ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عدم اعتماد جو عمل پرامن طريقي سان ٿيڻ ڏيو

Editorial

ملڪ ۾ اڄڪلهه سياسي صورتحال ڪافي ڳنڀير نظر اچي رهي آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر پارٽيون هڪٻئي خلاف سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته حڪومتي صفن ۾ شامل اتحادي پارٽيون پڻ ان موقعي جو فائدو وٺندي انهن ڌرين سان شامل ٿيڻ کي ترجيح ڏئي رهيون آهن، جيڪي ڪالهه تائين حڪومت سان هر حال ۾ رهڻ لاءِ تيار هيون. وزير اعظم عمران خان ماضي ۾ اهو چوندو رهيو آهي ته هن جي خلاف جيڪڏهن ڪجهه هزار ماڻهو به روڊن تي نڪري اچن ته هو ڪرسي ڇڏي ڏيندو پر هن وقت نه رڳو هو اقتدار جي ڪرسي ڇڏڻ جي موڊ ۾ ڪونهي پر هو ايندڙ چونڊن ۾ سوڀارو ٿي ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ جا اشارا ڏئي رهيو آهي. پر ڪنهن به حڪومت خلاف عدم اعتماد آڻڻ ڪو غيرجمهوري رويو ڪونهي بلڪه اهو هڪ جمهوري عمل آهي، جيڪڏهن حڪومت کي پنهنجن اتحادين تي ويساهه آهي ۽ اها سمجهي ٿي ته انهن جي هوندي، حڪومت کي ڪو لهر لوڏو ڪونهي ته پوءِ ان کي نه رڳو عدم اعتماد واري تحريڪ کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي بلڪه جيڪي چونڊيل نمائندا ان عمل وسيلي پنهنجو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ رنڊڪون نه پيدا ڪرڻ گهرجن.

هن وقت اسلام آباد شهر ۾ سياسي ماحول ڪافي گرمايل آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي حڪومت جلسي جو اعلان ڪيو آهي ته ٻئي پاسي اپوزيشن پارٽين ۾ به جلسي جو اعلان ڪيو آهي ۽ مخالف ڌر 23 مارچ تي جلسو ڪرڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته حڪومت ڌمڪيون ڏيڻ لڳي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ وٽ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڊي چوڪ اسلام آباد تي جلسو ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، انشا الله 27 مارچ تي تاريخ ساز اجتماع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. دنيا ڏسندي ته پاڪستان جو عوام ڪيئن پنهنجي آزادي ۽ خودمخياري جي لا پنهنجي ڪپتان سان گڏ بيٺل آهي. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته عدم اعتماد تي ووٽنگ جي تاريخ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ڏيندو ۽ 27 مارچ بعد ڪابه تاريخ ٿي سگهي ٿي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پارٽي جي ڪور ڪميٽي عمران خان تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اجلاس حڪومت کي نه پر اسپيڪر کي گهرائڻو آهي، ان حوالي سان پرڏيهي وزارت سان رابطي ۾ آهيان، ڇاڪاڻ ته او آ سي جو اجلاس پارليامينٽ ۾ ٿيڻو آهي، اسان به چاهيون ٿا ته اهو جلد کان جلد ٿي وڃي. فواد چوڌري ڊي چوڪ جي جلسي کي سمورن جلسن جي ما قرار ڏيندي دعوى ڪئي ته ان جلسي ۾ پوري ملڪ کان 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت ڪندا. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻي سُتل شينهن کي جاڳائي ڇڏيو، عمران خان وٽ جيڪو فارمولو آهي. اپوزيشن وارا هٿ مَليندا رهجي ويندا. ٽن جوڪرن جي جاري راند آخري ثابت ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي اجلاس اسپيڪر کي گهرائڻو آهي، اسان جي خواهش آهي ته اجلاس جلد کان جلد گهرايو وڃي. هن صورتحال ۾ جيڪي زور بار اپوزيشن تي وڌا پيا وڃن يا اهي چونڊيل نمائندا جيڪي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کان اهو حق نه کسيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت جا ووٽ پورا آهن ته پوءِ ان کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي. اسلام آباد ۾ ڏهه لک ماڻهو ڊي چوڪ تي گڏ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ حڪومت کي اها سڌ هجڻ گهرجي ته اتي ايترا ماڻهو گڏ نٿا ٿي سگهن. (ق) ليگ اڳواڻ چوڌري شجاعت صحيح چيو آهي ته جلسا ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي، تنهنڪري سياسي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ووٽنگ واري ڏينهن چونڊيل نمائندن کي ووٽ ڏيڻ کان محروم نه ڪيو وڃي ۽ اهو عمل پرامن طريقي سان انجام ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button