اسلام آبادپاڪستان

او آ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس:پي ڊي ايم مارچ جو شيڊيول تبديل

اسلام آباد :جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ۽ پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان او آ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس سبب لانگ مارچ جو شيڊيول تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه مولانا فضل الرحمان ميڊيا اڳيان ڳالهائيندي اعلان ڪيو ته او آ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ٿيندڙ اجلاس سبب اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جو شيڊيول تبديل ڪري ڇڏيو آهي. قافلا 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان پاسو ڪن. مهمانن کي تڪليف نه اچڻ گهرجي. اهڙو فيصلو پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف مولانا (ن) ليگ کي مشورو ڏنو آهي ته لانگ مارچ جي حوالي سان (ن) ليگ جي قافلي جي اڳواڻي مريم نواز ڪري. مريم نواز ۽ حمزا شهباز قيادت ڪندي لاهور کان جي ٽي روڊ رستي اسلام آباد پهچن. مولانا فضل الرحمان (ن) ليگ کي مشورو ڏنو ته لانگ مارچ جي حوالي سان(ن) ليگ جي قافلي جي قيادت مريم نواز ڪري. پي ڊي ايم جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان (ن) ليگ کي تجويز ڏني ته ڪارڪنن ۾ جوش ۽ ولولو وڌائڻ لاءِ مريم نواز (ن) ليگ جي لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪري. مولانا اهو به مشورو ڏنو ته (ن) ليگ ڏکڻ پنجاب جي ڪارڪنن کي لاهور ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏي، جتان مريم نواز ۽ حمزا شهباز قيادت ڪندي جي ٽي روڊ رستي لاهور کان اسلام آباد وڃن. شهبازشريف اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي قافلي جي آجيان ڪري. مولانا جي تجويزن تي لانگ مارچ بابت حتمي فيصلو ۽ اعلان (ن) ليگ جي قيادت ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button