
قومي اسيمبلي سڄي پاڪستان جي 22 ڪروڙن کان وڌيڪ پورهيتن، هارين نارين ۽ ويهه سيڪڙو پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن جي ووٽن تي چونڊيل هڪ مقدس پارليامينٽ آهي جنهن کي قانون ساز ايوان جو رتبو مليل آهي. جيئن ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي رياست آهي ۽ انهن سڀني قومن جا پنهنجا پنهنجا صديون پراڻا تاريخي حق ۽ واسطا آهن جن جي حفاظت ڪرڻ، ملڪ کي ترقي وٺرائڻ لا برابري جي بنياد تي قانون ٺاهي انهن تي عمل ڪرائڻ به قومي اسيمبلي جو ذمو آهي. پاڪستان جي انهي مقدس جمهورري اداري جي گورنر جنرل غلام محمد، جنرل اسڪندر مرزا ۽ جنرل ايوب خان کان وٺي جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف تائين جيڪا مٽي پليد ٿيندي رهي آهي، ان ۾ ته طاقت جو ڪمال هو. پر اڄ هڪ سويلين حڪمران هن مقدس اداري کي بندوق بنا فقط پنهنجي ذاتي انا، ضد، هٺ ۽ هوڙهيائي جو نشانو بڻائي گذريل هڪ هفتي کان يرغمال ڪري ويٺو آهي، ان جهڙو گدلو ۽ بدبودار سلوڪ قومي اسيمبلي ۽ ان جي چونڊيل ميمبرن سان ڪنهن به جمهوري دور ۾ نه ڏٺوسين.
قومي اسيمبلي جا ميمبر ڏاڍو سوچي سمجهي پنجن سالن واسطي ملڪ جو وزير اعظم چونڊيندا آهن جنهن کي ليڊر آف دي هائوس به چئبو آهي. وزير اعظم فقط اهڙو اميدوار ئي چونڊبو آهي جنهن وٽ اسيمبلي جي ڪل 342 ميمبرن منجهان اڌ کان مٿي ميمبر هجن جن جو انگ 172 هوندو آهي. عمران خان جي ملڪي ۽ عالمي سطح تي مشهوري ته ماضي ۾ ڪرڪيٽ راند ۾ سندس ڪاميابي جي ڪري هئي پر سياست اندر هو آگسٽ 2014 واري اسلام آباد ۾ لڳايل ڌرڻي کانپو پنهنجي سڃاڻپ ھيئن ڪرائڻ لڳو ته ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي چڱن مڙسن کيس ميان نواز شريف جي حڪومت ڊاهڻ جي مقصد سان ميدان ۾ لاٿو. سندس تقريرن ۽ عام ڳالهھ ٻولهه ۾ خدا جي خلق سدائين “امپائر جي آڱر ۽ آخري بال تائين لڙندس” جهڙن ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل مثالن کي ٻڌي ٻڌي ڪڪ ٿي پيئي. هي شخص عوام سان جيڪي به واعدا ڪندو هو، سندس ڪم ان جي ابتڙ ئي ٿيندو رهيو. 14 آگسٽ 2014 تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ مهل عمران خان اها هام هڻندو هو ته وزير اعظم نواز شريف جو تختو اونڌو ڪرڻ تائين ڊي چوڪ تان ڌرڻو ختم نه ڪندو پر ذري گهٽ چار مهينا ڪنٽينر تي بيهي جيڪا لٻاڙ هڻندو رهيو، نتيجو ان جي ابتڙ نڪتو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ان زماني ۾ ملڪ جا ماڻهو پراڻن سياستدانن مان بيزار ٿي چڪا هئا ۽ خاص ڪري نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون منجهانئس تبديلي جي اميد يقين جي حد تائين رکيو ويٺا هئا پر ڌرڻي جي ناڪامي بعد انهن ۾ به مايوسي پکڙجي ويئي. مون کي ياد آهي ته 16 آگسٽ تي جڏهن اڃا عمران خان جي ڌرڻي جا ٻه ڏينهن پورا ٿيا ته مون ڊي چوڪ ويجهو سنڌ هائوس جي ئي هڪ ڪمري مان سنڌ ايڪسپريس واسطي جيڪو ڪالم لکي موڪليو ان ۾ پيش گوئي ڪري ڇڏيم ته سڀاڻي هن ڌرڻي جو ٽيجهو ٿيندو.
