ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تبديلي واري ڊرامي جي پڄاڻي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

9 ۽ 10 اپريل واري رات ملڪ ۾ هڪ هل هنگامي واري رات هئي. ان وقت هڪ اهڙو ماحول تيار ٿي چڪو هو، جو هر ماڻهوءَ جو ساهه مٺ ۾ هو. هڪ غير يقيني واري صورتحال هئي ۽ هر لمحي ڪجهه نه ڪجهه نئون ٿي رهيو هو. خبر نه نٿي پئي ته ايندڙ ڪجهه گهڙين ۾ ڇا ٿيندو. وزير اعظم عمران خان نيازي خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ جڏهن اسيمبليءَ ۾ پيش ٿي ته اسپيڪر ان تي ووٽنگ ڪرائڻ بدران بهاني بازي ڪندو رهيو. هو اجلاس جي ڪارروائي دوران رڳو وقفو ڪندو رهيو. عدم اعتماد تي ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم سپريم ڪورٽ جو ڏنل هو ته پر پي ٽي آءِ اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته ان تي ووٽنگ ڪرڻ ناهي ڏيڻي ۽ نه ئي ان عمل کي صاف شفاف نموني جاري رکڻو آهي. نيٺ اسپيڪر اسد قيصر پنهنجي باس سان وفاداري نڀائيندي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پر هن عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ ووٽنگ نه ڪرائي ڇاڪاڻ ته کيس هڪ جمهوري عمل بدران پنهنجي باس سان وفاداري ڪرڻ وڌيڪ بهتر لڳو. جنهن کان پوءِ اياز صادق ايوان جي ڪارروائي هلائي ۽ ووٽنگ جو عمل شروع ٿي ويو، جنهن ۾ وزير اعظم عمران خان نيازيءَ کي شڪست اچي وئي. هي هڪ جمهوري عمل هوندو آهي، جنهن خلاف ان قسم جون رنڊڪون وجهڻ يا ان کي ڪنهن عالمي سازش سان ڳنڍڻ جو پهريون واقعو ٿيو آهي. پر هن وقت تائين ملڪي سطح تي ڪي به اهڙا ثبوت ڪونه ملي سگهيا آهن، جنهن مان اها ثابتي ملي ته واقعي به عدم اعتماد ڪا ملڪ خلاف وڏي سازش آهي ۽ ان سان ملڪ آمريڪي غلاميءَ ۾ هليو ويندو.
هن عمل کان پوءِ جڏهن اڄ ايوان نئين وزير اعظم کي چونڊيندو ته حڪومت جا چهرا تبديل ٿي ويندا. انهن مان گهڻي ڀاڱي اهي چهرا هوندا، جيڪي اڳ ۾ اسين اقتدار جي ڪرسين تي ڏسندا رهيا آهيون. پر گذريل ڪجهه مهينن کان جيڪي معاملا هلندا رهيا آهن، انهن سمورن معاملن کي جاچڻ جي ضرورت آهي. تبديليءَ جو تجربو ڪيئن رهيو؟ عمران خان نيازي عوام کي ڇا ڏنو؟ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ڪهڙو رهيو؟ ملڪي معيشت ڪيئن تباهه ٿي؟ سياسي اڪيلائيءَ کي ڪيئن منهن ڏنو ويو.
تبديليءَ جو تجربو:
ملڪ ۾ تبديليءَ لاءِ ماندا ماڻهو عمران خان کي وزير اعظم ڏسڻ چاهي رهيا هئا، جنهن لاءِ ملڪ ۾ هڪ نيريٽو جوڙيو ويو ته هو هڪ ايماندار ۽ شڪل شبيهه جو سهڻو ماڻهو آهي، هن پاڪستان کي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ به کٽرايو آهي، تنهنڪري هو ئي هڪ اهڙو ماڻهو آهي، جنهن جي وزير اعظم ٿيڻ سان ملڪ جي ترقيءَ کي پر لڳي ويندا ۽ ان کان پوءِ ان ترقيءَ کي ڪير روڪي نه سگهندو. ميِڊيا کان وٺي هر اداري جي سهولت کي ملندي رهي. اينڪر پرسن سندس واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪندا رهيا ۽ اهو تاثر ڏنو ويو ته جيڪڏهن هن ڀيري هو وزير اعظم نه ٿيو ته ملڪ تباهه ٿي ويندو. پر سندس وزير اعظم ٿيندي ئي ملڪ جي جيڪا تباهي ٿي، اها سڀني جي آڏو آهي. اصل ۾ تبديليءَ جو هاڻوڪ تجربو رڳو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار کان پري ڪري انهن کي تڪليف پهچائڻ هو، جنهن ڪري عمران خان نيازي به اڳوڻي آمر پرويز مشرف وانگر احتساب جو نعرو کڻي آيو پر نه احتساب ٿي سگهيو ۽ نيب جو اڇو هاٿي سياستدانن کي بنا ڪنهن ثبوت جي جيلن ۾ واڙيندو رهيو پر نه پئسي جي اوڳاڙي ٿي سگهي ۽ نه ئي نيب سوڀارو ٿي سگهيو. پر هاڻوڪي تبديليءَ جو تجربو ماڻهن بدران “ڪمپني بهادر” جي مرضيءَ سان ٿيو هو.
پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي ڇا ڏنو:
پي ٽي آءِ حڪومت ساڍن ٽن سالن تائين اقتدار جا مزا ماڻيندي رهي پر هن عوام کي ڪو رليف ڪونه ڏنو. ڇاڪاڻ ته ان سڄي عرصي دوران معيشت پنهنجن پيرن تي بيهي ڪانه سگهي. جنهن جي ڪري نه رڳو ملڪ ۾ مهانگائي وڌي پر بيروزگاريءَ ۾ پڻ واڌ ٿي وئي. عمران خان نيازي ان عرصي دوران پنهنجا معاشي ماهر ۽ وزير تبديل ڪندو رهيو پر ڪنهن به وزير ٻوٽو نه ٻاريو، جنهن جي نتيجي ۾ عوام لاءِ عام واهپي جون شيون پڻ مهانگيون ٿي ويون. عوام کي حڪومت مان جن شين جي اميد هوندي آهي، جڏهن اهي نه ملي سگهن ته پوءِ انهن جو وزير اعظم ڪيترو به ايماندار هجي ان سان ڪو فرق نٿو پوي. جيڪا ايمانداري عوام کي حالتن کي بهتر نٿي ڪري سگهي، اها عوام لاءِ فقط پريشانيون آڻيندي آهي.
ملڪي معيشت جي تباهي:
جڏهن به پي ٽي آءِ حڪومت کان اهو سوال ڪيو ويندو هو ته اها ملڪي معيشت کي بهتر نه پئي ڪري ته ان پهريون جواب اهو هوندو ته اها سڀ اڳوڻين حڪومتن جون غلطيون آهن ۽ ٻيو جواب اهو هوندو هو ته ڪورونا اچي ويو. ڇا پي ٽي آءِ حڪومت کي اها خبر نه هئي ته انهن کي معيشت ڪهڙي حالت ۾ ملي هئي، جيڪڏهن انهن کي اهو اندازو هو ته معيشت ايتري خراب حالت ۾ آهي ته پوءِ انهن کي حڪومت ۾ اچڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته جيڪا حڪومت ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي. ڊالر جي ڊوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪجهه نٿي ڪري ته پوءِ اها ٻيا معاملا به هلائڻ جي لائق نه هئي. تنهنڪري ملڪي معيشت جيڪا نواز شريف جي دور ۾ بهتر حالت ۾ هئي ۽ ان جي ڊي پي 5 تائين وڃي پهتي هئي، اها سُسي 1 کان گهٽ ٿي وئي.
اسيبشلمينٽ سان معاملا:
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان نيازي اسٽيبلشمينٽ جي مدد کان سواءِ اقتدار نه پئي ماڻي سگهيو. تنهنڪري کيس نه رڳو مختلف پارٽين مان ماڻهو ٽوڙي سندس پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايا ويا پر جيڪي آزاد اميدوار هئا، انهن کي به جهانگير ترين جو جهاز ڪم آيو. ڇو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ سادي اڪثريت به پي ٽي آءِ وٽ ڪانه هئي، تنهنڪري اهي سڀ معاملا عمران خان نيازيءَ کي ڄڻ ته هڪ پليٽ ۾ سجائي پيش ڪيا ويا. پر معاملا ان وقت خراب ٿيا، جڏهن هن ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري واري معاملي تي گوٿنات شروع ڪري ڏني، جنهن جي ڪري گذريل سال آڪٽوبر واري مهيني کان جيڪا صورتحال جڙي رهي هئي، ان مان اندازو ٿي رهيو هو ته هو جنهن هڪ پيج جي ڳالهه ڪندو رهيو هو، اهو ڦاٽي چڪو هو ۽ ان کان سواءِ سندس ڪيل سڀئي غلطيون اسٽيبلشمينٽ جي کاتي ۾ پئي ويون. ماڻهن کليل نموني فوج خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو. جنهن جي ڪري معاملا ايترا ته اڳيان نڪري ويا جو اسٽيلشمينٽ کي نيٺ پنهنجو پاند هڪ نا اهل حڪومت کان آجو ڪرائڻو پيو.
