ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سينڍ ۾مارئي ڳائيندڙ عمران خان

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوئلي جو ڪاروبار ڪندو هجي ۽ اها اميد به رکي ته ان جا هٿ ڪارا نه ٿيندا ته اهو ممڪن ناهي. ائين ئي ڪو اڳوڻو رانديگر سياست جي ميدان ۾ لهي ۽ اها اميد رکي ته هن لاءِ سڀ ڪجهه سٺو هوندو ۽ هر ايندڙ ڏينهن سندس سوڀ جو ڏينهن هوندو ته اها هڪ خام خيالي آهي. عمران خان نيازيءِ جي رانديگر طور ڪارڪردگي ڪهڙي به رهي هجي پر سياست ۾ اچڻ کان پوءِ هن جيڪي دعوائون ڪيون هيون، اهي نه رڳو دعوائون رهجي ويون پر هو ان سياسي عمل مان به نه گذريو هو، جيڪو ماڻهوءِ کي وڌيڪ سياسي ساڃاهه ڏيندو آهي.

هن وقت پي ٽي آءِ مان عمران خان نيازي خلاف آواز اٿي رهيا آهن ۽ سندس پارٽيءِ جا وزير عدم اعتماد واري رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اپوزيشن سان شامل ٿي ويا آهن، جن کي هو نه رڳو غدار قرار ڏئي ٿو پر هو ان عمل کي ايترو ته خراب ٿو سمجهي جو انهن کي نا اهل ڪرائڻ جا اپا وٺڻ جون ڪوششون به پڻ ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي سياست ۾ سياسي پارٽيون بدلائي ٻين پارٽين ۾ شامل ٿيڻ جي روايت پراڻي آهي. هر سياستدان کي گهڻو ڪري اها پارٽي وڌيڪ وڻندي آهي، جيڪا اقتدار ماڻڻ واري هوندي آهي، ان ڪري سياستدان سدائين پارٽيون بدلائيندا رهيا آهن. آمر پرويز مشرف واري زماني ۾ جڏهن (ق) ٺهي هئي، (جيڪا پرويز مشرف ٺهرائي هئي) ته ان وقت جي ڊرا ڪلين پارٽي (ق) ليگ هئي، نواز ليگ جا وڌ کان وڌ اڳواڻ ان ۾ شامل ٿيا هئا. گجرات جا چوڌري به ان پارٽي ۾ شامل ٿيا هئا، ان ڪري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير ڪيو ويو. اهڙي ريت وري جڏهن پيپلز پارٽي جو اقتدار آيو ته ڪئين ماڻهو ان ۾ شامل ٿي ويا ۽ جڏهن نواز ليگ اقتدار جي مومل ماڻي ته ان مان گهڻن نواز ليگ ۾ وڃڻ بهتر سمجهيو پر پو “ڪمپني بهادر” کي خيال آيو ته ٽين قوت کي ميدان ۾ لاهجي ۽ ڪي نوان مهانڊا هجڻ گهرجي پر وري به نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي مان ماڻهو پنهنجو سياسي ناتو ٽوڙي پي ٽي آ ۾ شامل ٿي ويا. ان وقت عمران خان نيازي انهن پارٽين جون وڪيٽون ڪرائي رهيو هو ۽ اهي پنهنجي ضمير موجب پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا هئا، پر هاڻ جڏهن اهي پي ٽي آ ڇڏي رهيا آهن ته اهي غدار به آهن ۽ ڪنهن وڏي عالمي سازش جو شڪار ٿي رهيا آهن.
ماضي ۾ عمران خان نيازي پاڻ پارٽيون مٽائڻ جي عمل کي بهتر سمجهندو رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته قائد اعظم به ڪانگريس ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو هو. ظاهر آهي، ان زماني ۾ انگريزن مسلم ليگ کي ائين تاتيو هو، جيئن پي ٽي آ کي هن وقت “ڪمپني بهادر” تاتيو آهي. ان زماني جي پي ٽي آ، مسلم ليگ هئي. جيڪڏهن پارٽيون مٽائڻ ۽ اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي ته پو عمران خان نيازي کي ان تي ڪوبه اعتراض نه هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هو ان کي بهتر عمل سمجهي ٿو. هاڻ هو پنهنجن جلسن ۾ هڪ پاسي اهي منٿون ڪري رهيو آهي ته چونڊيل نمائندا واپس اچن کين معاف ڪيو ويندو. ان کان سوا هو اهو پڻ چئي رهيو آهي ته پي ٽي آ ڇڏي ويندڙن جي اولاد سان ڪوبه شادي نه ڪندو. ملڪ ۾ جيڪو سياسي ڪلچر آهي، ان ۾ سياسي اڳواڻ گهڻو ڪري ان وقت اسان کي پنهنجي قائد سان نظر ايندا آهن، جيستائين هو اقتدار ۾ هوندو آهي پر جڏهن سندس گرفت اقتدار تان ڍري ٿيندي آهي ته سڀئي ٽر پکڙ ٿيڻ لڳندا آهن.
