اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ وڌيڪ 473 ڪرونا مريض ظاهر، 4 ماڻهو فوت

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 24 ڪلاڪن ۾ ڪيسن جي شرح 1 ڏهائي 37 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، وڌيڪ 4 مريض لاڏاڻو ڪري ويا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 473 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 466 مريض صحتياب ٿي ويا. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 313 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 15 لک 19 هزار 627 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 18 هزار 26 علاج هيٺ مريضن مان 560 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 34 هزار 401 ٽيسٽون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button