اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جا اگهه ساڳي سطح تي برقرار رهندا

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان جي اعلانيل پيڪيج تحت حڪومت پيٽروليم شين جو اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.فنانس ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 16 مارچ کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جا اگهه ساڳي سطح تي برقرار رهندا. فنانس ڊويزن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن دوران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 30 ارب رپين جو بار برداشت ڪندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو هو ته ايندڙ بجيٽ تائين پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button