
ڪٿان به ڪا اميد نظر نه پئي اچي ته عوام لا ڪو ڀلو ٿيڻ وارو آهي، هر ايندڙ ڏينهن عوام لا نيون مصيبتون کڻي اچي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ عوام لا ٻين سڀني مصيبتن کان وڌيڪ وڏي مصيبت مهانگائي آهي جنهن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ مهانگائي جو جن ڪنٽرول نه پيو ٿئي. هلندڙ هفتي رمضان ۽ سياسي صورتحال سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي ڳڻپ واري اداري هفتيوار مهانگائي بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن مطابق هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 1 ڏهائي 53 سيڪڙو واڌ ٿي. ملڪ ۾ مهانگائي جي ڪل هفتيوار شرح 17 ڏهائي 87 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. هن هفتي 22 شيون مهانگيون ٿيون، ٽماٽر جي في ڪلو قيمت ۾ 53 رپيا 20 پئسا جي واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ ٽماٽر جي سراسري قيمت 153 رپيا ٿي وئي. بصر 13 رپيا 37 پئسا في ڪلو، ٿوم 8 رپيا 86 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. هن هفتي گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 6 رپيا 31 پئسا واڌ کان پوءِ 474 رپيا 23 پئسا ٿي وئي. هن هفتي مٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 33 رپيا 48 پئسا، بيف جي في ڪلو قيمت ۾ 16 رپيا 49 پئسا اضافو ٿيو. جڏهن ته ڪيلا 14 رپيا 62 پئسا في ڊزن مهانگا ٿيا. ان کان سواءِ چانهه جي پتي، دال چڻا، دال مسور، تازو کير، ۽ پائوڊر کير جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو. ٻئي طرف پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون 35 روپيا في لٽر تائين وڌائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم ڊويزن پيٽروليم شين جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي هنگامي بنيادن تي سمري ڪابينا کي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پيٽرول فوري طور تي 27 روپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 35 روپيا في لٽر تائين مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سمري ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته قيمتون برقرار رکڻ سان 30 جون تائين تقريبن 200 ارب روپين کان وڌيڪ جو بار حڪومت کي برداشت ڪرڻو پوندو.
هڪ 4 سئو رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ان لا پريشان آهي ته هو ايڏي مهانگائي ۾ پيٽ، پالي، دوائون وٺي يا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪري. جيئن تيئن ڪري غريب ماڻهو اڃا هڪڙو هفتو گذاري ئي مس ٿو ته مٿان مهانگائي جي شڪل ۾ ٻيو عذاب نازل ٿي ٿو وڃيس. ان باوجود حڪمران معاشي بهتري جون دعوائون ڪندي نه پيا ٿڪجن. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ حڪمرانن جي معاشي قدمن خلاف دانهون ٿين پيون پر حڪمران پنهنجين عوام دشمن معاشي پاليسين جو دفاع ڪندي نظر اچن ٿا، اها صورتحال اڃا به ڳڻتي جوڳي آهي، جو حڪمرانن کي اهو احساس ئي ڪونهي ته عام ماڻهو جي زندگي هنن ڪيئن جهنم بڻائي ڇڏي آهي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته عوام جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ بدران جيڪا به مهانگائي ڪئي وئي آهي، اها واپس ڪئي وڃي. ساڍا ٽي سال اڳ شين جا جيڪي اگهه هئا انهن کي اتي آڻي عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي.
لڳ ڀڳ چئن سالن کان مهانگائي ۾ مسلسل واڌ ٿيندي رهي پر حڪمران اهڙو لب و لهجو اختيار ڪري ويٺا ڄڻ هو حڪومت ۾ نه پر مخالف ڌر ۾ هجن. حڪومت هنن وٽ، معاشي پاليسيون هنن وٽ، عوام کي رليف ڏيڻ جا سمورا موقعا هنن وٽ، پوءِ به چئن سالن کان اهي دانهون ڪندا رهيا ته سط ڪجهه اڳوڻين حڪومتن جي ڪري ٿيرهيو آهي. سندن سڄي حڪومتي دور ۾ عوام جا اهنج گهٽجڻ بدران انهن ۾ بدترين واڌ ايندي رهي آهي عوام اڄ به سستي اٽي لپ لاءِ پريشان آهي؟ 15 هزار ڪمائيندڙ هڪ ماڻهو ان لاءِ پريشان ڇو آهي ته هو انهن ڏوڪڙن مان گذرسفر ڪيئن ڪري؟ جڏهن سڀ ڪجهه هٿن ۾ هوندي به هنن عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، نه رڳو ڪجهه نه ڪيو، پر ان جي عذابن ۾ ڏهوڻي واڌ ڪئي. پي ٽي آ حڪومت جو سڄو دور عوام دشمن قدمن تي ئي مشتمل آهي.