
وزير اعظم عمران خان راولپنڊي جي عوامي جلسي کان اڳ سرپرائيز ڏيڻ واري ڳالهه ڪئي هئي. پر ان جلسي ۾ ڪا سرپرائيز ڏيڻ جي بدران غير معمولي ڳالهه ڪندي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي خارجا پاليسي جي واکاڻ ڪئي ۽ ان جي خلاف ٿيندڙ سازش جو ذڪر ڪيو ته ان جي موٽ ۾ لاهور جي ترقي پسند دانشور فرخ سهيل گوئيندي پنهنجي فيس بوڪ تي اسٽيٽس رکندي وزير اعظم عمران خان کي چيو ته، جيڪڏهن وزير اعظم واقعي تاريخ ۾ زنده رهڻ چاهي ٿو ته لبرل زرعي سڌارن جو اعلان ڪري. پوءِ ڀلي کڻي تنهنجي خلاف ڪيتري به سازش ڇو نه ٿئي، پر تون سدائين ملڪي تاريخ ۾ زنده رهندين.
ٻهراڙي جي آبادي جي صورتحال
پاڪستان جي آبادي ۾ 64 سيڪڙو ٻهراڙي سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته ملڪي معيشت ۾ 45 سيڪڙو افرادي قوت (مين پاور) زرعي شعبو مهيا ڪري ٿو. ان جي باوجود حڪمراني ڪندڙن ٻهراڙي جي آبادي کي تعليم، صحت، گئس، بجلي، انفراسٽڪچر، پيئڻ جو صاف پاڻي وغيره واريون گهربل سهولتون مهيا نه ڪري ڏنيون ويون آهن. هڪ سروي موجب ٻهراڙي جي آبادي جو 60 سيڪڙو بي زمين آهي ۽ انهيءَ آباديءَ جو وڏو حصو سخت غذائي کوٽ جو شڪار آهي. ٻهراڙي جي معاشري ۾ ملڪيت جي حوالي سان زمين جي وڏي اهميت آهي. ان جا نه رڳو معاشي اثر هوندا آهن، پر زمين جي مالڪي جا معاشي ۽ سياسي طور پڻ اهم اثر هوندا آهن.
زرعي سڌارن جي تاريخ
ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين صدر ايوب خان آڪٽوبر 1959 ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ کان پوءِ ملڪ ۾ پهريان زرعي سڌارا لاڳو ڪيا. جنهن ۾ پهريون دفعو زمين جي حد طئه ڪئي وئي. جنهن تحت نهري زمين 500 ايڪڙ ۽ باراني هڪ هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين رکندڙ زميندارن جي زمين سرڪار پاران ضبط ڪري بي زمين هارين کي ڏني وئي ۽ وڏيون زمينداريون ٽوڙيون ويون. ان جي باوجود شڪارگاهن ۽ فارمز جي نالي ۾ وڏا زميندار گهڻي زمين بچائڻ ۾ ڪامياب ويا. ان کان پوءِ ملڪي تاريخ ۾ ٻيو زرعي سڌارا ذوالفقار علي ڀٽي جي ايامڪاريءَ ۾ 1973 ۾ لاڳو ٿيو. ايوب خان جي مقابلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جا زرعي سڌارا وڌيڪ انقلابي هئا. زمين جي حد ملڪيت وڌيڪ گهٽائي 150 ايڪڙ نهري ۽ ٽي سئو ايڪڙ باراني مقرر ڪئي وئي. جاگيرداري مڪمل ختم ڪئي وئي ۽ جاگيردارن کي شڪار گاهن جي نالن ۾ حاصل زمين پڻ رد ڪري بي زمين هارين ۾ ورهائي وئي. ذوالفقار علي ڀٽي سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور زرعي سڌارن جي اعلان ۾ هارين لاءِ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هاريءَ کي بي دخل ڪرڻ کان محفوظ ڪيو ويو. وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي زرعي سڌارن ۾ پهريون دفعو ٻج ۽ ڍل ٻئي مٿان زميندار تي ۽ ٻئي خرچ ۾ هاري ۽ زميندار اڌو اڌ خرچ برداشت ڪرڻ لاڳو ڪيو، هاريءَ کان ڇيڙ ۽ بيگر وٺڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو. بينڪن کي ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي قرض ڏيڻ لاءِ پابند ڪرڻ ۽ 1977 ۾ وڌيڪ تبديلي ڪندي زمين جي حد ملڪيت هڪ سئو نهري ۽ ٻه سئو ايڪڙ باراني مقرر ڪئي وئي. انهن سڌارن ۾ هاريءَ کي اهميت ڏيندي حق شفا جي قانون تحت زميندار پاران زمين وڪرو ڪرڻ جي صورت ۾ پهريون حق هاريءَ جو مقرر ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جي زرعي سڌارن کي ضياءَ جي مارشل لا ۾ غير اسلامي سڏي ان سڌارن جي گهڻي حصي کي ناڪاره بنائي ڇڏيو. وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي زرعي سڌارن جي خلاف شاهه محمود قريشي ۽ فاروق لغاري جي صلاح ڪاريءَ جي مدد سان شرعي ڪورٽ جي ذريعي حق شفا جو قانون ۽ ٻين اهم حصن تي عمل روڪي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ ٽي دفعا ملڪ جو وزير اعظم رهندڙ نواز شريف درياءَ جي ڪچي جي زمين بي زمين هارين ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪچي جي علائقي جي هڪ ڳوٺ مان نشري تقرير جي ذريعي خطاب پڻ ڪيو. انهيءَ حوالي سان ڪچي جي زمين جو لينڊ روينيو رڪارڊ تحت سروي جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو. پر سنڌ جي ڪچي جي اٽڪل 20 لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين کي ڏيڻ کان اڳ وزير اعظم نواز شريف ٻين اهڙن مامرن ۾ الجهي پيو ۽ زمين ورهائڻ جي بدران گهر هليو ويو. ان کان پوءِ پرويز مشرف 6 نڪاتي پروگرام تحت پنهنجي ايامڪاري شروع ڪئي. مشرف ڪتو ڪڇ ۾ کڻي لبرل هئڻ وارو تاثر ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪاميابي لاءِ 6 نڪاتي پروگرام جي وڏي پيماني تي تشريح ڪئي. جنهن ۾ مزدور ۽ هارين جي مسئلي کي اهميت ڏيڻ جي ڳالهه شامل ڪئي. مشرف جي حمايتي دانشورن مشرف حڪومت جي زرعي سڌارن وارو پروگرام آڻڻ واريون تاويلون شروع ڪري ڇڏيون. پر ميان نواز شريف جي مقابلي ۾ ق ليگ پاران مشرف جي حمايت ۽ پوءِ پ پ پيٽرياٽ پاران حمايت ڪرڻ کان پوءِ مشرف پنهنجو لبرل پروگرام ختم ڪري ڇڏيو.
