
سپريم ڪورٽ، اسلام هاءِ ڪورٽ ۽ اهم ادارو اکيون نه ڏيکاري ها ته شايد عمران خان وزير اعظم هائوس به خالي نه ڪري ها ۽ ان اهم عهدي سان چنبڙيل رهي ها، جن اهي اڳڪٿيون ڪيون ته عمران خان Graceful هجڻ جو ثبوت ڏيندي استعيفا ڏئي گهر هليو ويندو، انهن کي تمام گهڻي مايوسي ٿي. شايد دنيا جو هي پهريون ۽ آخري مثال هوندو، جنهن دوران ڪنهن ملڪ جو وزير اعظم ايترو اقتدار سان چاهه رکندو هوندو. جڏهن ڳالهه پڌري ٿي وئي ته عمران خان ايوان ۾ اڪثريت وڃائي ويٺو ته هن کي خاموشي سان گهر هليو وڃڻ گهربو هو. هي ته جمهوري روايتون آهن ته جيڪڏهن ايوان جو سربراهه اڪثريت وڃائي ويهي ته ان کي هليو وڃڻ گهرجي، پر اهڙي وزيراعظم کان خبر ناهي ته ڪيئن اميد ڪئي وئي ته هو هن جو مزاج graceful ٿي سگهي ٿو. هي اهو ساڳيو شخص آهي، جنهن دعوائون ڪيون پئي ته هن سموري دنيا ڏٺي آهي ۽ اولهه جي ملڪن کي جيترو هو سمجهي ٿو، اوترو شايد ڪوبه نه سمجهندو هوندو. انهن مڙني دعوائن جي باوجود عمران خان جو رويو انتهائي افسوسناڪ، غير جمهوري ۽ ايستائين جو ملڪ جي اعليٰ عدليا جي فيصلي جي خلاف رهيو. اهي جن سمورو ڏينهن بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ جو انتظار ڪيو، اهي رات جو 12 هين وڳي تائين ٽي وي اسڪرينن تي نظرون کپائي ويٺل رهيا پر مجال آهي جو ان جمهوري عمل کي مڪمل ڪيو ويندو هجي ها. اهي خبرون به آيون ته عمران خان کي وزير اعظم هائوس مان نڪرڻ جو اشارو ڪيو ويو، ڪابينا جو سڏايل اجلاس به ملتوي ڪيو ويو. ان سان گڏ ڪجهه سنجيده نوعيت جا افواهه به سامهون آيا، ان حوالي سان جڏهن هڪ غير ملڪي خابرو اداري خبر شايع ڪئي ته آءِ ايس پي آر ان جي ترديد به ڪري ڇڏي ۽ ان اسٽوري کي صحافتي اخلاقيات جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. اسٽوريءَ ۾ هڪ هيليڪاپٽر ۽ ان ۾ سوار اهم عملدارن جو ذڪر ڪيو ويو. اهو چيو ويو ته دفاع جي وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري نه سگهي، جيڪڏهن جاري ٿي وڃي ها ته خبر ناهي ڇا ٿئي ها. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي به ان چرپر جي کڙڪ پئجي وئي. ان ڪري جيڪڏهن اهڙي نوعيت جو نوٽيفڪيشن سامهون اچي ها ته عدالت ان کي معطل ڪري ڇڏي ها. جنهن وقت عمران خان جو ضد سامهون آيو، ان ويل ملڪ جو سمورو وهنوار ٺپ ٿي ويو، جنهن تي اهم ادارن ۾ ڳڻتي واري لهر به ڏسڻ ۾ آئي. عمران خان جي حوالي سان اهي خبرون به اينديون رهيون ته هن مخالف ڌر کي ٻڌائي ڇڏيو ته اها نين چونڊن جو فارمولو قبول ڪري، ٻي صورت ۾ مارشل لا ايندي.
