
انسان جي بنيادي فطري جذبن مان هڪ ساڙ جو جذبو به آهي، جيڪڏهن اوهان کي ٿورو به ڪنهن کان ساڙ ٿئي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان پنهنجي باري ۾ تمام گهٽ سوچي رهيا آهيو. هڪ ساڙ ساڙيو ماڻهو خوداعتمادي وارو ڏيک ڏيندو آهي، ڇو ته ان قسم جا ماڻهو ائين ورتا ڪندا آهن، ڄڻ ڪنهن فوج جو جرنيل دشمن تي حملو ڪندو هجي. انهن کي اها پوري ڄاڻ هوندي آهي ته کين ڇا گهرجي ۽ ان کي ماڻڻ لا وحشين جيان وڙهندا آهن. اهي پنهنجي ساٿين تي ائين حڪم هلائيندا آهن، ڄڻ اهي ٻار هجن. هڪ ساڙولي ماڻهوءَ کي ڪنهن به ثبوت جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي ثبوت سمجهندو آهي.
عام طور ته اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته ساڙ ڪرڻ انسان ۾ فطري جذبو آهي، اوهان ڀلي دنيا ۾ ڪٿي به وڃو اوهان کي ساڙ وارو جذبو پوري شدت سان ملندو. هڪ سلجهيل ماڻهو ۾ به ايترو ئي ساڙ ملندو جيترو ڪنهن جهنگ ۾ رهندڙ ماڻهو ۾. خوبصورت ماڻهو ءَکي به پاڻ کي وڌيڪ ڌيان پنهنجي ساٿي تي ملڻ تي ايترو ئي ساڙ ٿيندو آهي، جيترو ڪنهن گهٽ خوبصورت ماڻهوءَ کي ٿيندو آهي. ساڙ رڳو هڪ بالغ مرد يا عورت وچ ۾ نه پر گهڻو ڪري ڀيڻن ۽ ڀائرن ۾ به ٿيندو آهي. هابيل ۽ قابل وارو قصو ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ساڙ جو سڀ کان مشهور مثال آهي. (Hauck Paul Dr.، 1987)
ساڙ هڪ اهرو ڳتيل جذبو آهي جنهن ۾ شڪ کان ويندي ڪاوڙ ۽ خوف کان ويندي بي عزتيءَ جي احساس وارا جذبا اچيو وڃن. اهو جذبو هر عمر، جنس ۽ نسل جي ماڻهن ۾ ٿيندو آهي ۽ هي جذبو پنهنجي عروج تي تڏهن پهچندو آهي، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ مان اهو خطرو ٿيڻ لڳي ته هن جي ڪري سندس شادي يا عشق متاثر ٿي رهيو آهي. نفسياتي ماهرن جي تحقيق موجب حد کان وڌيڪ ساڙ جا ڪجهه بنيادي سبب ڄاڻايا آهن جن ۾ پنهنجي ذات تي اعتماد نه هجڻ، ٻين تي مالڪي وارو احساس (possessiveness) خاص ڪري پنهنجي جنسي ساٿي جي حوالي سان، ۽ اڪيلي رهجي وڃڻ جو خوف اهم سببن طور ڄاڻايل آهن.(https://www.psychologytoday.com)
انهن سڀني سببن مان وري سڀني کان اهم سبب اڪيلي رهجي وڃڻ وارو خوف آهي، جنهن جي ڪري ماڻهوءَ ۾ ساڙ وارو جذبو وڌيڪ اڀري ايندو آهي. اهي ماڻهو جن کي اهو خوف هوندو آهي. اهڙن عملن ۽ ڳالهين جو اظهار ڪرڻ لڳندا آهن، جن سان سندن رشتا متاثر ٿيندا آهن. ان جي نشانين ۾ هڪدم رشتن جي ٽٽڻ يا الڳ ٿيڻ وارن جذبن ۾ اڀار، پنهنجي ساٿي سان سچي هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ، هر وقت ساٿي کي خوش رکڻ، اهو محسوس ڪرڻ ته اوهان پيار ۽ ڌيان جي لائق نه آهيو، جهڙيون ڪيفيتون وڌي وينديون آهن. (https://www.verywellmind.co/)
حنيف قريشي جي تازي ناول “دي نٿنگ” جو مک ڪردار به ڪجهه اهڙين ڪيفيتن ۾ ورتل ڏکاريل آهي.
ليکڪ جو تعارف:
پاڪستان ڄائو برطانوي ليکڪ حنيف قريشي افسانوي ادب جي حوالي سان هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. Faber & Faber جي ڏنل تعارف موجب حنيف ڪينٽ ۾ وڏو ٿيو ۽ ڪنگس ڪاليج لنڊن مان فلسفي ۾ ڊگري ورتائين. هو هن وقت ڪنگسٽن يونيورسٽيءَ ۾ تخليقي ادب جو پروفيسر آهي. جڏهن ته سندس مشهور ناولن ۾ “دي بوڌا آف سب اربيه” دي وائيٽ بريڊ انعام ماڻيو. دي بليڪ البم، انٽيميسي ۽ دي لاسٽ ورڊ شامل آهن. جڏهن ته هن ڪيترائي ڊراما ۽ فلمن جا اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن ۽ هو بهترين اسڪرين پلي لا آسڪر ايوارڊ لاءِ پڻ نامزد ٿي چڪو آهي. قريشي جا ناول ۽ لکڻيون دنيا جي 36 ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن.
