پيپلز پارٽي پاران شروع ڪيل لانگ مارچ جي باري ۾ آخري شام تائين اهي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته اعلانيل مارچ ملتوي ٿي رهي آهي. ڇو ته احتجاجي مارچ ڪندڙ پارٽيءَ جي قيادت عوام پاران ملندڙ موٽ مان مطمعن نه هئي. بلاول جي ٽيم جو اصرار اهو هو ته شهيد بي بي جي شهزادي جو هي پهريون مارچ آهي، ان ڪري ڀرپور ٿيڻ گهرجي. جڏهن اهو حساب لڳايو ويو ته مارچ ملتوي ٿيڻ جا منفي اثر وڌيڪ پوندا ته مارچ ڪرڻ جو آخري فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته شروع ڪيل مارچ جي حوالي سان سنڌ جي حڪمران پارٽيءَ جي ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽرس ۽ خاص طور تي صوبائي وزيرن جي مٿان ورسين وارن پروگرامن کان تمام گهڻو بار هو ته هر طرح سان عوام جي ڀرپور شرڪت يقيني بڻائي وڃي ۽ انهن کي هن ڀيري اهو به چيو ويو هو ته ماڻهن کي تياري ڪرائي موڪليو وڃي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته هو بريانين جي ٿيلهين تي هڪ ٻئي کي ٿيلها ڏيندا ميڊيا تي تماشي جو باعث بڻجن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي هو لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جا ورتل پئڪيج ٻڌائي خواريءَ جو سامان فراهم ڪن. ان حوالي سان هن ڀيري ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪوشش ڪئي وئي آهي پر سنڌ جي حڪمران ڌر ۾ جيڪو ڪرپشن جو ڪلچر آهي، اهو ته هر وک تي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪنهن نه ڪنهن رسوائيءَ جو سبب بڻجي ٿو. هونءَ به ڪوئي ڪن کي ڪيترو ڍڪي سگهي ٿو؟
پيپلز پارٽي پنهنجي چيئرمين جي قيادت ۾ لانگ مارچ شروع ته ڪري ڇڏيو آهي پر هن مهل تائين ان لانگ مارچ جو اصل مقصد واضح نه ٿي سگهيو آهي. جيڪڏهن ڪراچيءَ کان قافلا نڪتا آهن ته آخر انهن جا ڪي واضح مطالبا به هوندا؟ جيڪڏهن اهو مارچ بنهه عوامي هجي ها ته اها ڳالهه ڪجهه چٽي ٿي اڀري اچي ها پر هلندڙ لانگ مارچ جي حوالي سان هڪ صوبائي سرڪار وفاقي سرڪار جي خلاف لانگ مارچ ڪندي نظر اچي رهي آهي ۽ اها لانگ مارچ به ان ماحول ۾ آهي، جڏهن ارڙهين ترميم کان به اڪثر اختيار مرڪز وٽ نه پر صوبن وٽ آهن. لانگ مارچ ڪندڙ ڌر جي مٿان هن مهل به تنقيد ٿي رهي آهي ته پيپلز پارٽيءَ 14 سالن ۾ سنڌ کي ڪهڙو سک ڏنو آهي؟ سنڌ جا ماڻهو صوبائي سرڪار مان ڪيترو خوش آهن؟ ان سوال جو جواب اسان کي هر پيش ايندڙ واقعي جي سلسلي ۾ ڀرپور طرح سان ملي وڃي ٿو. هن ڀيري جڏهن نواب شاهه ۾ زرداري قبيلي جي ماڻهن پاران سرڪار سهڪار سان جهڙي ريت ڀنڊ برادريءَ جي ماڻهن جا لاش ڪيرايا ويا ۽ انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ اهي لاش ٽن ڏينهن تائين آسمان جي هيٺان رکيل هئا، اهڙن عملن جا حڪمران ڌر جي مٿان ڀاري بار آهن ۽ سنڌ جا ماڻهو عمران خان جي سرڪار سان تر جيتري به همدردي نه رکڻ جي باوجود بلاول کي پنهنجو سياسي مسيحا مڃڻ جي لاءِ تيار ناهن. ڇو ته هن جي قيادت ۾ سنڌ جا سور لهڻ بدران وڌيا آهن. صوبن کي هن ڀيري جيترو آزاد اقتدار مليل آهي، ايترو اڳ ڪڏهن به نه مليو هو ۽ ان صورت ۾ به سنڌ جي صوبائي حڪومت ترقيءَ جي نالي ۾ جيڪا تباهي ڪئي آهي، ان جا تفصيل ته عام ماڻهو به ٻڌائي سگهي ٿو. ڇو ته ٻانهن ۾ پاتل ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ضرورت نه هوندي آهي.
