سنڌ

لاڙڪاڻي مان گم ٿيل نينگري جو پتو نه پيو،ڳولا جي اپيل

لاڙڪاڻي جي ميرو خان چوڪ وٽ غازي عباس ڪالوني جي رهواسين ٽي ڏينهن اڳ گم ٿيل 10 سالن جي نينگري جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت حبدار عمراڻي پنهنجي ڀاءُ محمد حنيف عمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته 12 مارچ تي منهنجي 10 ورهين ڌيءُ حسينه عمراڻي گهر لاءِ سبزي وٺڻ ميروخان چوڪ طرف وئي، جيڪا هن وقت تائين واپس ناهي موٽي. نياڻي جي گم ٿيڻ بعد مٽن مائٽن وٽ ڳولا ڪئي پر ڪٿان ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. هن چيو ته ڌيءُ حسينه جي گم ٿيڻ بعد سمورا گهرڀاتي پريشان آهيون ۽ گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هنن ضلعي انتظاميه سميت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي گم ٿيل ڌيءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button