رانديون

ٽيم چونڊڻ سليڪٽرز، ڪوچ ۽ ڪپتان جو ڪم آهي: عمر اڪمل

پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو آهي تھ ٽيم چونڊڻ سليڪٽرز، ڪوچ ۽ ڪپتان جو ڪم آهي، منهنجو ڪم انهن جي معيار تي پورو لهڻ خاطر ڪم ڪرڻ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ منهنجو سڄو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي، تنهنڪري محنت ۽ پنهنجي فٽنيس تي ڪم ڪيان پيو. هن جو چوڻ هو تھ خراب وقت ۾ گهرڀاتين ساٿ ڏنو، پر جڏهن ڪوئٽا گلينڊيئٽرز اعتماد ڪيو تھ پي ايس ايل 7 ۾ مون پرفارمنس ڏني. عمر اڪمل جو چوڻ هو تھ جنهن وقت مان گذريو آهيان، دعا آهي تھ ڪو ٻيو انهن حالتن مان نھ گذري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button