عمران خان جي حڪومت جسماني طور تي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ان سوال جو جواب ته ايندڙ وقت وٽ آهي پر عمران خان جي حڪومت سياسي اخلاقيات جي حوالي سان ختم ٿي چڪي آهي. عمران خان پنهنجي مخالف ڌر واري دور ۾ جيڪي به نعرا هنيا، جيڪي به اعلان ڪيا ۽ جيڪي واعدا ڪيا، انهن تان ته هو ڪڏهن جو ڦري چڪو آهي. هن جي ان روش سبب هن جو نالو “يوٽرن خان” رکيو ويو. پر ان سلسلي ۾ اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڪجهه واعدا وفا نه ڪجن نه ڪري سگهجن ته انهن جو ڏوهه معاف ٿي سگهي ٿو. خاص طور تي اهي واعدا جيڪي پورا ڪرڻ انسان جي وس ۾ نه هجن. پر جيڪو ڪجهه وس ۾ آهي، اهو وفا جي زمري ۾ اچي ٿو. عمران خان جا اهي اعلان جيڪڏهن عمل ۾ نه اچي سگهيا، جيڪي اقتصادي ترقيءَ ۽ عوامي خوشحاليءَ جي حوالي سان هئا ته انهن جو ڏوهه هن کي معاف ڪري سگهجي ٿو پر جيڪو ڪجهه هٿ ۾ هجي ۽ اهو ڪجهه نه ڪجي ته پوءِ اهو ڏوهه معافيءَ جوڳو هرگز ناهي. انسان جو ڪجهه ڳالهين تي وس نه ٿو هلي سگهي. پر جيڪي معاملا ماڻهوءَ جي لاءِ ممڪن آهن پر ماڻهو اهي معاملا سرانجام نه ڏئي سگهي ته پوءِ تاريخ اهو ڏوهه ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي. عمران خان جي لاءِ اهو ممڪن نه ٿي سگهيو ته هو پاڪستان کي اقتصادي طور تي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهي ته ان سلسلي ۾ سزا ڏيڻ کان اڳ سوچي سگهجي ٿو.
عمران خان اهو اعلان ڪيو هو ته هو حڪومت ۾ اچي ٻين ملڪن آڏو مدد لاءِ هٿ نه ٽنگيندو. هن اهو به چيو هو ته هو عالمي مالي ادارن کان قرض نه وٺندو. پر ملڪ هلائڻ جي لاءِ جيڪڏهن هو مجبور ٿي پيو ته خير آهي. پر هن جو اهو ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪرڻ جهڙو ناهي، جيڪو هن اقتدار جي لاءِ سياسي اخلاقيات جو انت آندو. اڄ هن کي ڪجهه نادان شهيد ڀٽو سان ڀيٽي رهيا آهن. ڇا هن جي ڀيٽ ان انسان سان ڪري سگهجي ٿي، جيڪو ڦاسيءَ تي چڙهي ويو پر هن پنهنجن اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. جڏهن ته عمران خان جي آڏو زندگي موت جو سوال به نه هو. هن جي آڏو ان حڪومت کي بچائڻ جو معاملو هو، جنهن جي ڄمار هونءَ به هڪ سال بچي آهي. صرف هڪ سال جي حڪمرانيءَ لاءِ عمران خان جهڙي آڪڙباز اڳواڻ کي ايترو ڪري پوڻ نه کپندو هو جو هو انهن لوٽن کي واپس موٽڻ جا ايلاز ڪري جيڪي هن سان بيوفائي ڪري چڪا آهن. هن جو اهو عمل هن کي ڪيترو نه ننڍڙو ڪري ويو آهي!
ڇا هو اهوئي عمران خان آهي، جنهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان پوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته جيڪي مون کي ڇڏي وڃڻ چاهين ٿا، اهي مون کي ڇڏي وڃن. مان انهن تي ڪاوڙ به نه ڪندس. انهن جو مون تي اهو احسان ٿيندو ته مون کي انهن جي معرفت گهٽ ۾ گهٽ اهو پتو ته پوندو ته ڪير مون سان سچو آهي ۽ ڪير مون سان سچو ناهي. پر اڄ جيڪي ايم اين ايز هن جي مخالفن سان ملي ويا آهن ۽ اهي به اصولن تي نه پر بقول انهن جي هو پئسن تي هرکجي پنهنجي حڪومت جي نه رڳو پٺ ۾ خنجر هڻڻ جي لاءِ تيار آهن پر انهن سرعام پنهنجي پارٽيءَ جي خواري ڪرائي آهي، ڇا اهڙن لوٽن جي موٽائڻ جي لاءِ ان عمران خان کي منٿون ڪرڻ کپن، جيڪو پاڻ کي ٻين پارٽين جي ليڊرن کان بلڪل الڳ ٿلڳ سمجهندو آهي ۽ هو پنهنجو تذڪرو انهن سياسي اڳواڻن سان نه ڪرڻ چاهيندو آهي، جيڪي بي اصولي واري سياست ڪن ٿا.