اسان جي ملڪي سياست وقت گذرڻ سان وڌيڪ تماشي ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي ۽ ان جو تازو ثبوت سنڌ ۾ شروع ٿيل هڪ طرف پيپلز پارٽيءَ جي لانگ مارچ آهي ۽ ٻي طرف تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ آهي. پيپلز پارٽيءَ جي لانگ مارچ جي سلسلي ۾ اڳواٽ اعلان ڪيو ويو آهي ته ان مارچ جي مٿان ڪنهن به قسم جي سختي نه ڪئي ويندي. ڇو ته احتجاج ڪرڻ هر پارٽيءَ جو جمهوري حق آهي. ان حق کي استعمال ڪندي وفاقي حڪومت شاهه محمود قريشيءَ جي قيادت ۾ سنڌ ۾ احتجاجي مارچ جي ابتدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙي طرح ٻن ڏينهن کان پوءِ مارچ جي مهيني ۾ مارچن جو مقابلو ملڪ جي سياسي اسٽيج جو عجيب ڊرامو هوندو. ڇو ته هن کان اڳ ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت وفاق جي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جو رخ ڪري ته وفاقي حڪومت صوبائي سرڪار جي خلاف صوبي ۾ احتجاجي مارچ جو عمل شروع ڪري ڏئي. اهڙي ريت هي مارچ بمقابلا مارچ جو منظر پيش ڪندڙ صورتحال آهي.
هن وقت تائين پيپلز پارٽيءَ جو لانگ مارچ سنڌ جي سرحد مان ٻاهر نه نڪتو آهي ۽ تحريڪ انصاف به پنهنجي احتجاجي مارچ ۾ سنڌ اندر سفر ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جو عوام سراپا سوال آهي ته آخر هو انصاف جو مطالبو ڪنهن کان ڪن؟ جڏهن ته هڪ ٻئي جي خلاف الزامن جا پٿر وسائڻ وارن احتجاجي مارچن کان وڌيڪ اهم ۽ ضروري مارچ اهي هجن ها، جن ۾ حڪمران ڌريون عوام سان هجن ها ۽ انهن کان پڇن ها ته انهن سان ڪهڙيون ناانصافيون ٿيون آهن ۽ اهي ڪهڙي طرح حل ڪري سگهجن ٿيون؟ پر هلندڙ احتجاجن ۾ ان قسم جي ڪا ايجنڊا شامل ناهي. هلندڙ احتجاج هڪ ٻئي جي مٿان الزامن ۽ تنقيدي تقريرن جا ڇوهه ڇنڊيندا وڌي رهيا آهن ۽ سنڌ جو عوام تمام گهڻي تلخيءَ سان پنهنجن چپن ۾ اهو به نه ٿو ڀڻڪي سگهي ته “وڙهن چور ته ڀلو ٿئي ڀاڳي جو” جيڪڏهن اهو سياسي چورن جو به جهيڙو آهي ته ان مان عوام کي ڪنهن به ڀلائيءَ جي ڪا به اميد ڪونهي.
سنڌ جي ماڻهن سان پيپلز پارٽيءَ به سٺو سلوڪ نه ڪيو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي تحريڪ انصاف به ڪو انصاف نه ڏنو آهي. سنڌ جي عوام جي لاءِ هڪ طرف باهه ۽ ٻي طرف پاڻي آهي. ان صورت ۾ فيصلو ڪرڻ ڪيترو نه مشڪل آهي ته غريب، مسڪين ۽ مظلوم عوام سڙي مري يا ٻڏي مري؟ هن سياست عوام جي سامهون اهو سوال نه رکيو آهي ته ڪنهن کي ڪهڙي زندگي گهرجي؟ هن سياست جو بنيادي سوال اهو آهي ته ڪنهن کي ڪهڙو موت گهرجي؟ هيءَ زندگيءَ جي سياست ناهي. هيءَ اها سياست ناهي، جنهن مان زندگي تاءُ ۽ اتساهه وٺندي آهي. هيءَ اها سياست آهي، جيڪا زندگيءَ ۾ ڀريل زهر جي مقدار ۾ اضافي جو باعث بڻجندي آهي. هن سياست جا ماڻهوءَ جي من مٿان جيڪي تلخ بار پيل آهن، ان جي تڪليف جو احساس صرف عوام آهي. جڏهن احتجاج ۾ شامل ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مزو ماڻي رهيا آهن. انهن احتجاجن ۾ شامل ماڻهن جو مٿيون ڪلاس، جيڪو حڪومت جي جوڙجڪ ڪري ٿو، اهو ته علامه اقبال جي لفظن ۾ “مال مست” بڻيل آهي ۽ هن جي نزديڪيءَ سبب مقامي ٻوليءَ ۾ “انهن جا ماڻهو” ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اقتدار جي آڱر چٽڻ واري پوزيشن ۾ ته آهن ئي آهن. ان کان سواءِ جن ڪمپنين کي سمورو احتجاج اڳتي هلائڻ جا ٺيڪا مليل آهن. يعني جيڪي سائونڊ سسٽم کان وٺي ماني سسٽم تائين ۽ پاڻي پيارڻ کان وٺي رات ترسائڻ تائين جن جن ڌرين کي جيڪي جيڪي ٺيڪا مليل آهن، انهن جي ته هن ڀيري چاندي آهي. ڇو ته هو سياسي احتجاج جي سيزن ڪمائي رهيا آهن. انهن کي ان ڳالهه جي مسرت آهي ته انهن کي پنهنجي محنت جو معاوضو ملي رهيو آهي.