پ پ حڪومت جو 2008 ۾ سنڌ ۾ بي زمين هارياڻين کي زمين ڏيڻ وارو پروگرام:
محترمه بينظير ڀٽو پاڻ مرادو اختيار ڪيل پنهنجي جلاوطني ختم ڪري آڪٽوبر 2007 ۾ دبئي مان واپس وطن آئي. ان وقت سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ بانڊيڊ ليبر جو اشو چوٽ چڙهيل هو. محترمه بينظير ڀٽو ان مسئلي کي سياسي بنيادن تي حل ڪرڻ جي رٿا جوڙي. جنهن تحت سنڌ ۾ بي زمين عورت هارياڻين ۾ سرڪاري زمين ورهائڻ جو 2008 وارو اليڪشني منشور جوڙيو ۽ ان ۾ ٻهراڙي جي عورت کي معاشي، سماجي ۽ سياسي طور مضبوط ڪرڻ جي رٿا جوڙي. محترمه بينظير 27 ڊسمبر 2007 ۾ راولپنڊي ۾ جلسي کان پوءِ ٿيل قاتلانه حملي ۾ شهيد ٿي وئي. پر 2008 واري اليڪشن جي نتيجي ۾ پ پ جي ٺهندڙ نئين حڪومت سنڌ ۾ ٽن فيزز ۾ بي زمين هارياڻين ۾ زمين ورهائڻ جي رٿا جوڙي. انهيءَ رٿا تحت 2008 ۽2009 واري بجيٽ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه پهرين فيز تحت 2 لک 25 هزار ايڪڙ زمين بي زمين هارياڻين ۾ ورهائڻ واري رٿا جو اعلان ڪيو. انهيءَ رٿا تحت 160 يونين ڪائونسلز کي شامل ڪيو ويو. رٿا ۾ ايندڙ زمين هڪ لک 36 هزار 784 ايڪڙ نهري،45 هزار 358 ايڪڙ ڪچي جي زمين ۽ 30 هزار 757 ايڪڙ باراني رکي وئي. انهيءَ رٿا تحت 13 هزار 300 فيميلز ۾ زمين ڏيڻي هئي. هن منصوبي ۾ 14 هزار في ايڪڙ جي خرچ سان 58 هزار رپيا في فيمليءَ کي زمين جي پوکي، ٻج، پاڻي ۽ ٻين ضرورتن لاءِ رورل سپورٽ پروگرام جي تنظيمن جي ذريعي ڏيڻا هئا. هن پروگرام جي جانچ لاءِ سرڪاري سطح تي اين جي او ۽ ميڊيا کي شامل ڪيو ويو. پر پ پ وٽ محترمه بينظير ڀٽو جهڙي ليڊرشپ نه هئڻ ۽ ٻيو پ پ جي ٻي ليڊرشپ پاران ان منصوبي جي ڀرپور اونرشپ نه ڪري سگهڻ سبب هي منصوبو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويو. ان ڪري ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين 14 هزار بي زمين هارياڻين ۾ ورهائجڻ واري منصوبي تحت فقط ٽن سالن جي عرصي 2008 کان 2011 تائين 6 هزار هڪ سئو بي زمين عورتن ۾ 56 هزار ايڪڙ زمين ورهائجي سگهي. منصوبي جي جانچ ڪندڙن موجب 80 سيڪڙو عورتون ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهيون. باقي ٻين هنڌن تي زمين تي قبضو ڏيڻ، ستين فارم ۾ داخلا نه رکڻ، پاڻي نه ملي سگهڻ وارا مسئلا به سامهون آيا. هن پروگرام جي وڏي اهميت هيءَ هئي ته ٻهراڙيءَ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ هي منصوبو نج ٻهراڙي جي بي زمين عورتن جي لاءِ خصوصي طور رکيو ويو هو. پر هن منصوبي تحت ٽن فيزن ۾ ساڍا ٽي لک ايڪڙ زمين بي زمين هارياڻين ۾ ورهائجي هئي. پر پ پ پارٽي جي ليڊرشپ پاران انهيءَ رٿا کي اڳتي نه وڌائجڻ سبب فقط 6 هزار بي زمين عورتن کي 56 هزار ايڪڙ زمين انهيءَ منصوبي ۾ اچي سگهي. جڏهن ته پ پ جهڙي نظرياتي پارٽي پڻ محترمه بينظير ڀٽو جي جوڙيل اليڪشني منشور تي عمل نه ڪري سگهي ته عمران خان جي پي ٽي آءِ واري حڪومت مان الائي ڇو فرخ سهيل گوئيندي اميد رکي ويٺو. حالانڪه پي ٽي آءِ جي چونڊ منشور ۾ زرعي سڌارن جي ڪا ڳالهه به ڪيل ناهي. پر پي ٽي آءِ جي لبرل خارجا پاليسي واري ڳالهه جي بنياد تي فرخ سهيل گوئندي اميد رکي ويٺو آهي.