سنڌ

عمران خان جو ڊي چوڪ تي جلسو ڪرڻ انتشار پکيڙڻ آهي:نثار کهڙو

سينيٽر ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جا هائوس آف ڪارڊز وکري چڪا آهن ۽ هو اتحادين ۽ پنهنجي ئي ميمبرن جو اعتماد ۽ اڪثريت وڃائي چڪو آهي، جيڪڏهن عمران خان کي وڌيڪ ناڪامي کان بچڻو آهي ته هو استعيفى ڏئي ته پوءِ عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ جي ضرورت ئي نه پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار کهڙي چيو ته وزيراعظم عمران خان جو وڃڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي ۽ قوم کي جلد هن يزيدي حڪومت مان ڇوٽڪارو ملڻ وارو آهي. هن چيو ته عمران خان طرفان عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ کان هڪ ڏينهن اڳ ڊي چوڪ تي ماڻهن کي آڻي جلسو ڪرڻ جو اعلان ٽڪراءُ جي صورتحال پيدا ڪرڻ، انتشار ڦهلائڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ جي مترادف آهي. هن چيو ته عدم اعتماد جي رٿ تي فيصلو ڊي چوڪ تي سندن ڪارڪنن کي نه پر پارليامينٽ ۾ ميمبرن کي ئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته آئيني طور تي اسپيڪر ايوان جي ڪنهن به ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان روڪي نه ٿو سگهي ۽ ميمبرن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ جو اسپيڪر وٽ ڪو آئيني اختيار ناهي. هن چيو ته عمران خان ڪارڪن گهرائي يا جلسو ڪري اپوزيشن 172 کان وڌيڪ ميمبر گڏ ڪري ورتا آهن. هن چيو ته عمران خان عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ کان اڳ ئي اتحادين ۽ پنهنجي ئي ميمبرن جو اعتماد وڃائي چڪو آهي. ان کان اڳ نثار کهڙي ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ گلن جون چادرون چاڙهي فاتح پڙهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button