ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مياڻي جي جنگ: سنڌ جو وسريل باب-II

Editorial-Article-Aijaz Chalgri

1842ع ۾ جنرل چارلس نپيئر سنڌ جو نئون ريزيڊينٽ مقرر ٿي آيو، پهچڻ وقت ئي چارلس نپيئر کي انگريز جاسوسن پاران اطلاع پهچڻ لڳا ته مير ٽالپر انگريزن خلاف جهاد جون تياريون پيا ڪن. حالانڪه اهو سراسر ڪوڙ ھو ته مير انگريزن خلاف جنگ جون تياريون پيا ڪن، سنڌي باشندن ۾ انگريزن خلاف حقارت هوندي به مير فوج کي خاموش ڪرائيندا پئي آيا. انهيءَ سال 1842ع ۾ وري چارلس نپيئر پاران حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن اڳيان نئون معاهدو پيش ڪيو ويو، جنهن موجب ڪراچي، ٺٽو، سکر، روهڙي، بکر ۽ درياءَ جي ٻنهي ڪنارن کان انگريز کي مستقل مقرر ايراضي ڏني وڃي، واپاري مال تان سمورن محصولن کي رد ڪيو وڃي، خيرپور جي سموري ايراضي نوابن لاءِ طلب ڪئي وئي جيڪي انگريزن جا وفادار هئا. چارلس نپيئر پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ فوجي طاقت جو سهارو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، هُن پهرين خيرپور ۽ پوءِ حيدرآباد تي فوج ڪشي جون تياريون ڪيون. ٻئي پاسي ٽالپرن جي پاڻ ۾ نااتفاقي ۽ ذاتي اختلافن سبب رستم خان جو سڳو ڀاءُ علي مراد خان تخت نشيني جي لالچ ۾ رستم خان خلاف سازشون ڪرڻ لڳو، هڪ پاسي رستم خان کي انگريزن جي حملي جو ڀؤ ڏياريندو رهيو، ته ٻئي پاسي چارلس نپيئر کي بي بقاءَ ڳالهيون ٻڌائي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائيندو رهيو ته، اتر سنڌ جا مير انگريزن سان جنگ ڪرڻ واسطي رستم خان جي اڳواڻي ۾ سنڌي فوج جو لشڪر ڪَٺو ڪري رهيا آھن. جنرل چارلس نپيئر ان وقت نئين معاهده ڪرڻ واسطي خيرپور جي ميرن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ سکر پهتل هو، تنهن هڪدم ڪوٽڏيجي ڏانهن ڪاهڻ جو فيصلو ڪيو. علي مراد خان اهو احوال رستم خان کي ٻڌائي خوف ڏياري اتان ڀڄائي ڪڍيو ته انگريز توهان کان اقتدار ڦري، توهان کي قيد ڪرڻ ٿا چاهين. خود علي مراد خان هڪ ڪوڙو دستاويز رستم خان جي نالي سان منسوب ڪري انگريزن اڳيان پيش ڪيو، ته هُو پنهنجي رضامندي سان علي مراد خان جي حق ۾ حڪمراني تان دستبردار ٿيو آھي. چارلس نپيئر پاران علي مراد خان کي نئون رئيس مقرر ڪيو ويو ۽ سڀني ميرن ۽ سنڌي بلوچ قبيلن کي علي مراد خان جي تابعداري جون هدايتون جاري ڪيون ويون. 4 جنوري 1843ع تي جنرل چارلس نپيئر ڪجھه فوجي سپاهي ۽ علي مراد خان ٽالپر کي ساڻ ڪري امام ڳڙھه ڏانهن روانو ٿيو، چارلس نپيئر جو اهو خيال هو ته رستم خان امام ڳڙھه ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. ميجر آئوٽرام جنرل چارلس نپيئر کي اول رستم خان سان ڳالهين ذريعي ٺاھه ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ چارلس نپيئر کان اها گهُر ڪئي ته کيس رستم خان سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنرل چارلس نپيئر پاران ميجر آئوٽرام کي رستم خان سان وڃي ملاقات ڪري ڳالهيون ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، آئوٽرام ڪجھه عملدار ۽ علي مراد خان جي هڪ ايجنٽ سان گڏ ٿر وڃي رستم خان سان ملاقات ڪئي، ۽ اها پڻ تصديق ڪئي ته رستم خان پاران انگريزن سان جنگ ڪرڻ جي ڪا به تياري