سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ صيفل ڪالوني واسين جو سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي صيفل ڪالوني يوسي 10 جي وارڊ نمبر 2 ۾ شهرين بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فقير سلمان حسيني، فقير ساجد علي حسيني، شهزادو گوپانگ، محمد عمر جويو، قلندر بخش اوڍو، علي اصغر بروهي، ڊاڪٽر سليم شيخ، اياز علي گوپانگ ۽ ٻين چيو ته صيفل ڪالوني يوسي 10 جي وارڊ نمبر 2 کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آهي. گذريل 20 سالن کان نظر انداز ڪيو ويو آهي. هنن دانهيندي چيو ته برسات ۾ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا ۽ هاڻي به روڊ رستا هموار نه هجڻ ڪري حادثا معمول بڻجي ويا آهن. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صيفل ڪالوني وارڊ نمبر 2 ۾ فوري طور ترقياتي ڪم ڪرائي روڊ رستا، گهٽين ۾ فرشبندي ڪرائي وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button