ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زهريليون زرعي دوائون

سنڌ ۾ زراعت هڪ اهم ترين شعبو آهي. ان ڪري زرعي معيشت جي سنڌ ۾ وڏي اهميت پڻ آهي. جتي جتي به زراعت ۾ جدت آئي آهي، اتان جي آبادگارن وڌيڪ نفعو پڻ ڪمايو آهي. پر اسان وٽ اڃا تائين به رواجي طريقن سان ڪم هلايو پيو وڃي. مٿان وري زرعي دوائن جو استعمال پڻ فصلن ۽ ٻين جيون لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري هڪ پاسي ته ٻوٽن کي نقصان ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي انساني صحت لاءِ اهي فصل ۽ ڀاڄيون نقصانڪار ثابت ٿي رهيون آهن. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌ ۾ زرعي دوائون جو استعمال بنهه گهڻو وڌي ويو آهي. پر آبادگار انهن جا نقصان ڄاڻندي به انهن جو استعمال جاري رکندا پيا اچن. ٻه ڏينهن اڳ ان حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ پروگرام پڻ ڪوٺايو ويو هو. جنهن ۾ زرعي دوائن جي نقصان بابت ڳالهايو ويو.
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي ميزباني هيٺ پهرين ٻن ڏهاڙن واري ٻوٽن جي تحفظ واري عالمي ڪانفرنس شروع ٿي ويئي آهي، جنهن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ جي زمينن جا ٻه قسم آهن، هڪ آبپاشي ۽ ٻيو برساتن ذريعي آباد ٿين ٿيون. اسان جو شروع کان آبپاشي سان سلهاڙيل علائقن ۾ زراعت کي اهميت ڏني آهي ۽ ريگستاني زمين جو وڏو حصو بي توجهي سبب زرخيز نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري باراني زراعت تي ڌيان ڏئي اسان زهريلي دوائن جي استعمال کي گهٽائي، نامياتي ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ڪري سگهون ٿا. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي باني وائيس چانسلر ۽ مهمان خاص ڊاڪٽر اي ڪيو انصاري چيو ته زهريلي دوائن جو استعمال اسان جي زراعت ۾ رواج بڻجي ويو آهي، آبادگار جيتن مان ڇوٽڪاري جو حل زهريلي دوائن جو استعمال سمجهي ٿو پر اصل ۾ انهن دوائن جي توازن ۽ معيار بابت اڃا تائين آبادگارن کي هيٺين سطح تائين مڪمل ڄاڻ ئي ناهي، چڪاس ڪندڙ ليبارٽرين جي اڻهوند سبب ملڪ جي زرعي پيدوارا ۽ ان جي معيار بابت دنيا ۾ ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن. پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر منظور حسين سومري چيو ته زراعت ۾ پلانٽ پروٽيڪشن جي اهميت تمام گهڻي آهي، پهرين ڪانفرنس ۾ دنيا جي ماهرن جي شرڪت سان ان جا بهترين نتيجا نڪرندا. ڪانفرنس جي ميزبان فيڪلٽيءَ جي ڊين ڊاڪٽر جان محمد مري چيو ته هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ماهرن جي تجويزن وسيلي زرعي تحقيق جا رخ تعين ڪيا ويندا، هي ڪانفرنس نه فقط سنڌ، ملڪ پر دنيا لاءِ اهميت جي حامل آهي، ڪانفرنس کي وڊيو خطاب ڪندي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي هن عالمي ڪانفرنس سان هاڪاري نتيجا سامهون ايندا، جڏهن ته سنڌ سميت پوري پاڪستان جي زراعت بابت سنجيدگيءَ جو مثبت نياپو دنيا تائين پهچندو، يونيورسٽي آف ايگريڪلچر فيصل آباد جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اقرار احمد خان چيو ته زراعت ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جو وڏو ڪردار آهي، پاڪستان جو سڀ زرعي يونيورسٽيون، دنيا سان زرعي مسئلن تي هڪ پيج تي آهي ۽ هن ڪانفرنس سان جديد زرعي ڄاڻ جي مٽا سٽا ٿيندي. ان موقعي تي ملائيشيا مان ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه، نيدرلينڊ مان ڊاڪٽر مارشل، سوڊان مان ڊاڪٽر حشام نصيرالدين، شهيد الله بخش يونيورسٽي ڄامشوري جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، ڊي جي ريسرچ نور محمد بلوچ، اسلام الدين راجپوت، سيد نديم شاهه، محمود نواز شاهه، زاهده ڏيٿو، وڏي تعداد ۾ ماهر، آبادگار، شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
هي هڪ اهم ڪانفرنس چئي سگهجي ٿي. سنڌ جي آبادگارن کي بدلجندڙ زرعي ماحول کي نظر ۾ رکندي جيت مار دوائن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي معاملو جيتن کي فصل کان پري رکڻ جو ناهي پر ان جا انساني صحت تي به گهڻا ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن ۽ ان کانسواءِ زرعي زمين پڻ متاثر ٿي رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته زراعت کاتو جيت مار دوائن کي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ نامياتي فصل پوکڻ لاءِ آبادگارن کي همٿائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button