ان سلسلي ۾ مزيدار ڳالهه اها آهي ته عوام کي ان سموري ٽڪساٽ جو علم آهي. عوام کي معلوم آهي ته ان جي شهر جو ڪهڙو ڇوڪرو ڪهڙي ڪم سان لڳل آهي ۽ ان جي ڏهاڙي ڪيتري آهي ۽ ڪنهن کي احتجاج جو ڪيترو پورو پئڪيج مليل آهي؟ ان حوالي سان جيڪي به هيٺين يا مٿين احتجاج ۾ شامل آهن، اهي مڪمل طور تي مظلوم چئي نه ٿا سگهجن. انهن مان هڪڙن کي ته تمام گهڻو حاصل آهي ۽ ٻين کي توڙي جو گهٽ حاصل آهي پر پوءِ به ته ڪجهه حاصل آهي. جڏهن ته تقريرون ۽ نعرا ٻڌندڙ عوام جي حصي ۾ ته حسرتن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. ان سياسي سچائيءَ جي تلخي ڪيتري نه تڪليف واري آهي؟ ڪوئي ڪجهه به چوي ۽ ڪهڙي به دعويٰ تي پير ڌري پر حقيقت اها آهي ته هاڻي حڪمران سياست ان حد ۾ داخل ٿي وئي آهي جو اها عوام جا حق به پنهنجي حوالي ڪري چڪي آهي. اڳ ۾ اهو هوندو هو ته حڪمران ڌريون اقتدار جا مزا ماڻينديون هيون ۽ عوام احتجاج ڪندو هو پر هن وقت عجيب تماشو اهو آهي ته جيڪي اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن، اهي ئي احتجاج ڪرڻ ۾ به مصروف آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته عوام جي آخري حق يعني عوام جي احتجاج واري ميدان تي به هاڻي حڪمرانن جو قبضو ٿي چڪو آهي ۽ اها روش عوام جي روح مٿان ڪيترين رهنڊن جو ڪارڻ ٿيندي هوندي؟ ان سوال تي سرڪار هلائيندڙ ڌريون ڇو سوچين؟
ڪنهن دور ۾ تاريخ جي لاءِ ٻڌو ويندو هو ته تاريخ تبديل ڪئي ويندي آهي يا تاريخ انصاف ڪندي آهي يا تاريخ کي گواهه بڻايو ويندو آهي يا نئين تاريخ رقم ڪئي ويندي آهي پر هن ڀيري ته تاريخ جي حصي ۾ به هڪ تماشو آيو آهي. اهو تماشو تمام گهڻو تلخ آهي پر آهي ته پوءِ به تماشو!!
اهو تماشو هي آهي ته ڌرتيءَ جي مظلوم۽ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جو ٻيو ڪنهن تي نه به ته گهٽ ۾ گهٽ احتجاج ڪرڻ تي ته حق هو. هاڻي سرڪاري ڌرين تمام گهڻي چالاڪيءَ سان عوام کان احتجاج جو حق به کسي ورتو آهي ۽ سنڌ جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ مظلوم صوبو آهي، ان صوبي ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون هڪ ٻئي خلاف احتجاجي مارچ ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ انهن ٻنهي ڌرين عوام کي تماشائي بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ هو جيڪو ڪجهه به ڪن ٿيون، ان سان ملڪي سياست جي مٿان منفي اثر مرتب ٿيڻ لازمي آهن. تاريخ ۾ سدائين عوام حڪومتن جي خلاف احتجاج ڪيو آهي پر جي پهريون ڀيرو آهي ته هيٺين توڙي مٿين سرڪار هن مهانگائيءَ جي مند ۽ انصاف کان آجي ماحول ۾ احتجاج جو اسٽريٽ ناٽڪ پيش ڪري رهيون آهن.