پنهنجي انهي دعويٰ جي حق ۾ مون اهو دليل ڏنو هو ته 2013 ۾ پنجن سالن واسطي چونڊيل وزير اعظم ميان نواز شريف جي حڪومت کي اڃا سال مس ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف پارٽي جو اڳواڻ عمران خان غيبي قوتن جي مدد سان ماڻهن جي لشڪر سميت اسلام آباد تي چڙهائي ڪري جنهن غير جمهوري طريقي سان چونڊيل مسلم ليگ سرڪار کي ڊاهڻ گهري ٿو ان تي عمل ٿيڻ ناممڪن آهي. جيڪڏهن ووٽ ذريعي چونڊيل وزير اعظم کي گوڙ گهمسان ۽ انتشار پيدا ڪري هڪ سال بعد ئي زوري اقتدار تان هٽائڻ جي رسم ۽ روايت پئجي ويئي ته پو آئيندي ڪابه چونڊيل حڪومت عوام کان مليل مينڊيٽ مطابق پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي. ڇا اهڙي جمهوريت دشمن سوچ جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر انارڪي نه ڦهلبي؟ ڇا هر ان حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ ان ڪري وقت کان اڳي گهر ڀيڙو ڪندي رهندي جيڪا سندن تابعداري نه ڪري؟
سڄي دنيا ڏٺو ته امپائر جي آڱر کڄيل هئڻ باوجود عمران خان جو جمهوريت دشمن ڌرڻو ڏاڍي بڇڙي نموني ناڪام ٿي ويو.
مطلب ته جنهن شخص جي رڳ رڳ ۾ جمهوريت دشمني سمويل هجي، ان مان اها اميد رکڻ ته هو آئيني طريقي موجب پيش ڪيل بي اعتمادي جي رٿ تي جمهوري طرح عمل ڪندو، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. سپريم ڪورٽ جي متفقه فيصلي پٽاندر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تمام جهجها ميمبر ايوان اندر 8 ڪلاڪن کان انتظار پيا ڪن ته اسپيڪر اسد قيصر عدالت جي حڪم تي عمل ڪري بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ڪرائي، پر اسپيڪر بي ريا بڻجي پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري نڀائڻ بدران عمران خان جي ذاتي نوڪر جيان مقدس ايوان جو مذاق اڏائي رهيو آهي. هو پنهنجي مالڪ جي حڪم جو غلام آهي تنهن ڪري اها به پرواهه ڪونهيس ته سڀاڻي ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت ۾ کانئس پڇاڻو ٿيندو جنهن جي ڪري کيس عدالت جي بي حرمتي ڪرڻ عيوض سزا به ملي سگهي ٿي.
عمران خان اڄ پنهنجن بابر اعواڻ ۽ شيخ رشيد جهڙن صلاحڪارن جي صلاح تي سپريم ڪورٽ آڏو نظرثاني جي درخواست به ڏيئي ڇڏي آهي ته جيئن مٿي تي چڙهي آيل ووٽنگ جي بلا کي ڪجهه ڏينهن لا ٽاري بي اعتمادي کان بچڻ جو گس ڪڍجي. مت جي موڙهن کي اها به پروڙ ناهي ته جمعي تي ڪيل اعليٰ عدالت جي فيصلي تي فل بينچ جي پنجن ئي ججن متفق ٿي صحيح ڪئي آهي. قانون مطابق نظرثاني جي درخواست تي اهي ئي ساڳيا جج صاحب شنوائي ڪندا. ڇا هنن مان هڪڙو به معتبر جسٽس پنهنجي فيصلي کي رد ڪندو؟ هرگز نه! ته پو آخر ڪيستائين عمران خان اقتدار جي ڪرسي کي چنبڙيل رهندو؟ اهڙو بي ديد ۽ ڪرسي جو انڌو عاشق ورلي ڪو ٻيو هوندو.
اجها هينئر هڪڙي باخبر سينئر صحافي پنهنجي وي لاگ تان خبر ڏني آهي ته پنڊي وارن سان ويجهڙائي رکندڙ پنهنجن وزيرن کي عمران خان واڳ ڌڻين ڏانهن معافي نامو لکي اماڻيو آهي ته اپوزيشن وارن کي سمجهائين ته “مون کي هڪ مهيني جي مهلت ڏين، بي اعتمادي جي رٿ واپس وٺن، مان سندن سمورا شرط مهيني بعد مڃي ڇڏيندس”
معافي نامو آهي يا مسخري؟ هي شخص ته سڄي جڳ جهان آڏو کلڻ هاب ٿي ويو آهي. واڳ ڌڻي جيڪڏهن عمران خان جي واهر ڪرڻ به چاهين ته نٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي هن ملڪ جي اصل غيبي طاقت کي جڏو ڪري ڇڏيو آهي.