جيڪي سياسي اڳواڻ ڪالهه نواز ليگ ۽ پيپلز ڇڏي پي ٽي آ ۾ شامل ٿي رهيا هئا، انهن وٽ هڪ جواز اهو هوندو هو ته اسان جو پارٽي سان اختلاف اًڄ جو ناهي بلڪه ٻه سال اڳ شروع ٿيو هو، اسان کي پارٽي پاليسيون پسند ڪونه هيون يا هي پارٽي عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪونه ڪري سگهي آهي. هاڻ اهي ساڳيا جواز پي ٽي آ لا پيش ڪيا پيا وڃن. تنهنڪري ان ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته سياست جي گورک ڌندي ۾ اهو سلسلو هلندو رهندو آهي. ڇا عمران خان نيازي کي اها خبر نه هئي ته جيڪي ماڻهو پنهنجن نظرياتي پارٽين سان وفاداريون مٽائي هن سان گڏجي رهيا آهن، اهي سڀاڻي اهڙي پارٽي کي ڇڏڻ ۾ دير نه ڪندا جنهن جو ڪو نظريو ئي ناهي. ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ڪو نظريو ناهي، پر جيڪڏهن اهو نظريو آهي به سهي ته ان کي عملي طور پارٽي لاڳو نه ڪري سگهي آهي. جيڪڏهن اهو به طئي ٿي وڃي ته ايندڙ پنج سال به پي ٽي آ کي ملندا ته ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته اها سموري سسٽم کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندي. ڇاڪاڻ ته پارٽي وٽ جيڪا ٽيم آهي، سا گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي آهي. جنهن جي ڪري ايندڙ وقت ۾ به ان جي ٽيم ساڳي رهڻي آهي.
اڄ جڏهن پي ٽي آ لا سياسي ماحول خراب ٿي چڪو آهي ته ان ماحول کي وڌيڪ خراب ڪرڻ لا اها غير جمهوري ۽ غير آئيني اپا وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان کان گهٻرائي به نٿي. عمران خان نيازي جي تقريرن ۾ طنز جا تير رڳو سندس مخالف سياسي جماعتن لا نه آهن پر ان ڌر لا به آهن، جنهن کيس وڏو انقلابي سمجهي اقتدار سندس حوالي ڪيو هو. هو پنهنجي تقريرن ۾ سينڍ ۾ مارئي ڳائي رهيو آهي. کيس خبر آهي ته هو سڌي ريت ان ڌر کي نشانو نٿو بڻائي سگهي ۽ نه ئي هن ۾ ايتري همت به آهي.
پر سياسي جوڙ ٽوڙ ۾ سنڌ جي حوالي سان جيڪا اڳڀرائي ٿي رهي آهي، سا ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ ويجهڙائي آهي. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جو هر مطالبو مڃڻ لا تيار ٿي وئي آهي. ايندڙ وقت ۾جڏهن ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جو حصو نه رهندي ته اها پيپلز پارٽي سان اتحاد ڪري سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿي سگهي ٿي ۽ اهي وعدا جيڪي وفاقي حڪومت نه پاڙي سگهي آهي، اهي پيپلز پارٽي پورا ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي چڪي آهي. تنهنڪري سياسي سودي بازي جي بازار به گرم لڳي پئي آهي.
پي ٽي آ جو سياسي تجربو ڪرڻ کان پو اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ملڪ کي ڪنهن سياسي تجربي وسيلي نٿو هلائي سگهجي بلڪه سياسي پارٽين کي سياست وسيلي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪيترن مسئلن کان بچي سگهجي ٿو. هن وقت تاثر ته اهو ڏنو پيو وڃي ته “ڪمپني بهادر” نيوٽرل ٿي وئي آهي پر ملڪي سياست ۾ اهو مممڪن ناهي ته ان جو سياسي ڪردار نه هجي. جيڪڏهن واقعي به اها نيوٽرل آهي ۽ ان معاملا سياسي پارٽين حوالي ڪري ڇڏيا آهن ته اهو ملڪ جي سياسي ۽ جمهوري ڪلچر لا سٺو سنئون آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button