رانديون

روس فٽبال ورلڊ ڪپ مان ٻاهر، فيفا پابندي لڳائي ڇڏي

فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا روس جي ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ شرڪت تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن بعد روس ايونٽ مان ئي نڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق فيفا جي گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ 2022ع جي مقابلن ۾ روس شرڪت تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ فيفا ۽ يوئيفا روس جي قومي ٽيم سان گڏ ڪلب ٽيمن کي پابندين ۾ شامل ڪيو آهي، جن ۾ ويمنز ٽيمون پڻ شامل آهن. فيفا ۽ يوئيفا جي گڏيل بيان تحت روس جون فٽبال ٽيمون ڪنهن بھ نالي ۾ فٽبال جي عالمي مقابلن ۾ شريڪ نھ ٿي سگهنديون. ياد رهي تھ روس جي فٽبال ٽيم قطر ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ ڪواليفائي ڪري چڪي هئي. جڏهن تھ يومنز ٽيم يوئيفا ڪپ ۾ کيڏڻي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button