سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ فريد آباد جي رهواسين پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل ڳوٺاڻي جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي حزب الله سيال پنهنجي ڀائرن محب الله، اسد الله سيال، سئوٽ فقير علي گوهر ۽ ڀائٽي ساجد سيال سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته شهيد الاهي بخش سيال ۽ بقاپور ٿاڻن جي پوليس بيگناهه منهنجي 40 ورهين جي ڀاءُ رحمت الله سيال کي فريد آباد باءِ پاس وٽان گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڄاڻايل ٿاڻن تي ڀاءُ جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ پهتاسين ته پوليس اسان کي اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي حڪم تي رحمت الله سيال کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڀاءُ رحمت الله سيال ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي سندس مٿان ڪو ڪيس داخل آهي، تنهن باوجود کيس گرفتار ڪري تشدد ڪري نامعلوم هنڌ گم ڪيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شهيد الاهي بخش سيال ۽ بقاپور ٿاڻن جي پوليس کان سخت پڇاڻو ڪرڻ سان گڏ گرفتار ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button