ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ: زندگي ۽ جدوجهد

Editorial-Article- Ajaz Chalgri

جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوِڙ ڪِيءَ کيرَ ري؟

اُهي انسان جيڪي پنهنجي ضمير کي زنده رکي جيئندا آھن اصول، متا ۽ نظريا جوڙي پنهنجي زندگيءَ جي تعمير ڪندا آھن ۽ انهن اصولن متن ۽ نظرين جي ساڀيا لاءِ هميشه ميدانِ جدوجهد ۾ هوندا آھن، اُهي کاهوڙي ماڻھو تاريخ ۾ پاڻ به زنده رهندا آھن ته تاريخ کي به سنواري ڇڏيندا آھن. اهڙن لازوال امر ڪردارن مان هڪ هو ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ.
ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي زندگيءَ متعلق شايد اسان مان تمام گهٽ ماڻھو واقف هوندا ته پاڻ ڪيئن جاگيردارانه نظام ۾ ڪسمپرسي جي حالتن ۾ Survive ڪري اڳتي آيا. سندن جنم ڪنهن جاگيیردار، سردار يا نواب گهراڻي ۾ نه ٿيو. پاڻ بلوچستان ضلعي ڪڇي جي تعلقي ڀاڳ ناڙي ۾ هاري پیير بخش ڇلگري جي گهر ۾ پهرين فيبروريءَ 1945ع ۾ پيدا ٿيو. سندن والد محترم هڪ ننڍو آبادگار ۽ چوپائي مال جو واپار ڪندڙ ھو. ڀاڳ ناڙي هڪ پسمانده علائقو آھي. ڀاڳ ناڙي نسل جون ڳئون پوري پاڪستان ۾ مشھور آھن، سندن والد محترم پنهنجي چوپائي مال جي واپار سانگيءَ اڪثر لاھور ويندا رهندا هئا، ۽ اتي ئي لاهور ۾ ڪنهن سندن والد محترم کي زهر ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو، ان دؤر ۾ مواصلاتي نظام جو ڀاڳ ناڙي ۾ وجود ئي نه هو. جنهن ڪري سندن والد جي موت جي خبر وارثن تائين تمام دير پهتي، جيستائين سندن وڏو فرزند لاهور پهتو، ايستائين اتي ئي لاهور ۾ ڪنهن سندن والد جي تدفيین ڪري ڇڏي. بعد ۾ سندن فرزند والد جي لاش کي پنهنجي اباڻي وطن واپس کڻي اچڻ مناسب نه سمجھو ۽ اڄ به سندن والد جي قبر لاهور انجنيئرنگ يونیيورسٽي جي ويجهو شادرہ ۾ موجود آھي. والد جي موت کان پو سندن والدہ ماہ ناز سندن پرورش ڪئي، ان وقت ڊاڪٽر صاحب جي ڄمار پنج سال هئي. پاڻ ننڍپڻ ۾ تمام گهڻو بيیمار ٿي پيا. سندن والدہ تمام ڪٺن حالتن ۾ سندن گهڻو علاج ڪرايو ۽ موت جي منهن مان بچايو. بیيماري مان جڏهن صحتياب ٿيا ته سندن والده کي سندن تعليم جو اونو ٿيڻ لڳو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي ذهیين هئا، تنهن ڪري سندن والده جي خواهش ھئي ته کين سٺي تعليم ڏياري، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائون، ۽ ميٽرڪ مستونگ مان ڪئي، ۽ میيٽرڪ ۾ پوري بلوچستان مان ٻيو نمبر پوزيشن حاصل ڪيائون. ميٽرڪ ڪرڻ کان بعد جڏهن ڊپٽي ڪمشنر سندن ڳوٺ جو دؤرو ڪيو، تڏهن ڳوٺ جي ڪنهن وڏيري موندر خان سندن تعارف ڊپٽي ڪمشنر سان ڪرايو ۽ چيو ته هي ڇوڪرو تمام ذھين آهي پر يتيم آھي. تڏهن ڊي سي کين نائب مختيارڪار مقرر ڪرڻ جي آفر ڪئي. تن ڏينهن ۾ نائب مختيارڪارن جي مقرري جا اختيار ڊپٽي ڪمشنر وٽ ھئا، پر پاڻ اهڙي آفر اهو چئي ٺڪرائي ڇڏي ته مون کي نوڪري ناهي ڪرڻي. F.C. First