
پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي ۽ زراعت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ھڏي واري حيثيت رکي ٿي. پاڪستان ۾ جي ڊي پي جو 25 سيڪڙو زرعي پيداور مان ملي ٿو ۽ 44 سيڪڙو مزدورن جي کپت پڻ ھن شعبي سان وابستا آھي. سنڌ ۾ زراعت جو شعبو پاڻي جي کوٽ ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي عدم توجھه جي ڪري بري طرح متاثر ٿيو آھي. زرعي صورتحال کي سمجهڻ جي لا ٽن مختلف سطحن تي زرعي سڌارن ۽ کنيل يا رٿيل قدمن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
- عالمگيريت عالمي مارڪيٽ تي تمام گهڻا منفي اثر ڇڏيا آھن. عالمي سطح جا اثر زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ ھڻن ٿا مختلف ملڪن پنھجي زراعت کي ھٿي وٺرائڻ جي لا ھارين ۽ زميندارن کي سرڪاري مراعتون ڏنيون آھن. انھن مراعتن ۽ زرعي سڌارن جي ڪري زرعي پيداوار تي خرچ پاڪستان جي نسبت ۾ گهٽ ٿئي ٿو. مثال طور تي بصر، ٽماٽو، پٽاٽو توڙي ٻيون روزمرہ جي استعمال جون شيون عالمي منڊي ۾ پاڪستان کان ڪافي حد تائين سستيون ملن ٿيون، پاڪستان جا واپاري ڀر پاسي وارن ملڪن مان جڏھن بصر ۽ ٽماٽو ھتي پاڪستان ۾ وڪرو ڪن ٿا ته اسان جي ملڪ جي ھاري کي پنھجي فصل تي ڪيل خرچ پڻ واپس نٿو ٿئي ۽ نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
- وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جون آبادگار دوست پاليسيز ناھن، آئي ايم ايف يا ورلڊ بئنڪ جي حڪم تحت آبادگارن کي ڏنل سموريون مراعتون واپس وٺي ٿا ڇڏين. پاڻي لا ٽوب ويل ھلائجي ته بجلي جو ڳرو خرچ، ٻج، زرعي دوائون ۽ ڀاڻ مھانگو، سرڪاري اگھه به سياست جي ور چڙھيل، نتيجي ۾ آبادگار جو ٻئي دفعي فصل پوکڻ تي دل ئي نٿي چوي ۽ زمين مان جيڪا اپت وٺي سگهجي اھا نٿي ملي. وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري وفاق پاران زرعي پيداوار جي اگهن توڙي مارڪيٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪري آبادگار کي نقصان برداشت ڪرڻو ٿو پوي.
- آبادگارن کي جديد زراعت خاص طور تي زرعي ٽيڪنالاجي بابت گهٽ ڄاڻ ھجڻ جي ڪري ھو گھربل پيداوار حاصل نٿو ڪري سگهي. ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال ضرورت کان وڌيڪ ڪري ٿو، ڪيڙا مار دوائن جو اسپري به وقت سر يا مقدار مطابق نٿو ڪري نتيجي ۾ پيداوار کي عالمي اصولن ۽ ضابطن مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو نٿو ڪري سگهي.
ھن وقت آبادگار کي مختلف جنسن جي قدر ۾ اضافو ڪرڻ جي لا مختلف شيون ٺاھي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي ضرورت آھي جيئن ھو مارڪيٽ جي استحصال کان پنھجي پيداواري شين کي بچائي سگهي. مثال طور ٽماٽو، پٽاٽو، بصر، کجور، انب، مرچ وغيرہ سنڌ ۾ پوکيا وڃن ٿا پر افسوس انھي ڳالھه جو آھي ته انھي پيداوار کي ٻني کان سڌو منڊي تائين آندو وڃي ٿو جتي اوڻو پوڻو وڪرو ڪري، پيداوار کي ٻڌي اگھه ۾ ڏئي، آھتين ۽ ٻين قرض ڏيندڙ ڌرين کي پئسا ڏيڻ کان پو خالي ٽوال ڪلھي تي رکي ھاري گهر پھچندو آھي. اسان جي سنڌ جي ھاري انھي پيداوار مان ٻيون شيون ٺاھڻ جو ڪڏھن سوچيو به ناھي. ھتي اسان ڪجھه پيداواري شين تي تفيصلي معلومات ڏينداسين.
ٽماٽي جي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 182 ٽن پيداوار سالياڻي ٿئي ٿي. چائنا ۽ انڊيا ٽماٽو پيدا ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳتي آھن. پاڪستان دنيا ۾ ٽماٽو جي پيداوار حاصل ڪرڻ وارن ملڪن ۾ 33 نمبر تي آھي. پاڪستان ۾ ٽماٽي جي 61 ھزار ھيڪٽرس تي پوک ٿئي ٿي ۽ سراسري طور تي 9.5 ٽن في ھيڪٽر تي پيداوار ملي ٿي. 2000 واري ڏھاڪي کان پو پاڪستان جي ٽماٽي جي پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آھي. پاڪستان ٽماٽي جي پيداوار کي ھٿي وٺرائي ته ٽماٽي مان جهجهو ناڻو ڪمائي سگهي ٿو.