نه پئي ڪئي، ۽ نه ئي وري ساڻس بلوچ لشڪر گڏ هو، علي مراد خان جون ڳالهيون بي بنياد ۽ ڪوڙيون هيون، رستم خان ميجر آئوٽرام اڳيان پنهنجي ڀاءَ علي مراد خان پاران ڪيل دوکيبازي جي سموري حقيقت بيان ڪئي، ميجر آئوٽرام رستم خان کي جنرل چارلس نپيئر سان خيرپور وڃي ملاقات ڪري حقيقت کان آگاهه ڪرڻ جو صلاح مشورو ڏنو، آئوٽرام سان ڳالھه ٻولهھ بعد، رستم خان ضروري دستاويز سميت پنهنجا نمائنده ۽ وڪيل چارلس نپيئر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا، جن کي علي مراد خان وڏيون رشوتون ڏيئي پاڻ سان ملائي ڇڏيو ۽ خط بدلائي هڪ ٻيو سخت رد عمل لکيل خط لکي ملازمن کي ڏنو ۽ چيو ته اهو وڃي چارلس نپيئر اڳيان پيش ڪن، علي مراد خان جي منصوبي تحت ويڪائو وڪيل نمائندن واپس موٽي اچي رستم خان کي وڌيڪ بدظن ڪري کيس خوف ۾ مبتلا ڪري رستم خان کي خيرپور اچڻ کان منع ڪيائون. 11 جنوري تي چارلس نپيئر امام ڳڙهھ پهتو ۽ امام ڳڙھه جي قلعي تي حملو ڪري قلعي کي نيست نابود ڪري ڇڏيائين، مير محمد خان پنهنجي قلعي مان فرار ٿي وڃي رستم خان سان شامل ٿيو.
2 فيبروري 1843ع تي رستم خان پنهنجي ڪن ٻين عزيزن سميت حيدرآباد پهچي ويو ۽ 4 فيبروري تي ميجر آئوٽرام به سرچارلس نيپئر طرفان نئين معاهدي بابت ڳالهين هلائڻ لاءِ حيدرآباد آيو.
رستم خان جي حيدرآباد پهچڻ تي غلام علي خان نظاماڻي، مرزا خسرو بيگ ۽ يوسف خدمتگار جي هڪ سفارت سر چارلس نيپئر سان ملڻ لاءِ موڪلي وئي، جنهن جي ان وقت سيوهڻ وٽ ڇانوڻي هئي. هن سفارت جنرل نيپئر کي ٻڌايو ته رستم خان سان انصاف ڪري کيس واپس “رئيس” تسليم ڪيو وڃي جو انهيءَ سوال تي سنڌي ماڻھن ۾ نهايت سخت تاءُ آهي. جيڪڏهن رستم خان سان انصاف نه ٿيو ۽ انگريز حيدرآباد آيا ته سنڌي بلوچ باشنده تلوارون کڻڻ تي مجبور ٿيندا ۽ سنڌين سان جنگ ڪرڻ ڪو چرچو نه آهي.
جنرل نيپئر کي ڪاوڙ آئي جنهن وفد سان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪندي کين چيو ته مان پاڻ جنگ جي فائدي ۾ آهيان ۽ ڏسنداسون ته سندن تلوارون ۽ منهن سان ڀرڻ واريون بندوقون ڪيئن ٿيون اسان جي سنگينن ۽ گولين وارين بندوقن جو مقابلو ڪن.
سفارت واپس موٽي آئي ۽ ميرن کي جنرل جي ارادن کان واقف ڪندي کين ٻڌايو ويو ته انگريز جنگ ڪرڻ ٿو چاهي. مگر ميرن ڪنهن به قسم جي جنگي تياريءَ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي ۽ تياري واسطي ڪنهن به قسم جا احڪام جاري نه ڪيا. هوڏانهن آئوٽرام ظاهري طرح عهدنامي جو نئون پيش ڪيل مسودو قبول ڪرائڻ جون پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون.
5 فيبروريءَ تي آئوٽرام ميرن سان ڪانفرنسون ڪيون جن ۾ نصير خان ۽ مير محمد خان حيدرآباد جي ميرن جي طرفان، رستم خان سندس پٽ ۽ نصير خان ۽ مير محمد خان خيرپور وارا شامل هئا. درٻار ۾ ميرن طرفان آئوٽرام تي زور آندو ويو ته رستم خان کي واپس خيرپور جو “رئيس” تسليم ڪيو وڃي ۽ چارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ هيٺ جيڪي انگريزي فوجون درياءَ جي اڀرندي ڪناري سان حيدرآباد ڏانهن ڪاهي رهيون آهن انهن کي روڪيو وڃي. ٻي حالت ۾ بلوچن کي تلوارون کڻڻ کان هو اصل روڪي نه سگهندا. آئوٽرام کين صلاح ڏني ته اول هو نئين عهدنامي کي قبول ڪن ته پوءِ جنرل کي چڙهائي نه ڪرڻ لاءِ لکيو وڃي.
