سنڌ

رتيديري مان کنڀيلن جي معصوم ٻارڙن جو احتجاج

رتوديرو مان ڪراچي پوليس هٿان کنڀيل هڪ ئي گھر جي ستن ڀاتين منظور علي، مظهر، عبدالفتاح، محمد جمن، فهد، غازي خان ۽ محمد قاسم قريشي جو اڃا تائين ڪو پتو پئجي نه سگھيو، جڏهن ته کنڀجي ويلن جي معصوم ٻارڙن 25 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حليمان، مبارڪ، نتاشا، عبدالرافع، محمد حسين، عليشا، محمد حسين ۽ ٻين احتجاج ڪري رتوديرو پريس ڪلب پهچي چئن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته اسان پنهنجي والدين جي آزادي لاءِ مسلسل 25 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون، اسان مجبور ٿي چئن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال شروع ڪئي آهي پر پوءِ به اسان معصوم ٻارڙن جي احتجاج جو ڪير نوٽيس نٿو وٺي. هنن چيو ته ڇا اسان جي والدين ايڏو وڏو ڏوهه ڪيو آهي جو انهن کي ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري اسان کي پنهنجي والدين بابت ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي ته اهي ڪهڙي حال ۾ آهن، اسان ٻارڙا ۽ ٻيا گھر جا ڀاتي سخت پريشان آهيون هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي والدين کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button