عمران خان جيڪڏهن اصول پرست هجي ها ته اڄ هو هڪ سال جي لولي لنگڙي اقتدار جي لاءِ ائين ليلڙاٽون نه پائي ها. هن جي اهڙي اخلاقي شڪست کي ڏسي انهن کي به شرم ٿو اچي جيڪي هن جا سياسي مخالف آهن پر انهن جو خيال هو ته عمران ايتري حد تائين هيٺ ڪري نه ٿو سگهي. عمران خان پاڻ کي نه پر پنهنجن انهن پرستارن کي به ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي هن جي اقتداري ناڪاميءَ جي باوجود به هن جي حمايت ڪندا هئا. جيڪي چوندا هئا ته عمران خان جو سياسي اخلاق بلند آهي. اڄ انهن کي پنهنجي اهڙي دعويٰ تي لڄ اچي رهي آهي. ڇو ته عمران خان نه صرف پنهنجن غدارن کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر انهن کي هن جهڙي طرح سان منٿون ۽ ميڙون ڪيون آهن، هن جو اهو حال ڏسي هن جا اهي مخالف به وائڙا آهن، هن جو خيال هو ته عمران خان هن سطح جي سياست نه ٿو ڪري سگهي. پر هن جو اهو حال ڏسي چوڻو پوي ٿو ته اقتدار ڪنهن کي به ڪيترو به ڪيري سگهي ٿو.
عمران خان پنهنجن منحرف ايم اين ايز کي نه رڳو واپس اچڻ جي لاءِ ايلاز ڪري رهيو آهي پر هو انهن کي اهو به چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر انهن کي پئسا ڏئي رهي آهي ته اهي پئسا انهن کان وٺو پر ووٽ اسان کي ڏيو. ڇا هڪ ليڊر ان قسم جي صلاح ڏئي قوم جي نئين نسل جي اخلاقي تربيت ڪري رهيو آهي؟ عمران خان جي حوالي سان ڪڏهن هن جا حامي اهي دعوائون ڪندا هئا ته هو هڪ نئين قوم ٺاهڻ جو مشن کڻي آيو آهي. اهڙي قوم جيڪا خودار هجي. اهڙي قوم جيڪا باوقار هجي. اهڙي قوم جيڪا سچي ۽ بهادر هجي. جيڪو اڳواڻ پنهنجن غدار ساٿين کي اهڙيون صلاحون ۽ مشورا ڏئي ڇا اهو قومي ڪردار جي تعمير جي دعويٰ به ڪري سگهي ٿو؟ عمران خان جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته ماڻهو حيران ٿي وڃي ٿو. هن جي حوالي سان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ان طرح جو دوکيبازيءَ وارو رويو هن جي پارٽيءَ جو اصول آهي. ڇو ته نه صرف هو پر هن جو ساڄو هٿ يعني شيخ رشيد جهڙي ريت ايم اين ايز کي واپس سڏي رهيو آهي ۽ انهن کي مال به هڙپ ڪرڻ جون صلاحون ڏيندي جيڪي اکيون هڻي غيراخلاقي اشارا ڪري رهيو آهي، ان قسم جي بازاري اسٽائيل ته صرف ان هنڌ جي ٿي سگهي ٿي، جنهن جو نالو اخبار ۾ لکڻ درست نه ٿو لڳي پر اها حقيقت آهي ته ان قسم جا اشارا ڪنهن ملڪي وزير کي زيب نه ٿا ڏين ۽ ان قسم جي جسماني ٻوليءَ تي به قانوني اخلاق جو قدم کڄي سگهي ٿو. ڇو ته اهو مسئلو قومي ڪردار جو آهي. عمران خان جي حڪومت پنهنجو هڪ سالا اقتدار بچائڻ جي لاءِ هر قسم جو هٿڪنڊو استعمال ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي بيٺي آهي.
