ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جعلي مينڊيٽ ۽ “جعلي خبر”

Editorial-Article-Yameen Jatoi

2018ع وارين عام چونڊن کان پو اپوزيشن جو اهو واضح موقف هو ته اليڪشن چورائي وئي آهي. ان اليڪشن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل نيازي سرڪار کي “سليڪٽيڊ” به چيو ويو. بلاول ڀٽي زرداري اسيمبلي جي اجلاس ۾ نيازي صاحب کي جڏهن “پرائم منسٽر سليڪٽ” چئي پنهنجي تقرير ختم ڪئي هئي ته هن (نيازي صاحب) ڊيسڪ وڃائي ڄڻ هن جي تائيد ڪئي هئي، يا اهو به ممڪن آهي ته “وزيراعظم” ٿيڻ جي خوشي جو مٿس ايترو ته خمار چڙهيل هو جو هو ان جي نشي ۾ بلاول ڀٽي زرداري جا اهي طنزيه آخري لفظ فوري طور نه سمجهي سگهيو. بهرحال، ڪجهه به هجي، وقت گذرڻ سان گڏ اهو سچ روز روشن جيان عيان ٿيندو ويو ته پي ٽي آ کٽي نه پر کٽرائي وئي ۽ ان کٽرايل پي ٽي آ کي جيڪو اقتدار مليو اهو هڪ جعلي مينڊيٽ تحت مليو. تاريخ جي اها به هڪ ستم ظريفي آهي جو جعلي مينڊيٽ تحت اقتدار ۾ آيل جعلي حڪمران هڪ جعلي آرڊيننس جاري ڪري “جعلي خبر” تي 5 سال سزا مقرر ڪري رهيا آهن!!
علوي جي جاري ڪيل پيڪا آرڊيننس ۾ “شخص” جي تعريف شامل ڪئي وئي آهي، جنهن موجب “شخص” ۾ ڪا به ڪمپني، ايسوسيئيشن، ادارو يا اٿارٽي شامل آهي. جڏهن ته ترميمي آرڊيننس ۾ ڪنهن به فرد جي ساک تي حملي تي قيد 3 مان وڌائي 5 سال ڪيو ويو آهي. آرڊيننس موجب شڪايت داخل ڪندڙ متاثر ڌر، ان جو نمائندو يا گارڊين هوندو، ڏوهه کي پڪڙ جوڳو قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو ضمانت جوڳو نه هوندو. ترميمي آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ 6 مهينن جي اندر ڪيس جو فيصلو ڪندي ۽ هر مهيني ڪيس جا تفصيل هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي. هاءِ ڪورٽ کي جيڪڏهن لڳندو ته ڪيس تڪڙي اڪلائڻ ۾ رنڊڪون آهن ته رنڊڪون ختم ڪرڻ جو چوندي. آرڊيننس موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ آفيسرن کي رنڊڪون ختم ڪرڻ جو چيو ويندو. هر هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هڪ جج ۽ آفيسرن کي ان ڪيس لاءِ نامزد ڪندو.
ان کانسواءِ علوي اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تي به صحيحون ڪيون آهن. آرڊيننس موجب سموريون اسيمبليون، سينيٽ ۽ مقامي حڪومتن جا ميمبر اليڪشن مهم دوران تقرير ڪري سگهندا، ڪو به پبلڪ آفيس هولڊر ۽ چونڊيل نمائندو تڪ جو دورو ڪري سگهندو. آرڊيننس موجب ڪو به ڄاڻي واڻي عوامي سطح تي انفارميشن سسٽم ذريعي اهڙي ڄاڻ نشر ڪندو، جيڪا غلط هوندي ۽ ان سان ڪنهن شخص جي ساک يا نجي زندگي کي نقصان پهچندو ته ان جي سزا 5 سال هوندي. ان حوالي سان پيمرا جي لائسنس يافتا ٽي وي چئنلز کي حاصل ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي. آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ آفيسرن کي رنڊڪون ختم ڪرڻ جو چيو ويندو. هر هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هڪ جج ۽ آفيسرن کي ان ڪيس لاءِ نامزد ڪندو.
پيڪا آرڊيننس تي فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته “فيڪ نيوز جي سزا 5 سال هوندي، ڏوهه پڪڙ جوڳو ۽ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو هوندو. بنا ڪنهن کي وارنٽ جي گرفتاري ممڪن هوندي. ان معاملي تي ٽرائل 6 مهينن ۾ ٿيندو. جعلي خبرن جي ڪنهن کي به ڇوٽ نه هوندي. اهي ماڻهو پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، ڪجهه ماڻهو صحافي بڻيل آهن، اصل ۾ اهي صحافي ناهن، جعلي خبرن جي روڪٿام لاءِ اهو قانون ضروري هو. ڪجهه صحافي جعلي خبرن ذريعي سماج ۾ هيجاڻي ڪيفيت پئدا ڪرڻ چاهين ٿا.”
هيومن رائٽس ڪميشن پيڪا قانون ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته “سڀني سرڪاري ۽ رياستي اختيارين کي ياد ڏياريو ٿو وڃي ته اهي شهرين ڏانهن جوابدا آهن، چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري ملازم عوام کي جوابدا آهن ۽ تنقيد برداشت ڪرڻ ان جي نوڪري جو حصو آهي.
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنسلٽ (پي ايف يو جي) پيڪا ايڪٽ آرڊيننس جي مخالف ڪئي آهي. ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڳ کان موجود قانون ۾ سڌارن بدران حقن کي ختم ڪيو پيو وڃي. ميڊيا ڪميونٽي ۽ سول سوسائٽي پيڪا 2016 جون ڪاريون شقون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي. پي ايف يو جي سڀني صحافين، سول سوسائٽي ۽ سياستدانن کان ان خلاف احتجاج جو مطالبو به ڪيو آهي.
