“تر جي گٿي سنڌ” ڪتاب ۾ محسن جويي نيشنلزم جي وصف ۽ اھميت واري مضمون ۾ نيشنلزم جي نھ فقط وصف ٻڌائي پر نيشنلزم جي نالي ۾ موجود غلط تصور بھ ذڪر ھيٺ آندا آھن. ھو ٻڌائي ٿو تھ ڪيئن فرد، ڪٽنب، قبيلو ۽ سماج ٺھي ٿو ۽ ان جي اوسر ڪيئن ٿي ٿئي. مثال طور سڀ کان پھرين انساني تاريخ ۾ مادراڻو سماج وجود رکندو ھو ۽ ماءُ يا عورت ئي گھر يا خاندان جي وڏي ھئي، جيڪا فيصلا ڪندي ھئي ۽ سموري گھر جو ڪاروھنوار ھلائيندي ھئي جنھن کي ڪير بھ چيلينج نھ ڪري سگھندو ھو. اھو فلسفو فيمينزم واري فلسفي ۾ بھ موجود آھي تھ سماج ۽ تھذيب جي ارتقائي تاريخ ۾ بھ ملندو آھي. پر جڏھن اھو نظام بدليو ۽ مرد ئي گھر، ڪٽنب ۽ قبيلي جو وڏو ٿيو تھ پيءُ يعني پدراڻو سماج وجود ۾ آيو ۽ مرد پنھنجي طاقت جي بنياد تي حاڪم بڻجي ويو. جڏھن پيدوار ۽ پيداوار جا ذريعا وڌيا تھ طاقت جو تصور آيو ۽ قبيلائي نظام طبقاتي نظام ٿيو ۽ جنھن پوءِ فاتح ۽ مفتوح جي تصور کي جنم ڏنو. اھو نظام اڳتي ھلي نسل پرستيءَ ۾ بھ تبديل ٿيو ۽ حاڪمن پنھنجي نسل جي بنياد تي حڪمراني ڪئي جنھن ۾ شھنشاھتن جو وجود بھ ملي ٿو. جھڙوڪ رومي شھنشاھت، آسٽريا-ھنگري جي شھنشاھت، برطانوي شھنشاھت، عرب شھنشاھت، چيني شھنشاھت، ايراني شھنشاھت وغيره رھيون آھن، جيڪي اڳتي ھلي گھڻ قومي شھنشاھتن جو تصور جڙيو.
اڳين مضمون “حقيقي نيشنلزم” ۾ فرينچ انقلاب کي بنياد بڻائي تشريح ڪئي وئي آھي. فرانس وارو انقلاب انسان ذات جي تاريخ جو وڏو ڇال ھو جنھن جا اثر سھيوڳي دنيا ۾ بھ محسوس ڪري سگھجن ٿا. فرينچ انقلاب نھ فقط فرانس جو ان وقت جو بيڪن ھائوس ھو پر سموري دنيا جو ھن وقت بھ ھڪ مثالي واقعو آھي جنھن ٻين ڪافي ملڪن، قومن ۽ ماڻھن کي حوصلو ڏنو. فرينچ انقلاب جا ٻڌايل اصول يا نعرا جھڙوڪ آزادي Liberty,، برابري Equality ۽ برادري يا ڀائپي Fraternity نھ فقط ان وقت پوري دنيا پر اڄ بھ مقبول آھن. انھي فرانسيسي انقلاب جھڙوڪ جديد نيشنلزم جو بنياد وڌو ۽ ان جا اصول اڳتي ھلي ٻين قومن، آزادين، جمھوريت ۽ ٻين سٺن حڪومتي نظامن لاءِ مشعل راهه بڻيا. اھو سلسلو اڳتي ھلي قومي رياستن Nation States جو سبب بڻيو. قومي رياستن بھ پنھنجي پر ۾ سٺا مثال قائم ڪيا پر محسن جويي اھي سوال بھ اٿاريا تھ انھن تصورن پنھنجي منزل ماڻي يا نھ؟ ڪٿي ايئن تھ نھ ٿيو تھ ڊڪٽيٽرشپ يا آپيشاھيءَ جا بنياد پيا جيڪي اڳتي ھلي اعليٰ تخم يا جينيئس جين جو سبب بڻيا؟ ان ڏس ۾ اڇي چمڙي وارن يا وائيٽ نيشنلزم جو بنياد بڻيو جيڪو نسلي يعني ريس تي بيٺل ھو. ان فڪر يا تسلسل جا ڪيترائي منفي يا مثبت پاسا بھ آھن ۽ انھن ۾ ڪيترائي مفڪر سخت موقف پسند يا نرم موقف پسند بھ ھئا. اڳتي ھلي محسن جويي “سنڌ کي ڪھڙو نيشنلزم گھرجي؟” وارو بحث بھ ڇيڙيو. ان بحث ۾ ھن ٻن مکيھ ڌارائن کي موضوع جو حصو بڻايو جنھن ۾ نسلي Ethnic ۽ ٻيو مھذب Civic نيشنلزم کي بحث ھيٺ آندو. ان بحث ۾ بينڊڪٽ اينڊرسن جي تصور “تصور ڪيل برادري” Imagined Community جي تصورن جو حوالو ڏئي ٻئي تصور سٺي نموني سمجھايا ويا آھن. بينڊڪٽ اينڊرسن جا قوميت جي باري ۾ تصور پوسٽ ماڊرن تصورن جي ريفرنس طور ڳڻيو ويندو آھي جنھن جون ڪيتريون ئي وصفون بيان ٿيل آھن. قوم ۾ ھڪ ٻولي، لباس، ثقافت، مزاج، طور طريقن، رسمن رواجن وغيره کي ڳڻيو ويندو آھي. محسن جويي نسلي ۽ مھذب نيشنلزم کي سٺي نموني سمجھايو آھي. ھن باب ۾ محسن ڪامريڊ اسٽالن جي وصف ٻڌائي ٿو جيڪو ھي آھي تھ “ھڪ قوم نسلي يا قبيلائي نھ ٿيندي آھي، پر اھا تاريخ جي مختلف مرحلن مان گذري، جڙي راس ٿيل ھڪ برادري ھوندي آھي.” ھن وڌيڪ چيو تھ “ھڪ قوم اڻ جٽادار يا اتفاقي ڍير نھ ھوندي آھي، پر اھا ماڻھن تي ٻڌل ھڪ پاڻڀري برادري ھوندي آھي.” ان حوالي سان اڳتي بھ ڪافي حوالا ڪامريڊ اسٽالن توڻي ٻين ليکڪن جا ڏنل آھن پر محسن جي چوڻ جو مطلب تھ قوم جي آزادي ۽ خودمختياري آھي جيڪي ڳالھيون قوم کي قوم بڻائين ٿيون. مھذب قوم بھ اھا ٿي سگھي ٿي جيڪا قوم پنھنجي پيرن تي بيٺي ھجي ٻين قومن يا رياستن جي آسري تي بيٺل قوم ڪڏھن بھ خودمختيار نٿي ٿي سگھي. ان جي لاءِ ضروري آھي تھ اھا قوم آزاد. خود مختيار ۽ ڌاري غلامي يا تسلط کان آزاد ھجي. انھي مضمون ۾ اڳتي ھلي محسن جويو اھو بحث کڻي ٿو اچي تھ سنڌ کي ڪھڙو نيشنلزم کپي؟ محسن جو جواب آھي تھ ٻئي نمونا سنڌ لاءِ ھن وقت موزون نھ رھندا ڇو تھ نسلي قوميت پرستي جھڙوڪ نفرت يا ڌڪار تي ٻڌل آھي جنھن جا بنياد اعليٰ تخم جي سوچ تي آھي. جڏھن مھذب قوم پرستيءَ لاءِ سنڌ کي انھي صورتحال تي آندو نھ ويو آھي ڇو تھ سنڌ وٽ ٻولي يا جاگرافي تھ آھي پر ڌاري آبادڪاريءَ جي دٻاءُ سبب سندن صحت ٺيڪ نھ آھي ڇو تھ سنڌ جا حقيقي وارث پنھنجي فڪر تحت سنڌ جي قسمت جا فيصلا نٿا ڪري سگھن ۽ ھر محاذ تي سنڌ جي اصلي فڪر کي پٺتي رکيو ويو آھي. اھو ڀلي پاڻيءَ جو مسئلو ھجي يا ڌاري آبادڪاري جو، سنڌ جي وسيلن جي مالڪيءَ جو مسئلو ھجي يا تعليم، صحت يا روزگار جي صورتحال. انھي خستھ حالت ۾ سنڌ ڪھڙي قسم جي مھذب نيشنلزم جي بنياد تي پڏائي سگھندي؟ شايد اھو ئي سبب آھي جو محسن جويي جو ڪتاب تِر جي گُٿي سنڌ جو نالو بھ آڌاريل آھي تھ سنڌ پنھنجي ڪشاده دل فيصلن جي ڪري تِر تان گٿل آھي جنھن جي سزا سنڌ ڀوڳي رھي آھي.
