سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيرسن پورهيت جو ٻارڙن سميت پوليس خلاف احتجاج

نئون ديرو ويجهو پير جو ڳوٺ واسي پيرسن پورهيت درزي هادي بخش عارباڻي گهرواري رخسانه خاتون ۽ پٽ معظم علي عارباڻي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته علائقي جي بااثر سلطان احمد ڪنڀر جي چرچ تي نئون ديرو جي ايس ايڇ او شاهد ميمڻ گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد بعد چئن پورهيت پٽن راشد عارباڻي، رضوان، منظر ۽ عامر عارباڻي کي کنڀي کڻي ويو، جنهن بعد ٻن پٽن منظر ۽ عامر کي آزاد ڪري باقي ٻن پٽن کي گم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بااثر سلطان ڪنڀر ۽ سندس ساٿي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان گهرڀاتين کي جان جو خطرو آهي. خدشو آهي ته نئون ديرو پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي گرفتار ڪيل پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندي يا ڪوڙي مقاملي ۾ ماري ڇڏيندي. اسان چيف جسٽس، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي نئون ديرو پوليس ۽ بااثر سلطان ڪنڀر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button