پيپلز پارٽي اليڪشن ايڪٽ ۽ پيڪا قانون کي رد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو نئون منصوبو آهي، پيڪا جي قانون ۾ ترميم زبان بندي جي ڪوشش آهي، ذاتي مفادن لاءِ قانون ئي تبديل ڪيو پيو وڃي، غلط خبر جو جواز بڻائي ڪنهن کي به جيل ۾ وڌو ويندو، ڇا هي دهشتگردي آهي يا قتل، جو ضمانت به نه ٿيندي؟ وفاقي حڪومت اليڪشن ايڪٽ ۽ پيڪا قانون ۾ ترميمن جو فيصلو بنا دير واپس وٺي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته “حڪومت پاران پيڪا جي قانون ۾ ترميم زبان بندي جي ڪوشش آهي، 2016 ۾ مسلم ليگ (ن) حڪومت ۾ قانون آندو ويو هو، اسان ان وقت به چيو هو ته ان جو غلط استعمال ٿيندو، آرڊيننس کي 10 سال پهريان کان لاڳو ڪريو ته جيئن پي ٽي آئي وارن جا الزام به پڪڙيا وڃن، مان پهريان حمايت ڪندس. غلط خبر جو جواز بڻائي ڪنهن کي به جيل ۾ وڌو ويندو، ڇا هي دهشتگردي آهي يا قتل، جو ضمانت به نه ٿيندي؟ اهڙا ڪارا قانون فوجي آمر جي دور ۾ به نه ٺاهيا ويا، اڄ به پي ٽي آئي وارا پاڻ غليظ الزام لڳائين ٿا. پي ٽي آئي وارن هميشه سول نافرماني جون ڳالهيون ڪيون آهن. شيري رحمان اليڪشن ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي بابت صدارتي آرڊيننس تي ردعمل ڏيندي چيو ته “اليڪشن مهم ۾ پارلياماني ميمبرن ۽ وزيرن پاران حصو وٺڻ بابت صدارتي آرڊيننس غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي، وفاقي حڪومت وٽ ڪو اختيار نه آهي ته هو اليڪشن ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي ڪري، وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي قائدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جي رڳو سفارش ڪري سگهي ٿي. وفاقي حڪومت مسلسل اليڪشن ڪميشن جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، صدارتي آريننس آڻڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو. صدر پاڪستان اليڪشن ايڪٽ ۾ پنهنجي مرضي مطابق تبديلي نٿو ڪري سگهي، وزيرن کي اليڪشن مهم هلائڻ جي ڪيئن اجازت ڏئي سگهجي ٿي، وزيرن وٽ مالي وسيلا هوندا آهن، جن کي اليڪشن چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي بابت صدارتي آرڊيننس اليڪشن چوري ڪرڻ جي سازش آهي، حڪومت چونڊن کي تڪراري بڻائي رهي آهي.”
مريم نواز چيو ته “حڪومت جيڪي قانون ٺاهي رهي آهي، اهي پاڻ عمران اينڊ ڪمپني خلاف استعمال ٿيڻ وارا آهن. چوڻ لاءِ ته اهي قانون ميڊيا ۽ اپوزيشن جو آواز بند ڪرڻ لاءِ آهن پر اهي قانون عمران اينڊ ڪمپني خلاف استعمال ٿيڻ وارا آهن، پوءِ نه چئجو ته ٻڌايوَ نه.”
اصل ۾، هن ملڪ جي عوام کي مڪمل طور فاشي راڄ حوالي ڪيو ويو آهي. صدر علوي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز (پيڪا) نالي جيڪو ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو آهي اهو هڪ فاشسٽ ۽ ڊراڪولائي آرڊيننس آهي. جنهن جو مقصد اظهار جي آزادي جو بنيادي انساني حق کسڻ آهي. جتي به فسطائيت جي ڪاري رات هوندي آهي، اتي سمورا انساني حق معطل ٿيل هوندا آهن. مخالف آوازن کي ڪچليو ويندو آهي، ته جيئن سچ مظلوم عوام تائين نه پهچي سگهي. نيازي جي فسطائي سرڪار ۾ پڻ اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. پر ڇا پنهنجي وقت جو ڪو هٽلر، ڪو فرانڪو ڪو پنوشي ڪڏهن سرفروش آوازن کي گونجڻ کان روڪي سگهيو آهي؟
روڪ جي‏ روڪي سگهين!
سڏ کي ڪي هڏ ناهن
جو اُهي ٽوڙي سگهين!
آ جو آواز آهيان
زندگيءَ جو راز آهيان
ٿو وڃان مان دور تائين،
موڙ جي موڙي سگهين!
وقت، جو درياهھ آهي
روز و شب پائي رهيو آ-
پير پنهنجا کوڙ جي کوڙي سگهين!
ڪنهن مٿان بندوق تاڻين ٿو ميان؟
ڇا نه ڄاڻين ٿو ميان!
سج تنهنجي وس ناهي
تا تنهنجي وس ناهي
وا تنهنجي وس ناهي
سوچ جو ڦهلاءُ تنهنجي وَس ناهي.
وقت سرڪش آ ازل کان
سِر انهيءَ جو ڦوڙ، جي ڦوڙي سگهين!
ڇو نه سمجهين ٿو اياڻا
تو پُڄاڻان،
ڀُنءِ نه ڀاڻان،
وقت، جيڪو زندگي آ
ها اهو ئي وقت تنهنجو موت آهي.
تون اُنهي کي
ٽوڪ، جي ٽوڪي سگهين!
روڪ، جي روڪي سگهين!
روڪ، جي روڪي سگهين! (اياز)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button