پاڪستان جي پلاننگ ۽ ڊيلوپمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران ڪيل اسٽڊي مطابق ٽماٽي جي پوک ملڪ جي چئني صوبن ۾ ٿئي ٿي پر سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواہ ۾ وڌيڪ پوک ڪئي وڃي ٿي. سنڌ ۾ ٺٽو، بدين، ٽنڊومحمد خان، ٽنڊو الھيار ۽ ميرپورخاص ۾ ٽماٽي جي پوک وڌيڪ ٿئي ٿي. ٽماٽي جي گهٽ پيداوار ڪرڻ جي سببن ۾ ويليو چين کي بھتر ڪرڻ جي ڄاڻ نه ھجڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ ملڪ جي اندر توڙي ٻاھر مارڪيٽ تائين رسائي نه ھجڻ آھي. موسمي تبديلي به ھن پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي. ھن پيداوار کي وڌائڻ جي لا جديد ٽيڪنالاجي بابت ڄاڻ ۽ استعمال به انتھائي ضروري آھي. ٽماٽي جي عمر تمام گهٽ ھوندي آھي انھي ڪري ڳوٺ سطح تي ٽماٽي مان ٺھندڙ مختلف شيون جھڙوڪ ڪيچ اپ، پيست، ساس، پائوڊر وغيرہ ٺاھڻ بابت ڄاڻ، سکيا ۽ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آھي.
بصر جي پيداوار
پاڪستان ۾ بصر پيداوار جي حيثيت سان 9 نمبر وڏي اپت وارو فصل آھي، تقريبن 1.8 ملين ٽن بصر جي پيداوار ٿئي ٿي. بصر انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ تيزي سان وڌندڙ واپار آھي پر پاڪستان انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ھن پيداوار جي حوالي سان پنھنجي جڳھه ٺاھي نه سگهيو آھي. پاڪستان کي جيڪڏهن بصر جي پيداوار ۾ اڳڀرو ٿيڻو آھي ته بصر جي پوکي ۾ سڌارا آڻڻا پوندا ۽ انٽرنيشل اسٽينڊرڊ تي عمل ڪرائڻو پوندو. ھن پيداوار جي قدر کي وڌائڻ جي لا بصر کي سڪائڻ، محفوظ ڪرڻ، بصر جو پيسٽ، پائوڊر، تيل، ساس، ونيگر، آچار ۽ شربت وغيرہ ٺاھي سگهجي ٿو.
پٽاٽو (ٻٽالو)
ٻٽالو کي ڀاڄين جو بادشاہه سڏيو ويندو آھي، پاڪستان ۾ چانور ۽ ڪڻڪ کان پو چوٿين نمبر تي اھم کاڌ خوراڪ جو توانائي بخش فصل آھي ۽ گهڻو ڪري ھر طبقي جي ماڻھو جي کاڌ خوراڪ جو حصو ھوندو آھي. دنيا ۾ 50 في صد ٻٽالو جي پيداوار کي سڌو سنئون تازي حالت ۾ کاڌ خوراڪ جو حصو ڪري استعمال ڪيو ويندو آھي جڏھن ته باقي 50 في صد پيداوار کي سڪائي يا پروسيس ڪري مختلف کاڌي جي شين ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي. اسان وٽ آبادگار ٻني کان منڊي تائين آڻي ٿو ۽ انھي کان پو مقامي سطح تي جڏھن وڪرو ٿئي ٿو ته گهرن ۾ ڀاڄي طور استعمال ٿئي ٿو يا ھوٽلن ۽ گهٽين ۾ موجود گاڏن تي چپس تيار ٿيندي نظر اچي ٿا.
کجور
پاڪستان جي چئن ئي صوبن ۾ کجور 75000 ھيڪٽرس تي مشتمل ايراضي تي فصل ٿئي ٿو، خاص طور تي خيرپور ميرس، تربت، پنجگور، ديرا اسماعيل خان، مظفر ڳڙهه ۽ جهنگ ۾ کجور جي پيداوار ٿئي ٿي. سنڌ ۾ 85 في صد کجور جي پيداوار خيرپورميرس ۾ ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ 250 کان وڌيڪ کجور جا قسم آھن، انھن ۾ سڀني کان وڌيڪ مشھور قسم اصيل، ذاھدي، فاصلي، ماضوتي، ڍاڪي، بيگم، جنگي، داغ، ٽوٽا، ھلاوي، ڪدراوي، موضاوتي، گلستان، لنگو، سبزو وغيرہ آھن.