شيخ رشيد ته عمران خان جو گهرو وزير آهي ۽ هو جنهن قسم جو ڪردار رکندڙ آهي، ان جو به پوري ملڪ کي پتو آهي. هن اڳ ۾ به جيڪي ڪم ڪيا آهن، انهن کان عوام آگاهه آهي. ان ڪري جيڪڏهن هو ان قسم جي سياسي فحاشيءَ وارا اشارا به ڪري ٿو ته لال حويليءَ جي مالڪ جي مٿان حيرت نه ٿي ٿئي پر افسوس ته ان پرڏيهي وزير جي مٿان ٿئي ٿو، جيڪو عمران خان جيان پنهنجو پاڻ تي ناز ڪندو آهي ۽ جيڪو نه رڳو سياستدان آهي پر هو گاديءَ وارو پير به آهي ۽ هن پنهنجي پيري مرشديءَ کي سياسي طور تي استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن به جڏهن هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي مارچ کي ڪائونٽر ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ پ پ مخالف مارچ شروع ڪيو هو، تڏهن هن ٿر ۾ پنهنجن مريدن کي خطاب ڪندي جيڪو ڪجهه چيو هو اهو رڪارڊ تي موجود آهي. هن پنهنجن مريدن کي چيو هو ته جيڪڏهن مخالف اوهان کي مال ڏين ٿا ته اهو وٺو پر ووٽ اسان کي ڏيو. ڇا هڪ مرشد کي ان قسم جي هدايت ڪرڻ گهرجي؟ ڇا ان قسم جو سبق ڏيڻ کان پوءِ ان مرشد جي مريدي ڪرڻ گهرجي؟ مرشد ته مريد جي روحاني اوسر ڪندا آهن. مرشد ته مريد جي اخلاقي تعمير ڪندا آهن. پر جيڪو مرشد سرعام مريدن کي دوکو ڏيڻ جي هدايت ڏئي ۽ حڪم ڪري ته هو پنهنجي ڪردار کي ڪوڙو ۽ بازاري بڻائين ته ان مرشد کي مرشد ٿيڻ جو حق حاصل نه هجڻ گهرجي.
عمران خان کان وٺي هن جي وزيرن تائين منافقيءَ واري مهم هلائڻ ۾ مصروف ٿو ڏسجي تڏهن ان خيال تي پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي ته اهو ڪو اتفاق ناهي پر ان قسم جو غيراخلاقي انداز تحريڪ انصاف جي پاليسي آهي. جڏهن دوکو ڏيڻ جا طريقا سمجهايا وڃن ۽ انهن جو درس سرعام ڏنو وڃي ته قومي اخلاق جو زوال اکين سان ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجي. عمران خان پاڻ کي اقتدار جي لاءِ تمام گهڻو خوار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن پنهنجي ان انداز سان پنهنجي سياسي مستقبل کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هو ڪجهه مهينن جو اقتداري دور برداشت ڪري ها ۽ عوام وٽ پنهنجو صاف شفاف ڪردار کڻي وڃي ها ته اهو ممڪن هو ته ماڻهو هن کي ڀرپور مئنڊيٽ به ڏيڻ تي سوچين ها پر جڏهن هو پنهنجي سياسي اخلاق جو گلو گهٽي پنهنجي لاءِ ڪجهه ڏينهن جو اقتدار گهري رهيو آهي ته اهڙن ماڻهن جي قوم کي قياس به نه ايندو آهي. اهڙن اڳواڻن کي عوام سياسي سزا ڏيڻ چاهيندو آهي ته جيئن انهن کي پتو پوي ته انهن ڪهڙو نه غلط ڪردار ادا ڪيو آهي.
عمران خان اقتداري مٽيءَ جي ڪردار جو سون وڪڻي پاڻ کي ان قطار ۾ بيهاريو آهي، جنهن قطار ۾ هو هميشه پنهنجن مخالفن کي بيهاريندو رهيو آهي. اڄ عمران خان جي صورت انهن سياستدانن جي خاڪي ۾ نظر اچي رهي آهي، جيڪي سياسي منافقت ۽ ڪرپشن سبب نه رڳو پنهنجي ملڪ پر پرڏيهه ۾ به ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. ڇا اها ڪرپشن ناهي ته پنهنجن غدار ساٿين کي سزا ڏيڻ بدران انهن کي ضمير فروخت ڪرڻ جو مال وٺڻ جي نه صرف اجازت ڏجي پر اهو به چئجي ته اهو مال وٺي کائي وڃو ۽ ووٽ اسان کي ڏيو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته عمران خان ڪوڙ کي سياسي ڪاروبار بڻائڻ چاهي ٿو ۽ هن جي نظر ۾ دوکو ئي اصل سياست آهي. ڇا اهڙي ڪردار جي مالڪ کي ملڪ جو حڪمران هجڻ گهرجي؟