سندس هي ناول “دي نٿنگ” فيبر اينڊ فيبر سال 2017ع ۾ ڇپرايو ۽ هي ناول 167 صفحن جو آهي. سمورو ناول زمان حال ۾ لکيل آهي، جڏهن ته ان جو بيانيو ضمير متڪلم ۾ آهي ۽ ولڊو نالي ڪردار سموري ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. هن ناول جي حوالي سان دي ٽائيمز ۾ تبصرو آيو ته حنيف قريشيءَ جو هي مختصر پر بدلي جو تز ۽ دلچسپ قصو آهي.
اهڙي ريت هڪ ٻئي رسالي ۾ ان لا لکيو ويو ته گهري جنسي ساڙ ۽ بدلي جو قصو، جنهن کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي.
هن ناول جا چار اهم ڪردار آهن: هڪ ولڊو، هن جي زال زينب (زي)، زال جو عاشق ۽ ولڊو جو دوست ايڊي ۽ ولڊو جي دوست انيتا. جڏهن ته هن سموري قصي جو راوي ولڊو آهي، جيڪو پوڙهائپ جي ڪري پنهنجي لنڊن واري فليٽ جي ڪمري ۾ قيد آهي.
ولڊو (Waldo)جو ڪردار:
ولڊو پنهنجي زماني جو مشهور فلم ڊارئڪٽر آهي ۽ هاڻي ڪراڙپ ۽ ڪيترين ئي بيمارين جي ڪري لنڊن جي فليٽ ۾ هڪ ڪمري تي محدود ٿي چڪو آهي. هن پنهنجي فلمي ڪريئر ۾ بافتا جهڙو مشهور ايوارڊ به ماڻيو آهي. هو پنهنجي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته: “مان ڪنهن ڏينهن به مري سگهان ٿو، موت جو خيال مون کي تجسس ۾ وجهي جيئري رهڻ جو اتساهه ڏئي ٿو. مان هاڻي ماڻهن جا منهن نٿو ڏسي سگهان ۽ هڪ ڪن کان ٻوڙو به ٿي چڪو آهيان. زي مون کي بي اعتبارو، شڪي ۽ شين کي الٽي انداز ۾ ڏسڻ وارو مڙس سڏيندي آهي. اهو سچ آهي مون شين بابت تصور ڪندي پيسو ڪمايو آهي ۽ هن ڌرتي تي تصور ڪرڻ سڀني کان خطرناڪ آهي.”
ولڊو هڪ جنسي مريض آهي، جيڪو 60 ۽ 70ع وارن ڏهاڪن ۾ وڏو ٿي رهيو هو ۽ ان دور ۾ هو جنسي حوالي سان ويتر جنوني هو. جيئن هو پاڻ بابت ٻڌائي ٿو:
“مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته رڳو سيڪس ئي آهي ۽ ان حوالي سان ڪڏهن به ذاتيات ۾ نه پئو، ان حوالي سان سهپ رکو، ٻين کي مزو وٺڻ ڏيو. ترقيءَ سان ئي ٽيبوز جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. اوهين ڀلي ان تي ڪيترو به ڪم ڪريو پر اوهان سيڪس کي بي معنى نٿا ڪري سگهو ۽ اهو سيڪس نه پر پيار آهي جنهن مان مون کي ڪوفت ٿيندي آهي. مان سدائين ائين نه هئس، مون اجائي خيالي مردانگيءَ جي احساس هيٺ پاڻ کي گمراهه ڪيو….سمجهه ۾ نٿو اچي اهو ڪٿان آيو؟ شايد گهڻن اوڀر وارن کي ڏسندي، انهن مون کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته مون کي هر مائيءَ سان جنسي لاڳاپو رکڻو آهي پو اها ڀلي مون کي نه وڻندي هجي.”
هندستان جي هڪ دوري دوران جڏهن هو فلم ٺاهي رهيو هو ته زينب (زي) سان مليو، جيڪا اڳ ئي شادي شده هئي ۽ ان شادي مان کيس اولاد به هو، پر ولڊو سان هن کي عشق ٿي ويو. زي بابت ولڊو جو خيال آهي ته هن کي ممبئيءَ ۾ سندس مڙس سان گڏ ڏسندي ئي کيس اهو احساس ٿي ويو ته هو اها مائي هئي جنهن جي کيس ڳولا هئي ۽ ڪيترين شادين ۽ معشوقين جي ناڪاميءَ کانپو هو کيس ملي، زي ئي هن جي منزل هئي، هو ئي سندس ڳولا جو خاتمو هئي. هو زي سان ملڻ کان اڳ ڪنهن به مائيءَ سان ايترو خوش نه رهيو هو. زي هن جي زال، ما، ڀيڻ ۽ دوست بڻجي هن جي شخصيت کي پورو ڪيو.