قومي اسيمبليءَ جي ايوان کي جيترا ڀيرا ملتوي ڪيو ويو ۽ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر دڙڪا کائيندا رهيا، انهن ايوان کي مصروف رکڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي اڳوڻن وزيرن کي ڊگهيون ڊگهيون تقريرون ڪرڻ جي ڇوٽ ڏني، جنهن مان اندازو ٿيو پئي ته اهي اجائي سرگرمي ڏيکاري رهيا آهن. هنن جيڪي الزام مڙهيا پئي، انهن مان محسوس ٿيو پئي ته ڄڻ انهن ساڍن ٽن سالن جي حڪمراني دوران ڪي وڏا تير هنيا هجن. هو “مينهن چئي ڍڳي کي هل پڇ ڪاري” واري چوڻي تي پورا لٿا پئي. جيڪڏهن انهن جي ڪا چڱي ڪارڪردگي هجي ها ته حڪمرانن کي نه ئي بي اعتمادي رٿ جا ڏينهن ڏسڻا پون ها، نڪي وري عوام انهن کي ڌتڪاري ڇڏي ها. ان جي باوجود جمهوري عمل کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. عمران خان جي حڪومت کي هائبرڊ رجيم جو طعنو ته اڳ ئي ملي چڪو هو، پر هاڻ ته رهيل ڪسر به پوري ڪئي وئي. عالمي قوتون جن عمران خان جي جمهوريت تي طنز ڪئي هئي، هاڻ هو پاڻ انهن کان بدلو وٺڻ لاءِ عجيب نيريٽو جوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه پئي آئي ته ماضي ۾ کاٻي ڌر جي سمورين پارٽين آمريڪا مخالف نيريٽو تي سياست ڪئي، پر عوام ڪا گهڻي موٽ نه ڏني. ان کانپوءِ آمريڪا جي ڊالرن تي وڌي وڏيون ٿيندڙ پارٽيون، خاص ڪري جهادي تنظيمن به اينٽي آمريڪا نيريٽو کي اپنائڻ شروع ڪيو، پر انهن جو حال به ساڳيو ٿيو. عمران خان، جنهن جي قربت جماعت اسلامي جهڙين پارٽين سان رهي، نه فقط انهن پارٽين کي اڪيلائپ کي منهن ڏيڻو پيو، پر اهي سڀ ناڪام ٿيون. آمريڪا مخالف نيريٽو ڪو گناهه ناهي، نه ئي هجڻ گهرجي، پر جڏهن پارٽيون Rootless ٿي وڃن، اهي عوام جي اشوز تي سياست ڪرڻ بدران هوا ۾ اڏامڻ شروع ڪن ته اهڙو حشر ٿيندو آهي، جهڙو عمران خان جو ٿيو. حب الوطني ۽ غداريءَ جو جهيڙو ملڪ جي تاريخ ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر اهو طئي نه ٿيو آهي ته ان جهيڙي جو معيار ڪهڙو آهي؟ ملڪ جا سمورا شهري يا اڪثريت محب وطن ئي آهن، انهن جي وفاداريءَ تي ڪو شڪ به ڪري نٿو سگهجي ۽ نه ئي وري هي اهڙو نيريٽو آهي جنهن تي سياست جو بنياد رکي سگهجي ٿو. سياست جو بنياد عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن عمران خان جهڙو وزير اعظم اهو چئي ته هو ان ڪري ان عهدي تي فائز نه ٿيو آهي ته هو پٽاٽن ۽ بصرن جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري. ان کان وڌيڪ ڪا بي حسي ٿي سگهي ٿي؟ عام ماڻهو بک مرڻ تي مجبور آهي، انهن جو پيٽ پٺيءَ سان لڳي چڪو آهي، مهانگائي ۾ سو ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي، آپگهات جي واقعن ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ جا حڪمران چون ٿا ته اسان ته اسلامي امت جي اڳواڻي ڪرڻ آيا آهيون، انهن کان ڪو پڇي ته توهان کي ڪنهن مينڊيٽ ڏنو آهي؟ هو 22 ڪروڙ عوام کي سنڀالي نٿا سگهن ۽ هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جي اڳواڻي جون هامون هڻن ٿا. هنن پنهنجو سياسي قد ڪاٺ ڏٺو آهي ته هو ڪيترا قداآور سياستدان آهن ۽ عالمي برادري انهن لاءِ ڪهڙي راءِ رکي ٿي؟