ڪتاب جي اڳين حصي ۾ سيڪيولرزم جي موضوع تي سٺو بحث ٿيل آھي جنھن ۾ تمام گھڻا مثال ڏنل ۽ تاريخي حوالن طور ڄاڻايو ويو آھي تھ سيڪيولرزم ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ٿي. جيستائين يورپ ۾ پاپائيت يا چرچ جو عمل دخل ھو ايستائين سماج شھنشاھت يا بادشاھت يا مونارڪي ۽ آپيشاھيءَ جي ور چڙھيل ھو جڏھن چرچ کي رياست ۽ رياستي معاملن کان الڳ ڪيو ويو، تڏھن سيڪيولر سماج وجود ۾ آيو ۽ قومن ترقي ڪرڻ شروع ڪئي.
ھن ڪتاب ۾ اھڙا ڪيترائي مضمون ۽ لکڻيون آھن جيڪي بنيادي سوالن ڏانھن اشارو ڪن ٿا. جنھن ۾ ٻوليءَ کان ويندي، ڌرتي ۽ جاگرافي، ثقافت کان ويندي معيشت تائين ڳالھيون بحث ھيٺ آنديون ويون آھن. محمد ابراھيم جويو جي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيل خدمتن عيوض ڪيل بحث ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ جويو صاحب بنيادي طرح انھي ڳالهھ تي زور ڏيندو ھو تھ جيڪڏھن ڌرتي، ماڻھو ۽ ٻولي زنده آھن تھ باقي سوال اڳتي ھلي حل ٿي سگھن ٿا. ان ڪري ھن ٻولي، ماڻھن جي فڪر ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ پنھنجي زندگي ۽ فڪر لڳائي ڇڏيا. ٻولي واري حصي ۾ ٻوليءَ جي اھميت تي سٺو بحث ٿيل آھي تھ ٻوليءَ جو سياسي ڪردار ڪھڙو آھي ۽ ٻولي جو سياسي سوال ڪيڏو اھم آھي. ان حوالي سان ڪھڙيون ڳالھيون ٻوليءَ کي بچائي سگھن ٿيون ۽ ڪھڙيون ڳالھيون اھم آھن، اھي سڀ ھن ڪتاب ۾ بيان ٿيل آھن. جھڙوڪ اسان جي ڪجهھ ماڻھن جو خيال آھي تھ ٻولي ٽيڪنالاجي ذريعي بچي سگھي ٿي نھ تھ ختم ٿي ويندي. جڏھن تھ ٻوليءَ جو بنيادي سوال ھڪ نسل کان ٻي نسل تائين متنقلي جو آھي جيڪو پرائمري تعليم يا ننڍڙن ٻارن جي ڳالھائڻ سان آھي، اھڙي ٻولي ڳالھائڻ لاءِ ضروري آھي تھ ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ خوشحال، آزاد ۽ خودمختيار ھجن نھ تھ غلام يا تسلط جي چڪيءَ ۾ پيڙجندڙ قوم جي ٻولي ڪير بھ ڳالھائڻ يا اپنائڻ پسند نھ ڪندو. محسن جويي جو ھي ڪتاب سنڌ جي بقا ۽ فڪري ترقي لاءِ ھڪ اھم بحث آھي جنھن ۾ سنڌ جي سمورن مسئلن کي تفصيل ۽ بنيادي ڄاڻ سمايل آھي. ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ احساس ٿئي ٿو تھ اسان واريءَ جي ذرڙن جيان سنڌ جي فڪر کي آھستي آھستي وڃائي رھيا آھيون، جنھن کي تيزيءَ سان ريڪور ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھي ڪتاب سڀني سنڌ دوست ڌرين کي پڙھڻ گھرجي ۽ دوستن يا نئين نسل کي اتساھڻ گھرجي تھ اھي ھن ڪتاب کي پڙھي مختلف مسئلن تي غور فڪر ڪن.
(پورو ٿيو(