Year مستونگ ڪاليج مان حاصل ڪيائون، ان وقت قلات جون حالتون خراب هئڻ سبب مستونگ ڪاليج کي خضدار شفٽ ڪيو ويو هو، ۽ پاڻ باقي تعليم خضدار ۾ حاصل ڪيائون. F.C ۾ پوري بلوچستان مان پاڻ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪيائون، Mathematics ۾ مهارت حاصل هجڻ ڪري انجینيئرنگ ۾ داخلا ورتائون. انجنيئرنگ جي تعليم دوران کين خيال آيو ته تعليم حاصل ڪري نوڪري ناهي ڪرڻي ته پوءِ ڇو نه اهڙو شعبو پسند ڪجي، جنهن سان عالم انسانيت جي خدمت ڪري سگهجي. تنهن ڪري پاڻ انجنيئرنگ جي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڊاڪٽري جي شعبي کي پسند ڪيائون، پاڻ ذھين هئڻ سان گڏ هڪ سٺا مقرر به هئا. هڪ ڀيري گرلز ڪاليج ڪوئيٽا ۾ هڪ Debate competition ۾ حصو ورتائون ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائون، ۽ سندن اسي روپيه وظیيفو مقرر ڪيو ويو. ان وقت پاڻ پٽ فیٽر اڄ جي بختیار آباد ۾ هڪ پئٽرول پمپ تي بطور منشي جي حيثيت سان ڪم ڪندا هئا. 1964ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ پهتا، پر ڪاليج انتظاميا داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته پاڻ لاهور هليا ويا، ان وقت بلوچستان بورڊ نه هو ميٽرڪ ۽ F.S.C جا امتحان لاهور بورڊ پاران ورتا ويندا هئا، تربت سان تعلق رکندڙ ھڪ A سيڪشن آفيسر امیر محمد خان کين ڪوئيٽه جي ڪمشنر سان ملاقات ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڪمشنر ڪوئيٽه کين هڪ ليٽر ڏيئي ڪراچيءَ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي پرسنپل ڏانهن موڪليو، تنهن کان پوءِ سندن داخلا ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي. پاڻ فطري طور انسان ذات جي خدمت جي جذبي سان سرشار هئا، ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي باوجود به نوڪري نه ڪيائون.
B.S.O (بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن) جي پليٽ فارم تان پنهنجي سياست جو آغاز ڪيائون، پاڻ بي ايس او جا پهريان چيئرمين هئا. ڊاڪٽر حئي بلوچ انقلابي اڳواڻ ولاديمير لينن، مائوزي تونگ ۽ چِي گويرا مان گهڻو متاثر هئا. پاڻ سرمائيداري نظام جا سخت مخالف ھئا، مارڪسزم سوشل ازم جا حامي هئا. ڊاڪٽر حئي بلوچ جمهوري سياست جا امين هئا. M.BB.S جي تعليم مان فارغ ٿيڻ کان پو باقاعده مستقل طور تي عملي سیياست شروع ڪيائون. بلوچستان جي حقن لاءِ تحريڪ شروع ڪري ڏني، بلوچستان جي تيل ۽ گئس جي رائلٽي بلوچ شاگردن جي اسڪالرشپ ۽ پاڻي لاءِ آواز اٿاريو، ڊاڪٽر حئي بلوچ بلوچستان جي سياست ۾ عوام لاءِ اتساھه ھو.
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو جڏهن 1970ع ۾ عام اليڪشن ٿي ته ان اليڪشن ۾ ڪجھه اهڙا چھرا قومي اسيمبليءَ ۾ پهتا جو ماڻھن جون ڏندين آڱريون اچي ويون، انهن مان هڪ هو بلوچستان جو شاگرد ليڊر بي ايس او جو باني ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ!