ملڪ جو سياسي ڪلچر جيڪو انتهائي گدلو ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان جي پاسپورٽ کي ڏسي دنيا وارن جو منهن لهي وڃي ٿو. ان جي باوجود اسان جا حڪمران اوڀاريون لهواريون ڪن ٿا. ملڪ جو اميج اهو ئي ٺاهيو ويو آهي، ان ڪري پاڪستان سان ڪوبه ملڪ وهنوار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
قومي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ جنهن وقت عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ٿي، ان کان پوءِ شهباز شريف جو هي چوڻ غلط نه هو ته هو حڪومت ۾ اچي ڪنهن کان به بدلو نه وٺندا، پر قانون پنهنجو رستو پاڻ ڪڍندو. اها به حقيقت آهي ته ملڪ ۾ بدلو وٺڻ واري سياست تمام گهڻي ٿي وئي، ملڪ جو سياسي ڪلچر به انتهائي گدلو ٿي ويو آهي، جنهن کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو گهاٽي ۾ رهيو آهي ته اهو ملڪ جو عوام آهي، جنهن جي حالت انتهائي خراب ٿي چڪي آهي. روزگار جا وسيلا ختم ٿي ويا آهن، نون ايندڙ حڪمرانن کي مهانگائيءَ کي ختم ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي ضرورت هوندي، ان سان گڏ چونڊ سڌارن کان وٺي ٻين سياسي سڌارن جي ضرورت آهي، جيئن ايندڙ چونڊون صاف ۽ شفاف ڪرائي سگهجن. عالمي مالياتي ادارن سان به ڪي سٺا واسطا نه رهيا آهن، نه ئي وري عالمي سفارتي لاڳاپا بهتر رهيا آهن. ملڪ کي اڪيلائيءَ مان ڪڍڻ به انتهائي ضروري آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جي آهي، ائين نه ٿئي ته نيب جهڙن ادارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر غلط استعمال ڪيو وڃي، ان حوالي سان جسٽس مقبول باقر جي فتويٰ به انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته نيب کي مخالفن کان بدلي لاءِ استعمال ڪيو ويو. ان ڪري هاڻ کان ئي هي تجويزون اچي رهيون آهن ته نيب کان گرفتاريءَ جو اختيار کسيو وڃي ۽ عدالت کي ئي اهو حق هجي ته ڪنهن به جوابدار جي گرفتاريءَ جو فيصلو ڪري. ماضي ۾ خورشيد شاهه سميت اهڙا ڪيترائي اڳواڻ هئا، جن کي ٻن ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ جيلن ۾ رکيو ويو ۽ ضمانت به نه ڏني وئي. هي ته بنيادي انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. ان سان گڏ نيب جي قيد خانن مان ايستائين جو پروفيسرن ۽ هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر جو به لاش مليو. هي سڀ ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته هي ادارو آمريت جي علامت آهي، جنهن ۾ وڏي پئماني تي سڌارن جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن نئين ايندڙ حڪومت، جنهن جا عهديدار انتهائي سينيئر به آهن ۽ انهن کي حڪمرانيءَ جي داءُ پيچن جي خبر به آهي، انهن کي بهتر حڪمراني قائم ڪرڻ سميت انتهائي اهم معاملن تي ڪم ڪرڻو آهي، جيڪڏهن انهن هڪٻئي کي برداشت ڪيو ته هي گڏيل حڪمرانيءَ جو ڪامياب ماڊل هوندو. جيڪڏهن سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ نه هوندو ته پوءِ عمران خان جهڙا حڪمران هن ملڪ جو مقدر هوندا. اهڙا حڪمران جيڪي خوابن ۽ خيالن ۾ رهن ٿا، جن کي بصرن ۽ پٽاٽن جا اگهه به معلوم ناهن، نه ئي وري عام ماڻهو جي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙن حڪمرانن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