عمران خان جون غلطيونِ:
ظاهر آهي ڪابه حڪومت رات پيٽ ۾ ڪونه ڪرندي آهي، اها هڪ عمل مان گذرندي آهي، اها سياسي غلطيون ڪندي آهي ۽ پوءِ غلطين مٿان غلطيون ڪندي آهي. جنهن جي ڪري ان جي زوال جو دور شروع ٿي ويندو آهي. عمران خان نيازيءَ جي سڀ کان وڏي غلطي غير جمهوري روين کي جمهوري سمجهڻ هو. ان کان پوءِ پارليامينٽ کي غير ضروري فورم سمجهي سڄو زور آرڊيننس جاري ڪرڻ تي هو. ان کان سواءِ اپوزيشن پارٽين خلاف اجائي واويلا ڪري انهن خلاف گار گند ڪرڻ هو ۽ تنهن کان سواءِ تازو ئي پيڪا جهڙا عوام دشمن آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ ان کان به اهم ترين ڳالهه پنهنجي خلاف آيل تحريڪ عدم اعتماد کي نه قبولڻ هو، جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ به حڪم ڏيندي اسيمبلي بحال ڪري ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو هو پر تنهن هوندي به هن ان سڄي عمل کي بلڊوز ڪيو. جيڪڏهن هو جمهوري رويا اختيار ڪري ها ۽ “ڪمپني بهادر” جي خاص ماڻهو تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي پارٽي ۽ عوام تي ڀاڙي ها ته اڄ کيس اقتدار مان ائين ٻاهر نه ٿيڻو پوي ها. پر هن پنهنجي اجائي هٺ ذريعي پنهنجو اقتدار وڃائي ڇڏيو. شڪست رڳو پوئتي هٽڻ جو نالو ناهي بلڪه شڪست مقابلو نه ڪرڻ جو نالو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو حالتون ڏسي پويان هٽي ٿو ته هو پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ بهتر نموني تياري ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو آهي پر هو رڳو اهو ئي چوندو رهيو ته مون ڪڏهن هارائڻ ناهي سکيو پر ڪالهه نيٺ کيس شڪست اچي وئي.
هن سڄي مشق مان ڇا وريو؟
ملڪ ۾ پارٽيون ٺاهڻ، انهن کي اقتدار تائين پهچائڻ هن ملڪ ۾ پراڻي روايت رهي آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي سياسي اڳواڻ طور تيار ڪري ان حوالي اقتدار ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ جي فيڪٽريءَ جو ڪم آهي. جيڪا عمران خان نيازي جهڙا ماڻهو عوام جي مٿان مڙهي سموري جمهوري نظام کي هڪ هائبرڊ نظام ۾ تبديل ڪندي رهي آهي. هاڻُوڪي تجربي مان گهٽ ۾ گهٽ اهو سکڻ جو موقعو مليو آهي ته جڏهن سياست جي ميدان ۾ ههڙا تجربا ٿيندا رهن ۽ اسٽيلشمينٽ پنهنجو سڄو زور ۽ وسيلا رڳو هڪ ماڻهوءَ لاءِ ڪتب آڻي سياسي ڪلچر کي گندو ڪري ڇڏي ته پوءِ اتي عمران خان نيازي جهڙا ماڻهو ليڊر طور سامهون اچي ويندا آهن، جيڪي سياست ۾ اچي پنهنجا ذاتي پلاند ڪندا آهن ۽ ان کي عالمي سازش قرار ڏيندا آهن. تنهنڪري سياست ۾ اهڙيون سازشون بند ٿيڻ گهرجن. هن وقت جڏهن اسٽيلشمينٽ اهو چئي رهي آهي ته اسان کي سياست ۾ نه گهليو ۽ پنهنجا معاملا پاڻ حل ڪريو ته اهو سلسلو وقتي نه هجڻ گهرجي بلڪه لاڳيتو هجڻ گهرجي. سياستدانن کي پنهنجا معاملا پاڻ حل ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي. ماڻهن کي حق ڏجي ته اهي آزاد چونڊن ۾ جنهن کي به چونڊين. تنهنڪري ملڪ کي ڪنهن هائبرڊ نظام وسيلي نٿو هلائي سگهجي بلڪه هڪ بهتر جمهوري نظام. مضبوط آئين ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت وسيلي هلائي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button