
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي واري رٿ ذريعي عهدي تان هٽائڻ بعد سندس دوست رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ سميت بورڊ ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو امڪان آهي. ميڊيا مطابق ذريعن جي دعوا آهي تھ عمران خان جي اعتماد واري ساٿي رميز راجا جو موجودا ملڪي حالتن ۾ پي سي بي ۾ ڪم جاري رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، تنهنڪري بورڊ ۾ وڏي سطح تي تبديلين جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ رميز راجا موجودا حالتن ۾ پاڻمرادو ئي استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن بابت دوستن سان مشورا ڪري پيو، پر هن پاڻ ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. ذريعن اهو پڻ ٻڌايو تھ نجم سيٺي جي پي سي بي ۾ چيئرمين طور واپسي جا امڪان چٽا آهن، جنهن حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ معاملا طئي ٿيا هئا. جڏهن تھ نجم سيٺي پراڻي ڊوميسٽڪ نظام جي واپسي، پي ايس ايل کي وڏو برانڊ بڻائڻ کي پنهنجي ايجنڊا بڻائي ورتو آهي.