رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏندا، 24 سالن جو انتظار ختم

پاڪستاني شوقينن جو 24 سالن وارو ڊگهو انتظار نيٺ ختم ٿي ويو آهي ۽ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي. ميڊيا مطابق راولپنڊي جي اسٽيڊيم ۾ سڀاڻي کان شيڊول پهرين ٽيسٽ جي تياري مڪمل ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن پنهنجي پنهنجي بالرن کي مک هٿيار بڻايو آهي. هوڏانهن پهرين ٽيسٽ کان اڳ موسم تبديل ٿي وئي آهي، جنهن سبب پاڪستاني ۽ آسٽريلوي رانديگرن جي پريڪٽس ٽئين ڏينهن تي معطل ڪندي انهن کي هوٽل تائين محدود رکيو ويو آهي.

پاڪستاني بيٽر پريڪٽس ڪندي

ٻئي پاسي ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ آسٽريليا جي ٽيم سٺي آهي، پر اسان هوم ڪنڊيشن جو فائدو وٺنداسين ۽ انهن کي ٽف ٽائيم ڏينداسين. هن ٻڌايو تھ نسيم شاهه، فواد عالم، اظهر فارم آهن، شاهين آفريدي بھ پرفارم ڪري رهيو آهي. جڏهن تھ آسٽريليا جي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو آهي تھ پاڪستان وٽ 3 رانديگر ناهن پر انهن کي ڪمزور نھ سمجهنداسين، اسين سوچي رهيا آهيون تھ 3 تيز ۽ 2 اسپنر کيڏايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button