9 فيبروري تي ميرن جا نمائندا مئجر آئوٽرام وٽ آيا ۽ نئون پيش ڪيل عهدنامون قبول ڪيائون.
ميجر آئوٽرام وري 12 فيبروريءَ تي ميرن وٽ ويو جتي سڀئي مير موجود هئا ۽ هنن نئين عهدنامي تي صحيحون ڪيون . جنهن کان پوءِ ساڳئي ڏينهن ميجر آئوٽرام سر چارلس ڏانهن هڪ خط لکيو جنهن ۾ ميرن جي نئين عهدنامي کي قبول ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي کيس فوجي چڙهائي ملتوي ڪرڻ جي صلاح ڏيندي لکيائين ته مير ڏاڍا ڊنل آهن ڇو جو حيدرآباد تي اوهانجي ڪاھه باقاعده جاري آهي. ڪالھه هنن حيدرآباد ۾ گڏ ٿيل سنڌين کي ڇڙوڇڙ ڪري واپس موٽائي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن اوهانجي ڪاھه جاري رهي ته پوءِ شايد هنن کي به ڊپ کان لاچار پنهنجي ڪمزور فوج کي جمع ڪري پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش ڪرڻي پوي.
15 فيبروري تي جنرل نيپئر وٽان آئوٽرام کي هڪ اهم خط پهتو جنهن ۾ سر چارلس کيس لکيو هو ته ٺاھه وغيره جون سموريون ڪوششون يا اهڙا خيال بلڪل اجايا آهن، ميرن خلاف سندس فوجي چڙهائي جي تائيد ۾ خود وائسراءِ هند لارڊ ايلن برو جا احڪام پهچي چڪا آهن. اوهين ميرن کي ڪي به وعده نه ڏجو. حيدرآباد تي منهنجي ڪاھه جاري آهي. آئون ميرن سان ڪوبه ٺاهه نه ڪندس مان سندن فوج تي حملو ڪندس پوءِ ان جو کڻي ڪٿي به مون سان مقابلو ٿئي.
حاڪمن جي دل ۾ جنگ جو ڪو به ارادو ڪونه هو، کين يقين هو ته مٿن انگريزن جو ڪو به ڏمر ڪونه ٿيندو ۽ ساڻن ڪابه غير معمولي زيادتي نه ڪئي ويندي. ڇو جو هُو انگريزن جي ناجائز ترين مطالبن سان ڀريل نئين معاهدن تي به دستخط ڪري چڪا هئا! انهي ڪري نه فقط حڪمرانن قلعي ۾ جنگ جي ڪا تياري نه ڪئي، جو ان وقت جي حالتن ۾ بچاءَ خواه حملي جي جنگ لاءِ بهترين مرڪز هو، پر پنهنجي ديرن يا عيال کي به قلعي مان نه ڪڍيائون. خزانه به قلعي مان نه ڪڍيا ويا. قلعي جي برجن تي به توبون نه چڙهايون ويون. ميرن نه رڳو مقابلي جي ڪابه تياري نه ڪئي پر پنهنجي سموري طاقت انهي ۾ صرف پئي ڪئي ته ڪيئن به ڪري جنگجو ۽ مجاهد سنڌي عوام کي ٿڌو ڪيو وڃي.
حڪمران ميرن جي خاندان جا ڪيترا فرد ۽ قريبي عزيز خانگي ۽ سياسي تڪرارن سبب کانئن ناراض ٿيل هئا انهن سان صلح ڪري يڪي محاذ قائم ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي ويئي. پر خود پنهنجي روءِ سوءِ حيدرآباد ۾ اچي گڏ ٿيل سنڌي باشندن کي به ور ور ڪري منتشر ڪيو پئي ويو ۽ کين صاف جواب ڏنو ويو ته ” ٽالپر حڪومت” جنگ اصل نٿي چاهي تنهن ڪري گڏ ٿيل عام سنڌين کي حڪمرانن کان ڪنهن به مدد جي توقع نه ڪرڻ گهرجي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button