1970ع جي چونڊن ۾ پاڻ نيشنل عوامي پارٽي جي ٽڪيٽ تي خان آف قلات جي ڀاءُ پرنس مُحيّ الدين کي اليڪشن ۾ شڪست ڏيئي، ايم اين اي جي سيٽ کٽي ورتي. هڪ غريب آبادگار جي پٽ خان آف قلات کي شڪست ڏيئي سڀني کي حیيران ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر حئي بلوچ پاڪستان جو اهو پهريون شخص هو جنهن ذوالفقار علي ڀٽي جي 73 واري آئين کي قومن جو دشمن آئين قرار ڏيندي ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي پاڻ ان تي صحيح نه ڪيائون. ان وقت پاڻ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر هئا. اهو ئي سبب آھي جو ستر واري ڏهاڪي ۾ پاڻ هڪ ويڙھاڪ ايم اين اي طور مشھور رهيا. 1988ع ۾ جڏهن نواب اڪبر بگٽي بلوچستان نيشنل الائنس قائم ڪيو ته نواب صاحب ڊاڪٽر صاحب کي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري بنايو. ان کانپو سينيٽ جا ميمبر به رهيا، ڪڏهن به ڪنهن مخالف سياسي شخصيت لاءِ اڍنگي ٻولي جو استعمال نه ڪيائون، پاڻ سادگيءَ پسند انسان هئا، ڪڏهن به ڪنهن پروٽوڪول يا لگزري گاڏين جو استعمال نه ڪيائون. عام ماڻھو جيان بسن ٽرين ۾ سفر ڪندا هئا. ڊاڪٽر حئي بلوچ مظلوم قوميتن جي وڪالت ڪندڙ هو، بلوچستان جي ڳوٺن کان ويندي ڪوئيٽا، ڪراچيءَ جي روڊن رستن ۽ پشاور جي شاهراهن تي مظلوم عوام جي حقن لاءِ سراپاءَ احتجاج هوندا هئا.
ڊاڪٽر حئي بلوچ عوامي سياست جو روح روان ھو. پاڻ قومپرست ۽ ترقي پسند سياستدان هئا. بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ پُل وارو ڪردار ادا ڪيائون. پاڻ بلوچستان، سنڌ ۽ پختونخوا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي حقن تي ڌاڙو سمجهندي ون يونٽ جي مخالفت ڪيائون. ڊاڪٽر حئي بلوچ، بلوچ قوم مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف آواز بلند ڪندڙ ليڊر هئا. قومي مسئلن جي حل ۽ صوبن جي حقن جي حاصلات لاءِ هميشه صف اول ۾ هوندا هئا، ڀلي کڻي اهو بلوچ قوم جو مسئلو هجي يا سنڌي قوم ، يا پشتون قوم جو هجي. ڊاڪٽر حئي بلوچ کي سنڌ سان تمام گهڻي محبت هئي. جڏهن به سنڌ جا قومپرست توڙي ترقي پسند سوشلسٽ اڳواڻ، سنڌ جي قومي مسئلن لاءِ کيس اطلاع ڪندا هئا ته پاڻ بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي سندن جلسن جلوسن ۽ ريلين ۾ پهچندا هئا. 2016ع ۾ کين جالب امن ايوارڊ سان نوازيو ويو، نيشنل پارٽي جو بنیياد پاڻ رکيائون. پنهنجن جي بيوفائي سبب دل برداشته ٿي پيا. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ۽ غوث بخش بزنجو سردارن ۽ نوابن جي ميڙ ۾ رهي ڪري اهڙو مقام حاصل ڪيائون جيڪو شايد اڄ جي دؤر ۾ ڪنهن غريب لاءِ حاصل ڪرڻ ناممڪن آھي. ٻنهي شخصيتن جو تعلق سردار ۽ نواب خاندانن سان نه هئڻ ڪري سندن قدر نه ڪيو ويو. ڊاڪٽر مالڪ، ڊاڪٽر ياسيین، حاصل بزنجو، اختر میينگل ۽ ٻين بلوچ سیياستدانن کي ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ آڱر پڪڙي سیياسي اي بي سي سيکاري! پر ڪنهن به سندن قدر نه ڪيو. تنهن ڪري پاڻ بعد ۾ پنهنجي هڪ عليحده پارٽي نیشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٺاهي.
1980ع ۾ پاڻ بزنجو گهراڻي مان شادي ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب کي چار پٽ ۽ چار نياڻيون آھن.
ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ پنهنجا ذاتي مفاد پنهنجي جواني پنهنجو سڀ ڪجھه قربان ڪري، پنهنجي سموري زندگيءَ پنهنجي ڌرتيءَ پنهنجن مظلوم ماڻھن ۽ محڪوم قومن جي حقن لاءِ ارپي ڇڏي. آخر 24 فيبروريءَ 2022ع تي اهڙي بيباڪ اڳواڻ جي زندگيءَ جو سفر هڪ سفر دوران پڄاڻي تي پهتو! سندن حادثاتي موت ٿيو، سندن وڇوڙي بلوچ قومپرست سياست ۾ ھڪڙو وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو جيڪو نه ڄاڻ اڳتي ڪڏهن پُر ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button