خيرپور ۾ کجور جي لاباري جي لا ڏکڻ پنجاب مان مزدور ايندا آھن ۽ اھي کجور کي لاھڻ، سڪائڻ ۽ منڊي تائين موڪلڻ جي قابل بنائڻ جي پوري عمل ۾ ھتان جي آبادگارن جي مدد ڪندا آھن. ڪکن جا کارا به اھي مزدور تيار ڪندا آھن جنھن ۾ کجور کي رکيو ويندو آھي. سنڌ ۾ ھيستائين کجور مان مائو، مٺائي، آچار ۽ کجور بادام ٽافي ٺاھي سگهيا آھيون.
کجور کاڌ خوراڪ جي مختلف شين ۾ ذائقي ۽ توانائي جي لا ھڪ جز جي صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي جنھن سان شربت، ڪيڪ، ٽافيون، مٺايون، ٻارن جي کائڻ جو مختلف شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون.
انب
پاڪستان دنيا جو ڇھون نمبر وڏو انب جي پيداوار وارو ملڪ آھي، سالياڻي 1.7 ملين ٽن پيداوار آھي. انب جي گهڻي ۾ گهڻي پيداوار پنجاب ۾ ٿئي ٿي ۽ ٻئي نمبر تي سنڌ صوبي ۾ انب جي پيداوار ٿئي ٿي. سنڌ جي سنڌڙي جنس ۾ مٺاس، رنگ ۽ شڪل ۾ خوبصورت ۽ مشھور آھي. بد قسمتي سان سنڌ ۾ انب جي پيداوار ۾ ھر سال گهٽتائي آئي آھي جنھن جو خاص سبب آبادڪاري جو پراڻو مدي خارج طريقو، مارڪيٽ جا لاڙھا چاڙھا، حڪومتي ناقص پاليسيز، انب جي باغ جي ڪٽائي ۽ پوکي ۾ تبديلي آھي.
انب جي پيداواري اپت کي انب جي ويليو چين کي بھتر ڪري وڌائي سگهجي ٿو. انب مان جوس ٺاھڻ جون مقامي سطح تي فيڪٽريز لڳائي سگهجن ٿيون.
مرچ
پاڪستان ۾ مرچن خاص طور تي ڳاڙھن مرچن جي پيداوار جو 85 في صد حصو سنڌ مان ملي ٿو. ڪنري عمرڪوٽ ضلعي ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مرچن جي منڊي آھي جيڪا 80 في صد ملڪي پيداوار ۾ پنھنجو حصو شامل ڪري ٿي.
گذريل سال جي ھڪ رپورٽ مطابق مرچن کي عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان مان ايڪسپورٽ ٿيندڙ ڳاڙھن مرچن کي وڪري کان روڪيو ويو انھي جو سبب مرچن کي لڳندڙ ڪو وائرس ھو جنھن کي ختم ڪرڻ جو ٻن سالن تائين ڪو جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو. ڪنري شھر جي آس پاس مرچن جو فصل گهڻو پوکيو ٿو وڃي، فصل کي سڪائڻ جي لا آبادگارن کي تربيت ناھي، عام طور تي زمين تي پکيڙي سڪائين ٿا. مرچن جي معيار کي بھتر ڪرڻ جي لا تربيت جي ضرورت آھي.
مرچن جا مقامي سطح تي گهرن ۾ مصالا ٺاھڻ جون ننڍيون فيڪٽريز لڳائي سگهجن ٿيون جتي مرچن کي صاف سٿري طريقي سان سڪائي، پيسائي ڪري پائوڊر ٺاھي سٺي پيڪنگ سان مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري سگهجي ٿو ۽ مرچن جو پيسٽ، ساس ۽ ٿوم توڙي ادرڪ ملائي مختلف قسمن جا ساس يا پيسٽ ٺاھي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري سگھجن ٿا.
مٿين فصلن جي پيداوار کي ھٿي وٺرائڻ جي لا تجويزون عرض رکجن ٿيون. - حڪومت آبادگارن خاص طور تي ننڍن آبادگارن کي زرعي ڪاروبار جي تصور کان واقف ڪري ۽ ھر فصل جي ويليو چين جي باري ۾ ڄاڻ ۽ گھربل ھنر مھيا ڪري.
- زرعي ڪاروبار جي لا جديد مشينون بنا وياج جي ماڻھن کي فراھم ڪيون وڃن جيئن گهريلو صنعت کي ھٿي ملي سگهي ۽ ڳوٺ سطح تي ننڍيون ننڍيون فيڪٽريز لڳي سگهن.
- حڪومتي سطح تي آبادگار دوست پاليسيز ٺاھي، زرعي سڌارا آندا وڃن جيئن ھتان جو آبادگار عالمي مارڪيٽ ۾ پنھنجن شين کي آساني سان وڪرو ڪري سگهي.
- عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ شين جي لا طئي ٿيل انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جي باري ۾ آبادگارن کي ڄاڻ ڏني وڃي جيئن اھي پنھنجي پوکي جي مرحلي ۾ فصلن جي پيداوار کي گھربل معيار تي پورو لھڻ جي لا جوڳا قدم کڻي سگهن.
- آبادگارن کي معيار ٻجن جي فراھمي کي يقيني بنايو وڃي جيئن فصل جي پيداوار به معياري ٿي سگھي.