هو ٻڌائي ٿو ته: “زي مخلص زال آهي. هو ئي اها مائي هئي جنهن جي مون کي سدائين ڳولا هئي. هن منهنجي لا پنهنجو ملڪ، مٽ مائٽ، ۽ مرس ڇڏيا هئا. هن هڪ ڀيري مون کي چيو: ڀلي مون ۾ مردانگي نه رهي تڏهن به هو مون سان پيار ڪندي رهندي.”
ان سڀ هوندي به جڏهن هن جي دوست جي گهر ۾ اچ وڃ وڌي ٿي ته ولڊو کي هن تي ۽ زي تي شڪ ٿئي ٿو. هڪ رات هن کي لڳي ٿو ته ڀر واري ڪمري مان زي ۽ ايڊي جي جنسي عمل جا آواز ٻڌي ٿو ۽ هن جي من ۾ ساڙ وارو جذبو پيدا ٿئي ٿو.
ايڊي هن جو دوست آهي، پر ولڊو موجب هو سندس ايڏو به گهرو دوست نه آهي، جيترو هو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ان هوندي به ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ٽيهن سالن جو واسطو آهي. جڏهن ته ولڊو کي هن جي ڪنهن به ڳالهه تي ڀروسو نه هوندو آهي. پيشي جي حساب سان ايڊي فلمي نقاد آهي. هڪ ڀيري غلطي سان ولڊو هن جي ڪم جي تعريف ڪري ٿو ۽ پو هو لاڳيتو ڇهن مهينن تائين سندس گهر جا چڪر هڻندو رهي ٿو. ايڊي کي لڳي ٿو ته هو ولڊو جي فلمي ڪم جي حوالي سان هڪ ماهر واري حيثيت رکي ٿو، پر ولڊو موجب اها سندس غلط فهمي آهي ۽ هن لا چئي ٿو: ڪنهن جي هڪ ڀيرو تعريف ڪري ڇڏيو اهو هميشه لا اوهان جو ٿي ويندو. جيئن ئي ولڊو کي اهو احساس ٿئي ٿو ته ايڊي ۽ زي جنسي لاڳاپي ۾ آهن ته هو ڳجهي ڪميرا سان زي جي هر چر پر تي نظر رکڻ لڳي ٿو.
ولڊو جي شخصيت جو هڪ پاسو اهو به آهي ته هو ڀڃ ڊاهه ڪندڙ Manipulative آهي ۽ ڊارڪ سائيڪالاجيءَ جو استعمال ڪري ٿو. ڊارڪ سائيڪالاجيءَ جي حوالي سان آرٿر هارن ڄاڻائي ٿو ته ڊارڪ سائيڪالاجي پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جي ذهنن کي قابو ڪرڻ، برئين واشنگ، انهن تي اثرانداز ٿيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي لا هڪ سگهارو هٿيار هوندي آهي.Manipulation ماڻهن جي روين ۽ سوچ کي قابو ڪرڻ جو نالو آهي جنهن دغابازي، گار گند ڪرڻ جهڙا جز استعمال ڪيا ويندا آهن جيئن ڀڃ ڊاهه ڪندڙ پنهنجي ذاتي مفادن کي حاصل ڪري سگهي. (Horn Arthur، 2019)
Manipulation کي وڌيڪ ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هاڪاري ڀڃ ڊاهه ۽ ناڪاري ڀڃ ڊاهه ۽ ان ۾ وري ٻه مک جز هوندا آهن، پهريون پنهنجي ڪاوڙ ۽ خراب ارادن کي لڪائڻ جي صلاحيت جو هجڻ ۽ ٻيو ماڻهن جو دماغ پڙهڻ جي صلاحيت. ڀڃ ڊاهه ڪندڙ کي ماڻهن جي ڪمزورين جي خبر هجڻ به ضروري آهي، ان ڪري کين ماڻهن کي ۽ انهن جي ارادن کي پرکڻ ۾ تمام گهڻي صلاحيت وارو ٿيڻو پوندو آهي. (Stanton Emilie, 2020)
ڊارڪ سائيڪالاجيءَ جو سمورو دارومدار انساني ذهن سان گڏ جذبي ۽ سوچڻ جي طريقي کي بدلائڻ تي هوندو آهي ته جيئن ماڻهو اهڙو ڪم ڪن يا اهڙي طريقي سان سوچين جن جو هنن وٽ پنهنجو ڪو به دليل نه هجي. ڀڃ ڊاهه ڪيترن ئي مختلف طريقن سان ڪري سگهجي ٿي. (Raye Moneta، 2021) )هلندڙ)