سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ حددخلين ۽ غيرقانوني پارڪنگ خلاف ڪارروائي

لاڙڪاڻي ۾ حددخلين ۽ پارڪنگ ڪرڻ واري عمل خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري رهيو، اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ايمپائر روڊ، مڇي مارڪيٽ جيلس بازار روڊ، سرهيه پڌر سميت ٻين علائقن ۾ آپريشن ڪري دڪانن اڳيان رکيل سامان هٽائي روڊ ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو. ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ٽن دڪاندارن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته آپريشن حددخليون ڪري ٽريفڪ کي اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ ڪري ڪيو پيو وڃي، اسان هي ڪاروايون جاري رکنداسين. شهر جي سرهيه پڌر ،ايمپائر روڊ، مڇي روڊ، جيلس بازار روڊ سميت ٻن هنڌن تي حددخلين سميت غير قانوني پارڪنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي جنهن ۾ اسان ٻيهر شهرين کي اپيل ٿا ڪريون ته فوري طور تي حددخلين کان پاسو ڪن نه ته ٻي صورت ۾ هنن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button