانگو ٿيو. ڪلهه بجلي جي اگهن ۾ 6 رپيا 10 پئسا في يونٽ اضافي جي درخواست ڏني وئي آهي.
مهانگائي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ خلاف اپوزيشن جا اڳواڻ بيان ته ڏيندا رهن ٿا، پيٽرول اگهن ۾ واڌ کي ته اپوزيشن يڪرا رد ڪري ڇڏيو. ڪلهه اپوزيشن جي پارٽي پ پ پاران مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ مهانگائي خلاف ضلعي ڪائونسل سامهون احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن چيو ته “وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسي سبب مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي. عوام دشمن پاليسين خلاف اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪنداسين. پي ٽي آ سرڪار تيل جا اگهه وڌائي عوام سان ظلم ڪيو آهي.” ميرپورخاص ۾ پ پ پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. دادو ۾ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. پ پ ضلعي نوشهروفيروز جي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. سکر ۾ پ پ سٽي پاران پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ چوڪ تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته “عمران خان جي حڪومت پيٽرول 12 رپيا في ليٽر وڌائي عوام تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. هر مهيني پيٽرول، ڊيزل، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام جي زندگي اجيرن ڪئي وئي آهي. سڀني بحرانن ۽ مسئلن جي جڙ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس عوام دشمن پاليسيون آهن، ان لاءِ عمران خان جي حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ سان ئي عوام سک جو ساهه کڻي سگهندو. پي ٽي آءِ جي هن عوام دشمن قدمن خلاف احتجاج به ڪنداسين ۽ لانگ مارچ به ڪنداسين، لانگ مارچ ۾ لکين عوام وزيراعظم تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندو. وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ پ پ جي تجويز تي سڀئي اپوزيشن جون جماعتون متفق آهن، جلد وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ويندي. جيڪڏهن پهريان اپوزيشن جون جماعتون پيپلز پارٽي جي عدم اعتماد واري رٿ واري تجويز ڪن ها ته اڄ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي گهر موڪلي چڪا هجون ها.” جڏهن ته ٺٽي ۾ پڻ پيپلز پارٽي طرفان ضلعي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
اسان سمجهون ٿا ته عوام سان گهٽ اڳوڻين حڪومتن به ڪانه ڪئي هئي، پر موجوده پي ٽي آ جي حڪومت سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي. جيڪڏهن مهانگائي ايئن مسلسل وڌندي رهي ته پو عوام پنهنجو ساهه ڪيئن برقرار رکي سگهندو، حڪمرانن کي ان جو ڪو احساس به آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button