ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قرض تي ڀاڙيندڙ ملڪي معيشت

Editorial

      پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ملڪي معيشت جهڙي ريت تباهه حال ٿي آهي، ان جو ملڪي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي پر حڪومت جو هر وزير معيشت جي بهتريءَ جا گڻ ڳائي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن کي به خبر آهي ته ملڪي معيشت هن وقت به بهتر حالت ۾ ڪانهي ۽ ماڻهو جڏهن انهن کان سوال پڇن ٿا ته اهي سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ جي ڳالهه ڪن ٿا. جڏهن عوام اهو سوال ڪري ٿو ته تيل جون قيمتون گهڻيون وڌايون ويون آهن ته اسان کي پاڙيسري ملڪن جا مثال ڏنا ٿا وڃن. جڏهن ته انهن ملڪن جي معاشي حالت نه رڳو اسان کان بهتر آهي پر اهي ملڪ ڪيترن ئي معاملن ۾ اسان کان سرس آهن. تنهن هوندي به هتي رڳو اهو چيو ٿو وڃي ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي. جيڪڏهن سڀاڻي تيل 500 روپيا ليٽر به ٿي ويندو ته وزير اعظم عمران خان اهو ئي چوندو ته دنيا ۾ سڀ کان سستو ترين تيل پاڪستان ۾ ملي رهيو آهي. پر سچ کي ڪنهن به ريت لڪائي نٿو سگهجي. حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي رڳو پرڏيهي قرضن تي ڀاڙي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ادارن جي خودمختياري پڻ ختم ٿي وئي آهي. ان ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته قرض ڏيندڙ ادارو آءِ ايم ايف آهي، ان ڪري اهو جيڪي به شرط لاڳو ڪري ٿو حڪومت انهن کي سولائيءَ سان مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. جڏهن ملڪ جو سڄو ڪاروهنوار رڳو قرض وسيلي هلايو ويندو ته ظاهر آهي ته ان سان ملڪي معاملا توڙي معاشي معاملا بهتر نموني نه هلي سگهندا آهن. پر تازو ئي وزير اعظم عمران خان ان ڳالهه کي قبول ڪيو آهي ته قرض گهرندڙ جي ڪابه عزت ناهي هوندي.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قرض گهرندڙن جي عزت ناهي هوندي، اسان پنهنجو پاڻ کي پاڻ ذليل ڪيو. لاهور ۾ صنعتي پئڪيج ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل حڪومتن ملڪي معيشت کي درست نه ڪيو، پرڪشش مراعتن سان سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪندو آهي ۽ سيڙپڪاري لاءِ سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو وڏو اثاثو آهن. اسان کي معيشت مضبوط بڻائڻي پوندي. پنهنجي ايڪسپورٽ وڌائڻي پوندي، جنهن لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪي صنعتن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيان ٿو. هن چيو ته الله کان گهرو ته دل خوش ٿيندي آهي، ٻين اڳيان هٿ ٽنگڻ سان پئسو ته ملي ويندو آهي پر عزت هلي ويندي آهي، ان قوم جي عزت ناهي رهندي. اسان پاڻ کي پاڻ ذليل ڪيو، شارٽ ڪٽ لاءِ ڇا ڇا ڪيو. زندگيءَ ۾ ڪو شارٽ ڪٽ ناهي هوندو، توهان کي محنت ڪرڻي پوندي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان سدائين امداد ڏانهن ڏٺو، پاڻ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ جو سوچيو ئي نه، آزاد ۽ خود مختيار پرڏيهي پاليسي لاءِ مضبوط معيشت ضروري آهي. وزير اعظم عمران خان ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪري ٿو پر سوال اهو آهي ته ڇا ملڪي معيشت هن حال ۾ مضبوط ٿي سگهي ٿي؟ جڏهن ته هاڻوڪي حڪومت قرض جي وڏي بار هيٺ دٻيل آهي. تنهنڪري اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته ملڪي معيشت پاڻڀري ٿي سگهي ٿي. عمران خان اڳوڻي حڪومتن جي حوالي سان اهو چوي ٿو ته انهن ملڪي معيشت کي بهتر نه ڪيو پر انگ اکر ته اهو ٿا ٻڌائين ته ڪهڙي ريت ان وقت جي حڪومت ڊالر کي ڪنٽرول ڪري رکيو. مهانگائيءَ کي وڌڻ ڪونه ڏنو. هن وقت ته مهانگائي ٻٽن انگن ۾ آهي. جڏهن ته عام واهپي جون شيون ايتريون ته مهانگيون ٿي ويون آهن جو عام ماڻهو کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪري ٿو ته گهر هلائڻ جا ٻيا سڀئي معاملا رهجيو وڃن.

اسين سمجهون ٿا ته ملڪي معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ قرضن مان جان ڇڏائڻي پوندي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسين غِير ضروري خرچن کي ختم ڪريون ۽ اهو پئسو تعليم ۽ تعمير جي شعبي تي خرچ ڪريون. امداد وسيلي ملڪ هلائڻ جو تجربو وڏي وقت کان ٿي رهيو آهي پر ان سان به ملڪي معيشت کي ڪو ٽيڪو نه اچي سگهيو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي بنيادي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي. ملڪي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صنعتن جو ڄار وڇايو وڃي ته جيئن معيشت جي صورتحال بهتر ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button